( 18-آگسٽ جنم ڏينھن جي حوالي سان لکيل )
مختيار سمون جي شخصيت ۽ شاعريءَ جو مختصر جائزو
ڪامريڊ ڪريم بلوچ
رابندرناٿ ٽئگور شانتي نڪيتن يونيورسٽي ۽ افلاطون ايٿنز ۾ يونيورسٽي کولي نوجوان نسلن کي اخلاقيات ۽ زندگي ءَ جي مڙني شعبن جو علم پڙهايو. ساڳي طرح پروفيسر مختيار سمون به لاڙڪاڻي ۾ گذريل ٽيھن سالن کان تعليمي جاڳرتا مرڪز ”ناليج سينٽر“ جي نالي سان هلائي رهيو آهي، هن اداري جا شاگرد سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جا ڏکيا امتحان پاس ڪري وڏا عھدا ماڻي ملڪ و قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن.
دنيا جي ڪنھن به وڏي ماڻھوءَ جي زندگيءَ تي ٿورو گهڻو لکڻ لاءِ تاريخ جا ورق اٿلائڻا پون ٿا پر ڪنھن عوامي ۽ مزاحمتي شاعر جي زندگيءَ تي لکڻ لاءِ سندس ئي شعرن جو مطالعو ڪرڻو پوي ٿو. جنھن مان خبر پوي ٿي ته اڪثر شاعرن جو خانداني سلسلو سندن ادبي تخليقن کان الڳ رهيو آهي. ٿورا گهڻا شاعر آهن جن پنھنجي حسب نسب ۽ حالاتِ زندگيءَ متعلق پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪجهه لکي ڇڏيو آهي . آءٌ هن مضمون ۾ شاعر جي زندگيءَ جو مختصر جائزو پيش ڪريان ٿو.
مثال طور ؛ جڳ مشھور شاعر ”شيلي“ هڪ امير ماڻھوءَ جو پٽ هو، پر پنھنجي زندگي نھايت تنگدستي ۽ مسڪيني حالت ۾ گذاريائين. جڏهن ته مشھور شاعر ”هومر“ جيڪو اکين کان انڌو هيو پر ”ليڊ“ ۾ هڪ شھر کي باهه لڳڻ واري خوفناڪ نظاري کي اهڙي خوبصورتيءَ سان تحرير ڪيائين جو ”قيصر نئيرو“ روم جي شھر کي ساڙي به هن جي نظم جھڙو مثال پيش ڪري نه سگهيو. اچو ته هاڻي مختيار سمون جي شخصيت ۽ شاعريءَ جو مختصر جائزو وٺون .
مختيار سمون پنھنجي زندگيءَ کي ”سپاٽ ۽ سڌو سنئون ميدان“ سڏيو آهي، هن جي زندگيءَ ۾ ڪجهه به ڊرامائي ۽ اَسا ڌارڻ ڳالهه نه ٿي آهي، اها صرف هڪ جڳھه کان ٻي جڳھه ڏانھن لڏپلاڻ ۽ بدلين جو يا سندس رچنائن جي ظاهر ٿيڻ جي تاريخن جو رڪارڊ آهي. هن هڪ انٽرويو ۾ پنھنجي زندگيءَ جو احوال هن ريت ڏنو آهي. جنم جي تاريخ 18 آگسٽ 1960ع موهن جي دڙي ڀرسان ڏوڪري شھر ضلعو لاڙڪاڻو ۾ حڪيم يار محمد جي گهر ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم لاڙڪاڻي جي مختلف اسڪولن، ڪاليجن ۾ حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم.اي ڪيائين. ان کانپوءِ هن ملازمت تعليم کاتي ۾ پروفيسر زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ٿيو. هن وقت Z.A ڀٽو زرعي ڪاليج ۾ انگلش پروفيسر آهي. پيءُ حڪيم يار محمد سمون روزگار سانگي لاڙڪاڻي جي رحمت پور محلي ۾ لڏي آيو. حڪمت ڪِرت هئس، گهڻي ڪٽنب هئڻ ڪري سندس گذران مسڪيني حالت ۾ هو .
مختيار 1976ع کان ادبي زندگيءَ جي ابتدا ڪئي، پنھنجي زندگيءَ لاءِ هن طرح بيان ٿو ڪري ته منھنجي زندگيءَ سپاٽ سڌي سنئين ميدان مثل آهي. جنھن ۾ ڪٿي ڪٿي کڏون ته ضرور آهن پر منجهس دَڙَن جبلن گهاٽن جهنگلن ۽ گھرين ماٿرين خواهه کنڊرن جي گنجائش نه آهي . جيڪي ماڻھون پھاڙن جي سئرن جا شوقين آهن، انھن کي هتي نراشا پِڙِ پوندي .
مختيار انساني سماج لاءِ نئي اميد جي روشنيءَ جي دور هڪ ديش ۾ هڪ نئين سڀيتا جي نرماڻ ۾ ڏٺي ۽ يار باڪامل ادبي تخليقات جو خالق آهي. سندس شخصيت کي ان وقت کان عظيم فنڪار تسليم ڪيو ويو هو، جڏهن نئي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي، ڌرتيءَ، انسانيت ۽ قومي غلاميءَ کي هن پوري نموني سان سمجهيو هو. هن عظيم شخصيت ان سڀني ڳالھين کي جلد سمجهي پروڙي پوءِ پڪي پختي نموني سان عمل ڪيو ۽ سموري شاهڪار کي صديءَ کان وٺي غلامانه دور جي تاريخ کي ادبي سرگرمين ۽ پنھنجي ادبي تخليق ۾ سموري منظر کي قلم بند ڪيائين. خاص ڪري ، پراڻي قبل مسيح کان اڄ ڏينھن تائين جبري آگاهي جي تصوير ڪشي ڪئي آهي جو سندن شاعريءَ ۾ ظاهر ظھور چٽو عڪس نظر ٿو اچي. مختيار کي هڪ سٺي اعلى استاد ۽ ادبي فنڪار جي حيثيت سان سڃاتو ٿو وڃي، ڇو جو ان جي لاءِ ته هن جي عظيم تخليق کي واقعي سڀ پنھنجي ملڪيت ٿا سمجهن. غلط سماجي نظام جي خلاف جدوجھد ڪرڻ جو هٿيار ٿا سمجهن جنھن ۾ ڪروڙين عوام جھالت گمراهي مشقت ۽ غربت جو شڪار ٿيل آهن. ان مدي خارجي نظام کي بدلجڻ لاءِ هن پنھنجي شاعريءَ کي قومي انقلابي صورت ڏني جو هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي هاري ناري پورهيت آقائن جي رحم ڪرم تي آهن. انقلاب جي تياري جود ور تمام انسانيت جي فني ارتقا جي لاءِ هڪ سنگ ميل ٿيو وڃي. ان لاءِ مختيار جا خيال ته ڏسو،
نه منزل ملي نه ڪو ٿڪ ڀڳو آ،
سڄي زندگي ڄڻ سفر ۾ رهياسين.
رهيا سڀ دنيا جي حسابن ۾ ڦاٿل،
اسان پر پرين جي ذڪر ۾ رهياسين.
هاڻي دور ”ڀڇم“ مان هڪ نئون سج اُڀري رهيو آهي، ان مھاجن واديا پونجيواد کي جڙ کان ناس ڪري ڇڏيو آهي. ان جو مول سڌانت آهي ته هر شخص جيڪو پنھنجي سرير يا دماغ سان محنت ڪري ڪجهه پيدا ڪري ٿو سگهي اهو حڪومت ۽ سماج جو نھايت ئي عزت دار ميمبر ٿي ٿو سگهي ۽ جيڪو صرف ٻين جي محنت يا ٻي ڏاڍائي جي گڏ ڪيل ڌَنَ تي رئيس ٿي، پيو ٿو گهمي ڦري، اهو سڀني کان وڌيڪ ڪِريل ۽ ذليل شخص آهي. ان کي حڪومت انتظام ۾ راءِ ڏيڻ جو حق ڪونهي. اهو شھرت جي اڌيڪارن جو به حقدار ڪونھي. اچو ته ڏسون ته مختيار ڪيڏي نه دليريءَ سان ڏاڍ جي خلاف چئلينج بڻجي ٿو ؛
جڏهن چاهين لاهي اڀاري نه سگهندين،
اسانجي اکين ۾ نھاري نه سگهندين.
اسان تنھنجي سيني ۾ پيا کٽڪنداسين،
ٻـُڌي ڇڏ اسان کي وساري نه سگهندين.
