ڀوتاري ماستر ۽ ڀوتاري ووٽر! اسان وٽ هونئن ته ويسر ويڙهو ڪري ويٺل آهي، پر پوءِ به ڀانيون ٿا ته 2010/11 جي بجيٽ ۾ سنڌ جي ستونجاهه سيڪڙو ماڻهن جي پڙهيل هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جنهنجو مطلب اهو ٿيو ته سنڌ جي ماسترن، پروفيسرن، انجنيئرن، ڊاڪٽرن ۽ سياستدانن جو ستونجاهه سيڪڙو پڙهيل ۽ باقي ٽيتاليهه سيڪڙو ٺُپ ڪورو آهي. توڙي جو اسانجي مڃڻ يا نه مڃڻ سان ڪو فرق نه پوندو، پر پوءِ به اسان جي دل نٿي مڃي ته ڪو ائين هوندو. جيڪڏهن سنڌ جو ستونجاهه سيڪڙو عوام پڙهيل هجي ها ته جيل به ستونجاهه سيڪڙو خالي ۽ ٽيتاليهه سيڪڙو ڀريل هجن ها! پر هتي ته جيل گنجائش کان مٿي سٿيل آهن! جي سنڌ جا ماڻهو ستونجاهه سيڪڙو پڙهيل هجن ها ته ڪراچيءَ ۾ ”ون يونٽ“ قائم نه ٿئي ها ۽ حيدرآباد جا ڀاڱا نه ٿين ها! جي ستونجاهه سيڪڙو ماڻهو پڙهيل هجن ها ته بدين ۽ ٺٽي جي زمين ائين سمنڊ ڳڙڪائي نه ويو هجي ها! جي ستونجاهه سيڪڙو ماڻهو پڙهيل هجن ها ته نوڪرين جي ميرٽ جي ماءُ ائين نه مري ها! جي ستونجاهه سيڪڙو ماڻهو پڙهيل هجن ها ته ماڻهو موسمي ڏيڏرن کي هر دفعي ڏسي تاڙيون نه وڄائين ها! اسانکي ته ڪنهن به صورت ۾ نٿو لڳي ته ڪو سنڌ جا ستونجاهه سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن. ها، اڃان به سنڌ جو هر ماڻهو ستونجاهه سيڪڙو پڙهيل ۽ ٽيتاليهه سيڪڙو ڪورو هجي ته هجي! جيئن مثلن ڳوٺن ۾ هڻ کڻ ڊاڪٽر، انهن کي ڪورو چئبو ۽ وڏن شهرن ۾ خراب گُردي، ڏند ۽ اک جي علاج بجاءِ انساني عُضوا ڪڍڻ ۽ پيٽ ۾ ڪينچيون ۽ ٻيو سامان سبي ڇڏڻ وارا ڊاڪٽر (اسان ڪاسائي نٿا چئون) ستونجاهه سيڪڙو پڙهيل ٿي سگهن ٿا. يونيورسٽين جا پروفيسر ستونجاهه سيڪڙو پڙهيل چيا وڃن ٿا. انهن جون ڪيل ايجادون ۽ تخليق ڪيل نظريا چوريءَ جي ڊپ کان صندوقن ۾ بند ڪري رکيل آهن، ۽ پاڻ انهن جي مٿان نظر داريءَ لاءِ بنهه ٿوري پگهار تي ويٺل آهن، الائجي ستل آهن. اڪثر ماسترن ۾ اسانکي ستونجاهه سيڪڙو پڙهيلن ۽ ٽيتاليهه سيڪڙو ڪورن ۾ ڪو خاص فرق نظر ڪونه آيو. اهي جيڪا قوم تيار ڪري رهيا آهن، سا ڪهڙي ڪم جي؟ صرف ڀوتارن کي ووٽ ڏيڻ واري قوم تيار ڪندا وڃن! يعني ڀوتاري ووٽر! ڀوتارن جي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ وارن اهڙن ماسترن کي ”ڀوتاري ماستر“ چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن اهي ڀوتار ۽ سندن اهڙا ماستر رهيا ته ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ سئو سيڪڙو ۽ ان کان ٻئي سال جي بجيٽ ۾ هڪ سئو پنجويهه سيڪڙو ماڻهو پڙهيل هجڻ جو انڪشاف ٿيندو. اسانجو شمار ستونجاهه سيڪڙو پڙهيلن ۾ نٿو ٿئي. اسان سئو سيڪڙو ڪورا هوندي به گڏهه ۽ گهوڙي کي سُڃاڻي وٺون ٿا ۽ انهن جي ويجهو نٿا وڃون، متان ڪا پُست نه هڻي ڪڍن! اسان کي اليڪشن واري ڏينهن پولنگ عملي کي آڱوٺو ڏيکارڻ به اچي ٿو. اسان بس! ايترو پڙهيل آهيون جو هڪ شاعر جي بقول، سمجهي وڃون ٿا ته: اَٺ ڇا آهن، ڏهه ڇا آهن! ڳل ڇا آهن، ڳهه ڇا آهن! غلام رسول ٽالپر/نسيم نگر (حيدرآباد)
