• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڀڪو کنڀجي وارو وارو ...

هو ڏس آيو ڪارو انڌارو
سڀڪو کنڀجي وارو وارو
ڪهڙي ڪارڻ رڻ هن ٻاريو
ديس منهنجو آ هن ڇو کاريو
ديس ڌڻي بندوق ٿو تاڻي
دود ستم ٿي پيوٿو هاڻي
پوڙهو پيءُ يار پڪاري
ماءُ هو جيجل هنجون هاري
ڪنهنجا ڪهڙا نالا وٺان مان
زال به هن جي سوڳ چوان مان
ڪهڙي آزادي آ ورتي
جنهن ۾ امن نه آهي ڌرتي
ون يونٽ ۽ ايم آرڊي هئي
خون جو دريا وهندي جا وئي
ڪيئي ستم تو سنڌڙي ڪياجي
ياد ورائي ياد ڪيان سي
سنڌڙي منهنجي ڌرتي ننگ آ
ڪشمور کان پاپي جنهن جو دنگ آ
ساحل ڀي هي ديس جي دودن
جرڪي جوت سڏي پئي جوڌن
توسان ويڙه ورائي وڙهبي
گهاتو گهير انهي۾ گهڙبي
ملڪ منهنجي لئه هانڃو تون آن
مار پوي تو قهري ٿيو آن
مار پوي تو قهري ٿيو آن
 
Back
Top