فڪري گس : اسين سنڌي ازل کان وٺي ڪري امن پسند، پيار ڪندڙ، مهمان نواز ۽ سٻاجهڙا رهيا آهيون ۽ رهندا پيا اچون، اوُڻايون ۽ خرابيون دنيا جي هر شئي، هر قوم ۽ هر جاءِ ۾ ڪنهن قدر هونديون آهن اسان سنڌين منجھ بہ ڪنھ قدر ڪي ڪارا رڍ موجود آهن جن جي ڪري پوري قوم کي سندن نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو، اسان کي اسان جي سٻاجهڙائپ ۽ مهمان نوازي جيڪا نقصان بخشي آهي ان جو گواھ پاڻ خود تاريخ آهي، اسان جي قومي شناخت کي جنهن نموني ڇيهو رسايو ويو اهڙي ويڌن تاريخ ۾ ڪنهن بہ قوم سان نہ ڪئي وئي. علم، سياست ۽ فلسفي جي ماهرن جي گهڻائي هوندي بہ سنڌ جي سورن سان ڪا سڻائي نہ ٿي سگهي، ورهيہ اڳ جڏهن سنڌ ۾ ڏاند گاڏا ۽ گهوڙا سواري لا۽ ڪتب ايندا هئا تڏهن سنڌ جي گهر گهر، گهٽي گهٽي توڙي وٿاڻ امن جا ڳڙ هوندا هئا، ايڪو، محبت ۽ ڀائچاري جا اڻ ڳڻيا مثال هر هنڌ ملندا هئا، وقت سان گڏ حالات، واقعات ۽ سماج جا اصول بدلجڻ لڳا يا کڻي ائين چئجي تہ اسان جي رهڻي ڪرڻي جي اصولن ۾ جدت اچڻ لڳي، ريڊيو ،ٽي وي، سرچ لائيٽ، ڪلڪيوليٽر فوٽو، وڊيو سڀ جامع انداز ۾ مشرتڪ ٿي ڪري هڪ ئي پنج انچن جي اوزار ۾ سمائجي ويون ۽ ان پنج انچن جي موبائل هر ڪنهن جي هٿن ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، اهڙي نموني اسان ٽيڪنالاجي جي گهيري ۾ اچي وياسين، هر گهر توڙي اوطاق توڙي مڪان ۾ ڊش ٽي وي، فرجن ۽ سولرن پناھ ورتي. ان ٽيڪنالاجي جي دور ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن جي پرورش ماءُ پي کان وڌ ٽي وي تي ايندڙ ڊرامن جي وسيلي ٿيڻ لڳي، ڇو تہ اڄڪلھ ٽي وي ۽ ڊش هر گهر جي زينت بڻيون ويٺيون آهن، اسان وٽ هر طبقو واندڪائي جي صورت ۾ ڪنهن قدر ٽي وي تي ويهي ڪري وقت جو گذران ڪندو آهي، ها البتہ اِها ڳالھ الڳ آهي تہ هر ڪو پنهنجي پسند ۽ مزاج مطابق چينل هلائي ڪري ڏسندو آهي. اسان وٽ ٻهراڙي جو طبقو جنهن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار شامل آهن اُهي اڪثر ڪري سنڌي چينلز جهڙوڪ ڪي ٽي اين، ڪشش، سنڌ ٽي وي، آواز ۽ ڌرتي چينل ڏسندا آهن، ٻين مڙني چينلن کان وڌيڪ ڪي ٽي اين کي گهڻو ڏٺو ويندو آهي ڇو تہ ڪي ٽي اين سنڌي چينلن مان اُها واحد چينل آهي جيڪا دنيا آڏو سنڌ کي ڌاڙيل ڪلچر جو ڳڙ ۽ هر سنڌي کي ڌاڙيل، لٽيرو ۽ دوڪيباز بڻائي پيش ڪندو آهي، ڪي ٽي اين چينل دنيا کي اهو واضع پيغام ڏيڻ چاهيندي آهي تہ سنڌي ڪڏهن بہ ڪنهن محبت يا امن جا سفير بڻجي نٿا سگهن، تڏهن تہ سندس