ناھيان رانديڪو مان .....

عبدالعزيز سمون

سينيئر رڪن
منھنجي شاعري

ناھيان رانديڪو مان اي ابنِ آدم
ساھ مون ۾ دکي ٿو اڃان
_______________________________
ڪو تڪي ٿو جسم منھنجو
۽ ڪو سور منھنجا لکي ٿو اڃان

ڪو کڻي ٿو ڪات ڪهاڙا مون مٿان
۽ ڪو پير منھنجا چمي ٿو اڃان

ڪو ماري ٿو مونکي ڪاريءَ ڪري
۽ ڪو پيار منھنجي ۾ مري ٿو اڃان

ڪو رئاري ٿو مونکي روز عزيز
۽ ڪو مرڪ منھنجي تي جيئي ٿو اڃان

عبدالعزيز سمون
 
Back
Top