رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
تون ته اڃا ڀي آهين اياڻو
_____________
تون ته اڃا ڀي آهين اياڻو
سوروٺي ڀي ڪين ٿين سياڻو
وقت وڃي پيو روز گذر ٿي
تنهنجو محنت سان ٿيو ماڻو
ڏيه سڄو هن آ ڏهڪايو
ويرن هاڻي ڪر تون ساڻو
گيس هي تنهنجي تيل به تنهنجو
غير ڦري ٿو تنهنجو ناڻو
بک افلاس ۾ تنهنجا ٻچڙا
غربت تو لئه ڄڻ آ گهاڻو
دشمن آيو ديس دروهي
تون ته اڃا ڀي آهين نماڻو
لبستم دائودپوٽه
_____________
تون ته اڃا ڀي آهين اياڻو
سوروٺي ڀي ڪين ٿين سياڻو
وقت وڃي پيو روز گذر ٿي
تنهنجو محنت سان ٿيو ماڻو
ڏيه سڄو هن آ ڏهڪايو
ويرن هاڻي ڪر تون ساڻو
گيس هي تنهنجي تيل به تنهنجو
غير ڦري ٿو تنهنجو ناڻو
بک افلاس ۾ تنهنجا ٻچڙا
غربت تو لئه ڄڻ آ گهاڻو
دشمن آيو ديس دروهي
تون ته اڃا ڀي آهين نماڻو
لبستم دائودپوٽه