هن شعر ۾ ڪيڏي نه خوديءَ جي ڳالهه جيڪا مختيار ڪئي آهي، اُها هر قومي شاعر ۾ ملي ٿي، شاهه طيف کان سچل، سامي، شيخ اياز ۽ ٻين روشن خيالي دماغن مان سچ جي واٽ جي راهه لاءِ سنئون سڌو رستو ملي ٿو. ان مان عوام پوري نموني سان لاڀ پرائي ۽ هو چوي ٿو ته ٻن ٽن پيڙهين تائين اها سچ جي ويڙهه پئي هلندي، جيستائين هيٺيون طبقو هاري، مزدور پنھنجي قسمت جون واڳون پاڻ سنڀالين، ڇو جو اهي غريب دکي آهن. اچو ته مختيار جا وري خيال ڏسون، ڇا ٿو چوي ؛
منزل کي پڳا آهيون نيٺ هي پنڌ کٽڻ تي آ،
هڪ چوٽ اڃان باقي هي ڪوٽ ڪرڻ تي آ.
مضبوط کڻي ڏاٽو ڪـَرَ موڙي اٿيو هاري،
اِجهو رات جي منجهان نئين پرهه ڦٽڻ تي آ.
ڪيو ڳاٽَ سڀئي اوچا ڪات تپائين ٿا،
مقتل ڏي هلو ڊوڙي اِجهو ناد وڄڻ تي آ.
مختيار نه صرف فني تخليقات جي پٺڀرائي ڪري ٿو پر پنھنجي فن جي ذريعي سماج کي وائکو پڻ ڪري ٿو اهو ئي سبب آهي جو ماڻھو سندس قدر ڪندا، پر هن کي ضرور پڙهندا ڇو جو هن عوام جي دلين جي ڳالهه ڪئي آهي. هي سڀ ڪجهه ان وقت ٿيندو جو زميندارن ۽ سرمايه دارن جي چالاڪي ڏاڍ، جبر جي فلسفي کي عوام پوري نموني سان سمجهي سگهي .
مختيار ته جبري فلسفي کي اگهاڙو ننگو ڪري چِٽي واضح نموني سان عوام جي آڏو پيش ڪيو آهي. عوام جڏهن هي سڀ ڪجهه سمجهندو ته پنھنجي انساني زندگيءَ لاءِ بھتر کان بھتر حالات پيدا ڪندو. هو عام ماڻھن جي ڪيفيت ۽ مزاج کي وڏي غير معمولي قوت سان پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي، جنھن کي موجوده نظام ڪچلي رهيو آهي. ان حالات کي هن پوري نموني سان پنھنجي شعرن ۾ عڪس بندي ڪري سماج جو نقشو چٽيو آهي ۽ هن جبر خلاف احتجاج ۽ غصي کي پوري جذبات سان شاعريءَ ۾ سموئي اظھار جي آزاديءَ جو اظھار ڪيو آهي .
ذهن جي رڃ تي ويئي گهٽا ڇائنجي،
تنھنجو آيو زبان تي جو نالو پرين.
پاڻ سان پنھنجي دل سان وڙهون ٿا پيا،
جنگ آ زندگي آ ڪشالو پرين.
هو بي انصافي ظلم جي خلاف جدوجھد ڪندي پري پري تائين هن جي پٺيان ٿو وڃي. قديم سماجُ مختيار جي نگاهه ۾ آدرش سماج آهي. هو زميندار خواهه ڪارخانيدار پنھنجي وروڌ ٿو ڪري.
عوام جي ضمير کي غلط ڪارگذارين خلاف جاڳائي ٿو ۽ ظالم لوڪ، جنتا جي غصي آڏو ٿر ٿر ڪُمبن ٿا. هن نظم ۾ سنڌ جي تمام ڇٽي زوردار تصوير پيش ڪئي آهي. ان جي وسيع ڪينواس تي سماج جا سڀ طبقا زنده روپ ۾ ٿا اڀرن ۽ ڊزن کن اڻ وسرندڙ ڪردار سامھون ٿا اچن .
مختيار سمون عوام ۾ نفرت جي باهه ختم ڪرڻ، بھتر زندگيءَ جي تمنائن ماضيءَ کان نئي آزاد هئڻ جي خواهش پيد اڪرڻ، ان سان گڏ غير پخته خواب سياسي ناتجربيڪاري ۽ انقلاب ۾ ڍَلائي جي عڪاسي به پنھنجي نظمن ۾ هن هيئن ڪئي آهي؟
هي سڀڪجهه شروع ڪيئن ٿيو ۽ ان کي سمجهائڻ مشڪل نه آهي. ڪنھن قلم فروش ئي ”اوتزو ويزم“ ريڊيڪل اعتدال پسندي ريڊي ميڊ ادب خدا پرستيءَ کي اختلافن جي ور وڪڙ ۾ ڦاسائي پنھنجي ذاتي مقصد حاصل ڪيا-
عسڪري ادب ۽ ريڊي ميڊ ادب کي عام ماڻھن تائين پھچائڻ لاءِ سنڌ جا پبلشرز اعتدال پسند ريڊي ميڊ اديبن کان مھاڳ لکرائي مارڪيٽ ۾ ڪتاب جا ڍڳ ڪري ڇڏيا آهن. عسڪري ادب ۽ ان ڪتابن جي باري ۾ پريس خاموش آهي ۽ جيڪڏهن لکن ٿا ته رسمي طريقي سان افسرانه انداز ۾ ۽ انقلابي پريس جي حيثيت سان نه پر هڪ طبقي جي آمريت ۽ ان جي ترجماني جي حيثيت سان. فرض ڪريو ته هي عمل ظاهر ڪرڻو آهي ته دهشت گردي دهشتي روايت سموري عالم کي خوفزده ڪري ڇڏيو آهي. مافيا ٽولو سموري عالم تي هٿيارن ۽ هيروئن جي ڪاروبار کي هٿي وٺائيندي جوت اجهائيندڙ منڊي قائم ڪري ڇڏي آهي. ان جي لاءِ اچو ته مختيار جا خيال ڏسون ته ڇا ٿو چوي ؛
هاڻ ته اسان باغن ڏانھن به وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي
چون ٿا ته اتي اڄڪلهه
گل نه پر گوليون ٿيون ڦٽن
۽ اسان کي
گوليون نه پر گلدستا کپن
هيءُ هڪ عظيم شاهڪار تخليق آهي ۽ وٽس فن جي سچائي سندن شعرن ۾ ٿي بـَـکي. شاعر جي من ۾ هڪ اعلى انسان ويٺل آهي. اهو انسان سدائين ٻين جي لاءِ زنده رهڻ جو درس ٿو ڏيئي. شاعر سماج ۾ قدامت پسند عناصر جي وِروڌ جوهمت سان مقابلو ٿو ڪري. انھن تي فتح حاصل ٿو ڪري. ان طرح سان مختيار جي شاعري ان جھاد جي شروعات آهي جيڪو هن ڌرمي ڪٽرپڻي جي اوٽ ۾ پلجندڙ سماجڪ خرابين خلاف جنگ ڇيڙي. اهو مختيار جي شاعريءَ جو پھريون ڪتاب ۽ شاعري جي مھان ادبي لڙائيءَ جي شروعات پڻ آهي .
پئسي جا پوڄاري ماڻھو،
نفسياتي بيمار ٿا ڏسجن.
دهشتگردي جاري آهي،
چوڏس پھريدار ٿا ڏسجن.
مارئيءَ هٿ ڪلاشنڪوفون،
ڪيڏو خونخوار ٿا ڏسجن.
سولي جي اڄ رونق ٻي آ،
ٽنگبا مختيار ٿا ڏسجن.
هن جي شاعري پوري وفاداريءَ سان حقيقت جو عڪس ٿي ڏئي. مختيار آدرش وادي انسان آهي. هن زندگيءَ کي پسند جي انوسار ۾ ڍالڻ ٿي چاهيو ليڪن هن زندگيءَ جي تلخيءَ ۾ خوبصورت سچائين کان ڪڏهن به منھن نه موڙيو آهي. هن ڪنھن به چيز کي ڪڏهن گهٽ ڪري پيش ڪيو ئي ناهي ۽ نه ئي ڪنھن چيز کي معاف ڪيو آهي.
هن جي شاعري عوام کي اوچي ۽ اتم سطح تي وٺي ٿي وڃي. حقيقت ۾ هو عوام جو ليکڪ آهي. هن عام شخص جي زندگيءَ بابت عام فھم ٻوليءَ ۾ شاعري رچي. هن جي شاعراڻي اپيل سماج ۾ رهندڙ ڪـُند ذهنن کان گهڻو مٿي آهي. هو اسان کي وچين دور جي شاعرن تلسي داس، ڪبير ۽ شاهه سچل جي ياد ٿو ڏياري .منھنجي دعا آهي ته مختيار وڏي ڄمار ماڻي ۽ لکندو رهي .
**