ڊرامن جو دائيرو ڌاڙيل ڪلچر کان هٽي ڪري پري وڃي ئي نٿو، ڪي ٽي اين تي ڪڏهن بہ غلطي سان ڪنهن سماجي ڀلائي، تعليمي سڌاري يا فلاحي ڪم ڪرڻ لا۽ اُتساه بخشيندڙ ڪو بہ ڊرامو ٺاهي پيش ناهي ڪيو ويو، ڪي ٽي اين وسيلي سنڌ تي ڪارو سج اڀاريو ويو، سنڌ جي ڌرتي کي پٿر دنيا بڻائي ڪري پيش ڪيو ويو ۽ سنڌين لا۽ ڪنڊن جي سيج بہ وڇائي وئي. ان کان علاوه هڪ اهم ڳالھ تہ اسان وٽ انيڪ تخليقڪار موجود آهن پر افسوس تہ سندس پر گهور نٿي ڪئي وڃي، کين اُها گهربل محبت ۽ عزت نہ ٿي ڏني وڃي جنهن عزت ۽ محبت جا هو حقدار آهن، اسان وٽ فنڪار، اداڪار، ليکڪ ۽ سماجي فرد پنهنجا آخري ايام مفلسي ۽ دربدري ۾ گذارن ٿا جنهن جا انيڪ مثال اسان وٽ موجود آهن. اسان وٽ تعليم پنهنجي شرع وڌائڻ بدران هر سال گهٽائيندي ٿي وڃي ۽ ان جي برعڪس حڪومت چواڻي تہ هو هر سال تعليم جي بهتري لا۽ بجيٽ ۾ واڌارو ڪن ٿا، ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي تہ اهو واڌارو دنيا جي ڪهڙي خطي تي خرچ ڪيو وڃي ٿو، اسان وٽ اسپتالون ڪُوس گهر ۽ موت جا مرڪز بڻيل آهن جت مريض کي ڪنهن بہ قسم جو ڪو رليف ناهي ملندو ان جي ابتڙ کيس دربدري ۽ ٺوڪر کائڻ لا۽ ڏنا ويندا آهن جنهن سبب سندس طبعت بهتري جي بجاءِ بگاڙ جي طرف وڌندي آهي ۽ ائين هلندي هلندي آخر ۾ ڳالھ الله جي رضا تائين وڃي پهچندي آهي. اسان وٽ نوجوان طبقي کي ڪاپي ڪلچر جي موضي مرض ۾ مبتلا ڪري کيس وقت کان اڳ غلام بڻايو ٿو وڃي، وري مٿان ميرٽ جي لتاڙ ڪري سندس جذبن کي ٺيس پهچايو ٿو وڃي اهڙي طرح سندن خواب ساڀيان ماڻڻ کان پهريان ئي دم ٽوڙي ڇڏين ٿا، اسان جا ادارا ڪرپش جا مرڪز ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ اڪثريت بيماني جا گولڊ مڊل ورتيون ويٺا آهن، ڪنهن بہ پني يا پرزي کي رشوت وٺڻ کان علاوه هڪ انچ بہ ٿا اڳتي سورين ۽ سندس لهجي ۾ اهڙي تہ ڪڙواهٽ سمايل هوندي آهي جو ڪو بہ معتبر فرد سندن اڳيان هڪ پل بہ بيهڻ گوارا نہ ڪندو. اهڙي حالت جي هوندي هاڻ مسئلن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ بجائي پوري قوم کي متحد ٿي ڪري اجتماعي شعور وسيلي سڀني مسئلن جا حل ڳولڻ کپن ۽ معاشري جي هر فرد کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ کپي، هر ماڻهو معاشري کي بگاڙڻ بجاءِ معاشري کي اڏيندڙ ثابت ٿي ڇو تہ هن مهل اسان سنڌين جي وجود کي هڪ خطرو لاحق آهي ۽ اهو آهي پنهنجي اصلي سڃاڻ وڃائڻ ۽ اسان ڪنهن بہ قيمت تي پنهنجي شناخت وڃائڻ نٿا چاهيون. يوسف جميل لغاري