رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اي زندگي تون بار ڇو لڳين ٿي
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اي زندگي تون بار ڇو لڳين ٿي
وڍيل ڪنهنوڻ جو ڏار ڇو لڳين ٿي
ڏک ڏيه سارو ٿي ويو غم ڪوئي آهي پيارو
هلندي حياتي اهڙي نادار ڇو لڳين ٿي
هتي ماڻهو مرگ ٿي ويا جيئرو نه ڪو جهان ۾
قبرن جون ڪئي قطارون آثار ڇو لڳين ٿي
انسان لاء انسان ٿي ويو وڏو آ بيمان
ماڻهو کي ماري ماڻهو مردار ڇو لڳين ٿي
ڪاڏي وئي آ قربت سڪ ساه ناه صحبت
جهڄندو رهي ٿو جهوري جهونگار ڇو لڳين ٿي
لبستم دائودپوٽه
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اي زندگي تون بار ڇو لڳين ٿي
وڍيل ڪنهنوڻ جو ڏار ڇو لڳين ٿي
ڏک ڏيه سارو ٿي ويو غم ڪوئي آهي پيارو
هلندي حياتي اهڙي نادار ڇو لڳين ٿي
هتي ماڻهو مرگ ٿي ويا جيئرو نه ڪو جهان ۾
قبرن جون ڪئي قطارون آثار ڇو لڳين ٿي
انسان لاء انسان ٿي ويو وڏو آ بيمان
ماڻهو کي ماري ماڻهو مردار ڇو لڳين ٿي
ڪاڏي وئي آ قربت سڪ ساه ناه صحبت
جهڄندو رهي ٿو جهوري جهونگار ڇو لڳين ٿي
لبستم دائودپوٽه