جواب: ڀوتاري ماستر ۽ ڀوتاري ووٽر! ڳالهه ته صحيح ڪئي اٿو ۔ جي واقعي به اسان 57 سيڪڙو پڙهيل ناهيون ته پو ايندڙ اليڪشن ۾ اليٽرانڪ ووٽر مشين به استعمال ڪونه ڪري سگهنداسين مطلب ته اسان اڱوٺي ڇاپ به سهي پر ووٽ ڏيڻ وقت ته ڪم جا هئا سين جو سڀ ليڊر اچي سائو گاهه ڏيکاريندا ۽ مفت ۾ ماني کارائيندا هئا پر هاڻي ته ان مشين اچڻ سان سائو گاهه به ويو ته مفت جي ماني به
جواب: ڀوتاري ماستر ۽ ڀوتاري ووٽر! ڀاء ممتاز توھان صحيح چئو ٿا پر ڳالھ ھي آھي ته اسان جي سنڌ جا ماڻھو غلام آھن، کين پنھنجي ووٽ جي قيمت جي ڪا ّخبر ناھي۔ جنھن کي به وڏيرو يا ڀوتار چوندو ووٽ ان کي ئي ملندو۔ھي موسمي ڏيڏر پنھنجو ڪم لاھي کو ۾ ٽپو ڏئي ويھي رھندا۔اليڪشن کٽڻ کان پوء غريب ماڻھن تي اک به نه پوندن۔ توھان ڪھڙي پڙھيل لکين ّطبقي جي ڳالھ ٿا ڪريو، ھتي جوپڙھيل ماڻھو به صحيح شعور نٿو رکي۔ ڪنھن نه ڪنھن جي چوڻ تي ووٽ ڏيو اچي۔ اسان کي دراصل دين جي ڄاڻ نه ھئڻ ڪري اڃا به ڊپ جي ڌٻڻ ۾ ًڦاٿا پيا آھيون۔ جيڪڏھن اسان کي صرف ۽ صرف الله جو ڊپ ھٍجي ته اسين پنھنجي مرضي سان آزاد زندگي گّذاري سگھون ٿا۔
جواب: ڀوتاري ماستر ۽ ڀوتاري ووٽر! سنڌ سلامت جا دوستو! پاڪستان جي سياست ۽ ماحول ۾ قومي اسيمبلي يا صوبائي اسيمبليءَ ۾ بيٺل ڪو هڪ ماڻهون ٻڌايو جيڪو ايماندار، پرخلوص، قومپرست ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هجي ۽ اسان کيس ووٽ نه ڏنا آهن ۔۔۔ پاڪستان جي سياست ۾ ڪو پرخلوص ماڻهون ڪيئن بيهندو جو کيس پارٽيءَ کي 50 لک يا ڪروڙ روپيا فنڊ ڏيڻو آهي، اليڪشن تي خرچ ڪرڻو آهي، ماڻهن کي مانيون کارائڻيون آهن، واٺا ۽ ويڙهو پالڻا آهن، آفيسرن ۽ تر جي ماڻهن کي کارائڻو ۽ پيئارڻو آهي ته پوءِ 5 ڪروڙ روپيا خرچ ڪري اچڻ واري اميدوار مان اسان اها اميد رکنداسون ته هو اچڻ سان غريبن جي گهرن ۾ کير جو درياهه وهائيندو ۔۔۔؟؟؟ نه سائين ايئن ڪڏهن ڪونه ٿيندو ۔۔۔ اسانکي ئي اسان مان ئي ڪي ماڻهون چونڊڻ لئه ڪي سڄاڻ تنظيمون هجڻ کپن، جن کي اسين ووٽ ڏيون ۽ ڪا اميد رکون ۔۔۔ باقي جيڪي پاڪستان پرست ۽ مرڪز پسند پارٽيون هن وقت موجود آهن، انهن جي ماڻهن ۾ اميد رکڻ ۔۔۔ٻٻرن کان ٻير گهرڻا آهن ۔۔۔ باقي الله خئير ڪندو ۔۔۔
جواب: ڀوتاري ماستر ۽ ڀوتاري ووٽر! مون کي ياد اچي ٿو گزريل اليڪشن ۾ بلوچستان مان هڪ غريب عورت اليڪشن ۾ بيٺي ۽ غريبن ان کي فل سپورٽ ڪيو
جواب: ڀوتاري ماستر ۽ ڀوتاري ووٽر! شابس آهي بلوچستان جي ان مائيءَ کي ۽ انهن ماڻهن کي جن انجي مدد ڪئي پر اها محترمه هاڻ آهي ڪٿي ۔۔۔؟ ڪا خبر چار ۔۔۔۔؟
جواب: ڀوتاري ماستر ۽ ڀوتاري ووٽر! ان عورت جو هڪ پروگرام ڪي ٽي اين وارن رکيو هو جنهن ۾ هن چيو ته اليڪشن کان اڳ هن کي تر جي بگٽين ۽ مزارين ۽ وڏيرن ڏاڍيون ڌمڪيون ڏنيون تاڪه هوءَ اليڪشن ۾ نه بيهي ۽ هن جي غريب مڙس کي به ڏاڍو تنگ ڪيو ويو هو پر هو نه ڊنا اليڪشن ۾ پي پي جو بيهاريل وڏيرو هارائي وڃي اهو به هڪ غريب عورت کان ته اها انهن لاءِ ٻڏڻ جي ڳالهه ٿئي ها ان ڪري ملي ڀڳت ڪري هن کي هارايل ڄاڻايو ويو اڻ پڙهيل هجڻ جي باوجود پروگرام ۾ ويٺل پڙهيل لکيل ۽ وڏن نالن جهڙين عورتن هن جي سچائي ۽ عقل جي ڪري ڏندين آنڱريون اچي ويون محترمه چيو ته هو وري اليڪشن ۾ بيهندي وڌيڪ خبر ڪانه آهي