منھنجي شاعري ناھيان رانديڪو مان اي ابنِ آدم ساھ مون ۾ دکي ٿو اڃان _______________________________ ڪو تڪي ٿو جسم منھنجو ۽ ڪو سور منھنجا لکي ٿو اڃان ڪو کڻي ٿو ڪات ڪهاڙا مون مٿان ۽ ڪو پير منھنجا چمي ٿو اڃان ڪو ماري ٿو مونکي ڪاريءَ ڪري ۽ ڪو پيار منھنجي ۾ مري ٿو اڃان ڪو رئاري ٿو مونکي روز عزيز ۽ ڪو مرڪ منھنجي تي جيئي ٿو اڃان عبدالعزيز سمون