• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهل کان سواءِ سسئي جشن ملهائي اهو ڪيئن ممڪن آهي

چون ٿا اڄ آزادي جو ڏهاڙو آهي
جشن پيا ملهايا وڃن
هر طرف ترانن جي گونج آ
پر آئون ڪهڙي آزادي ملهايان
آئون ته اڄ به غلامي واري دور ۾ پئي جئان

منهنجا پنهنجا مونکان جدا آهن
هنن جو به اهوئي قصور آهي ته
هنن به آزادي جو خواب ڏٺو
ڇا آزادي جو خواب ڏسڻ گناهه آهي
photo.php

آزادي گهرڻ ايڏو جرم آهي ته
پوء هوء آزادي جا جشن ڇو پيا ملهائن
ڇا آزادي منهنجو حق ناهي
آزادي جا جشن ملهائڻ وارا،
اسان جي نعري کي ڏوهه ٿا سمنجھن
آڌي ڌاري اچن ٿا
چادر ۽ چوديواري جو تقدص پائمال ڪندين
مائرن جي هنج مان ڳڀرو جوان اغوا ڪري پيا وڃن
ڀينرن جي ڪونڌر ڀائرن جا چچريل لاش ٿا اچن
story.php

۽ هوء چون ٿا ته آزادي ملهايو
اسان جي گهرن ۾ صف ماتم ڇانيل آهي
۽ اسان جشن ملهايون

ڇا پنهل کان سواءِ...........
story.php

سسئي جشن ملهائي اهو ممڪن آهي؟
 
Back
Top