• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آخر دل ڪنهن جو آ۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هڪ عورت جو مڙس دل جي بيماري ۾ مبتلا هو۔۔۔ مائي ڏاڍي پريشان هئي ۔ مڙس جي دل جا سمورا وال ڪم ڇڏي ويس۔۔۔ نيٺ ڊاڪٽرن سندس حياتي بچائڻ‌لاءِ عورت کي هن جي دل تبديل ڪرائڻ جو مشورو ڏنو۔۔ عورت اهو مشورو مڃيو۔۔ ۽‌ نيٺ سرجري ذريعي مرد جي دل تبديل ڪئي وئي۔۔۔
ڪجهه ڏينهن کان بعد مائي پريشاني واري حال ۾‌ ڊاڪٽر وٽ آئي۔۔۔۽ شڪايت ڪندي چيائين ته ڊاڪٽر صاحب منهنجو مڙس بلڪل بدلجي ويو آهي۔۔ پهرين جيڪو واعدو ڪندو هو پورو ڪندو هو پر هاڻي واعدا ته گهڻا ئي ڪري ٿو پر پورو هڪ به نه ٿو ڪري۔۔۔۔۔۔۔!
ڊاڪٽر هلڪي کِل سان چيو۔! محترمه، اوهان جي مڙس جي آپريشن وقت اسان وٽ‌ڪنهن عام ماڻهو جو دل۔۔۔ اسٽاڪ ۾ موجود نه هيو۔۔۔مان اوهان جي مڙس جو دل هڪ سياستدان جي دل سان مٽايو آهي۔۔۔ هاڻي ايئن ته ٿيڻو آهي ۔۔۔؟
 
جواب: آخر دل ڪنهن جو آ۔۔۔

هل چري، الله بچائي پاڪستاني سياستدان جي دل کان يا واعدي کان ۔۔۔ مائيءَ ويچاريءَ جي ته هڙ هلي وئي، اهو مڙس کيس ڪنهن مقصد خاطر مارائي نه ڇڏي ۔۔۔
 
سائين ڏاڍا ڪي ڏنگا آهيو هڪ ڌڪ ٻه شڪار۔ ۔ ۔ ۔ بس سائين ڇا ڪجي اها ئي دنيا آهي ۔

ڪنهن کي کنهن لاء روئندو ڏٺوسي
اکين مان پاڻي وهندي ڏٺوسين
مس مس ٺاهيو سين محبت جو گهرڙو
هڪ ئي ڌڪ ۾ ان کي ڊهندي ڏٺوسين
روئي روئي لکيا سين غزل تنها
ڪنهن بي وفا کي پڙهي کلندي ڌٺوسين
 
سائين ويچاري مائيءَ‌کي به شايد اهو ئي ڊپ هو۔۔۔ ;)
 
جواب: آخر دل ڪنهن جو آ۔۔۔

سائين ڏاڍا ڪي ڏنگا آهيو هڪ ڌڪ ٻه شڪار۔ ۔ ۔ ۔ بس سائين ڇا ڪجي اها ئي دنيا آهي ۔

ڪنهن کي کنهن لاء روئندو ڏٺوسي
اکين مان پاڻي وهندي ڏٺوسين
مس مس ٺاهيو سين محبت جو گهرڙو
هڪ ئي ڌڪ ۾ ان کي ڊهندي ڏٺوسين
روئي روئي لکيا سين غزل تنها
ڪنهن بي وفا کي پڙهي کلندي ڌٺوسين
هائو دا۔۔۔ اسان ڪونه ٿا کلون۔۔۔ پر اهو تنها آهي ڪير۔۔؟
 
جواب: آخر دل ڪنهن جو آ۔۔۔

هڪ عورت جو مڙس دل جي بيماري ۾ مبتلا هو۔۔۔ مائي ڏاڍي پريشان هئي ۔ مڙس جي دل جا سمورا وال ڪم ڇڏي ويس۔۔۔ نيٺ ڊاڪٽرن سندس حياتي بچائڻ‌لاءِ عورت کي هن جي دل تبديل ڪرائڻ جو مشورو ڏنو۔۔ عورت اهو مشورو مڃيو۔۔ ۽‌ نيٺ سرجري ذريعي مرد جي دل تبديل ڪئي وئي۔۔۔
ڪجهه ڏينهن کان بعد مائي پريشاني واري حال ۾‌ ڊاڪٽر وٽ آئي۔۔۔۽ شڪايت ڪندي چيائين ته ڊاڪٽر صاحب منهنجو مڙس بلڪل بدلجي ويو آهي۔۔ پهرين جيڪو واعدو ڪندو هو پورو ڪندو هو پر هاڻي واعدا ته گهڻا ئي ڪري ٿو پر پورو هڪ به نه ٿو ڪري۔۔۔۔۔۔۔!
ڊاڪٽر هلڪي کِل سان چيو۔! محترمه، اوهان جي مڙس جي آپريشن وقت اسان وٽ‌ڪنهن عام ماڻهو جو دل۔۔۔ اسٽاڪ ۾ موجود نه هيو۔۔۔مان اوهان جي مڙس جو دل هڪ سياستدان جي دل سان مٽايو آهي۔۔۔ هاڻي ايئن ته ٿيڻو آهي ۔۔۔؟
ٻيو ته سڀ صحيح آهي مست پر! جي دل ۽‌ جو دل واري مسئلي تي منجهي پيو آهيان، اصل ڪچي پاپڙ پڪي پاپڙ وانگر۔۔۔۔ جي دل ، جو دل ۔۔۔۔۔۔ جو راڳ آلاپيو اٿم پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچيم ته سياستدان جي دل هئي يا سياستدان جو دل هو۔۔۔۔ هل ڙي نثار ناز مستن جا گُفتا ڪڏهن به ڪونه سمجهي سگهندين۔۔۔۔۔۔ لڳي پيو ته مست هن وقت فُل مستيءَ ۾‌ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ انشا جي اُٺو اب ڪُوچ ڪرو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جو دل يا جِي دل ۔۔۔۔۔۔۔۔ گانا ڪيا۔۔۔۔
 
مست جون اهي غلطيون اوهان جهڙا پهرئين درجي جا صاحبِ قلم ئي پڪڙي سگهن ٿا۔۔۔
 
جواب: آخر دل ڪنهن جو آ۔۔۔

ادا سياستدانن سان ٿئي به ڏاڍي ٿي، مگر انهن کي به نڪ ئي ڪونهي۔
grinch-thumb.jpg
 
جواب: آخر دل ڪنهن جو آ۔۔۔

هل چري، الله بچائي پاڪستاني سياستدان جي دل کان يا واعدي کان ۔۔۔ مائيءَ ويچاريءَ جي ته هڙ هلي وئي، اهو مڙس کيس ڪنهن مقصد خاطر مارائي نه ڇڏي ۔۔۔
هل ڙي سائين نثار صاحب توهان جو کل ڀوڳ ۾ رازن تان پردو هٽائڻ ۔
 
Back
Top