محبت و عقيدت جو سفر

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    محبت و عقیدت جو سفر. حضور صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم جي وصال کان پوءِ صدمي وچان سیدنا بلال رضی اللہ عنہ مدیني جي گهٽين ۾ هي چوندو پئي گهميو ته توهان ڪٿي رسول اللہ صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم کي ڏٺو آهي، مونکي به ڏيکاريو،آقا ﷺ کان سواءِ هاڻي مديني ۾ رهڻ دشوار آهي............ آخرڪار مدينو ڇڏي شام جي شهر حلب هليو ويو. مديني شريف جا ماڻهو سندس وڃڻ تي اداس ٿي ويا. اٽڪل ڇھ مهينن بعد کيس آقا صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم جي خواب ۾ زیارت نصیب ٿي ته پاڻ صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم فرمائي رهيا هئا:
    ما هذه الجفوة، يا بلال! ما آن لک أن تزورنا؟
    ’’اي بلال! هي ڪهڙي بي وفائی آهي؟ (تو اسان سان ملڻ ڇڏي ڏنو )، ڇا اسان جي ملاقات جو وقت نه آيو آهي ؟‘‘
    خواب مان اٿندي ئي ڏاچيء تي سوارٿي لبیڪ! یا سیدی یا رسول اﷲ!چوندي مدینہ منورہ جو رخ ڪيائين. جڏهن مدینہ منورہ ۾ داخل ٿيو ته سڀ کان اول مسجدِ نبوی پهچي، وڏي محبت و عقيدت، والهانه انداز ۾ سڄي مسجد ۾ هجرن ۾، آقا ﷺ کي ڳولڻ لڳو. آخرڪار پاڻ صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم جي قبر انور تي ويهي روئندي عرض ڪيو، توهان ته مون سان ملاقات جي لاء حڪم ڪيو، مان حلب مان اچي حاضر ٿيو آهيان: ائين چئي روئندي روئندي بي هوش ٿي مزارِ پُر انوار جي ڀر ۾ ڪري پيو. ڪافی دير کان پوءِ هوش ۾ آيو. مدينو ننڍو هو ايتري ۾ حضرت بلال رضه جي اچڻ جي خبر سڄي يثرب ۾ باھ وانگر پکڙجي وئي. مؤذنِ رسول حضرت بلال رضی اللہ عنہ آيا آهن. مدینہ طیبہ جا پوڙها، جوان، مرد، عورتون ۽ ٻار اچي گڏ ٿيا. نماز جو وقت پئي ٿيو، سڀني گڏجي عرض ڪيو سڳورا بلال! هڪ دفعو اها اذان ٻڌايو جا محبوبِ اللہ صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم جي زماني میں چوندا هئا. ۔ پاڻ رضی اللہ عنہ فرمایو : مان معذرت خواہ آهيان، مان نہ پڙهي سگهندس، ڇو ته مان محبوب ﷺ جي نالي وقت کين نه ڏسي انتهائي ملول ٿيندس. اصحابن سڳورن ماڻهن کي صلاح ڏني ته حسنین ڪریمین رضی اﷲ عنہما کان شفارش ڪرايو. اُهي حضرت بلال رضی اللہ عنہ کي اذان لاء چوندا ته هو انڪار نہ ڪري سگهندو. چنانچہ امام حسین رضی اللہ عنہ آيا، حضرت بلال رضی اللہ جو هٿ پڪڙي فرمايائون :
    يا بلال! نشتهی نسمع أذانک الذی کنت تؤذن لرسول اﷲ صلی الله عليه وآله وسلم فی المسجد.
    ’’اي بلال! اڄ اسين توهان کان اها اذان ٻڌڻ گهرون ٿا جيڪا پاڻ ﷺ(اسان ناناجان) اللہ جي رسول صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم کي هن مسجد ۾ ٻڌائيندا هئا ‘‘
    هاڻي ته حضرت بلال رضی اللہ عنہ وٽ انڪار جي ڪا گنجائش نه هئي. سو ساڳي جاء تي بيهي اذان ڏنائون جتي حضور صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم جي ظاہری حیات ۾ بيهي ڏيندا هئا. پوءِ جي ڪیفیات جو حال ڪتبِ سير ۾ هينئن بيان ٿيل آهي:
    ’’جڏهن پاڻ رضی اللہ عنہ (بآوازِ بلند) اﷲ اکبر اﷲ اکبر چيو ، سڄو مدینہ منورہ گونججي پيو ( پاڻ جينئن جينئن اڳتي وڌيا جذبات ۾ اضافہ ٿيندو ويو )، جڏهن اشھد ان لا الہ الا اللہ ڪلمات ادا ڪيا ويا ته مديني جا ماڻهو بي اختيار روئندا ٻاهر نڪري آيا، ايتري قدر جو پردہ دار عورتون به گهران نڪري آيون (رقت و گريه زاري جو عجيب منظر هجي) گونج وڌي، جڏهن اشھد ان محمداً رسول اﷲ جي ڪلمات تي پهتو ته ماڻهن سمجهيو ته رسول اللہ صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم جن جو دور واپس اچي ويو. حضرت بلال شدت غم مان بي هوش ٿي ويو ڇو ته ممبر رسول تي محبوب نہ ڏٺائين...... اللہ اڪبر......... پاڻ سڳورن صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم جي وصال بعد مدینہ منورہ ۾ اُنهي ڏينهن کان وڌيڪ روئڻ وارا مرد و زن نہ ڏٺا ويا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو