دون اسان جي ڳوٺ بوبڪ ۾ جينئن ته واڻيا گهڻا هوندا هئا ،ورهاڱي کان پوء اسان جو شهر ڏاڍو متاثرٿيو ..... هندن جي اويڪيو پراپرٽي خريد ڪرڻ سنڌي مسلمانن لاء ممنوع هئي.ان ڪري هجرت ڪري ايندڙمهاجر ڪليم ۾ ان ملڪيتين جا وارث ٿيا. ايندڙ مسلمان ڀائر ٻن قسمن جا هئا هڪ اصل ۾ لٽيل پٽيل مشرقي پنجاب جا پنجاپي هئا جن ڪليمن ۾ پنهنجو جائز حصو ورتو،جيڪو مليو رضا تي راضي رهيا.محنتي پوک راه سان مخلص محنت ۽ محبت سان پنهنجو پاڻ بنايائون ،محنت سان ڪمايل پئسي مان مزيد زمينون خريد ڪيائون،سنڌ کي پنهنجي منزل سمجهي سنڌي پڙهڻ ،لکڻ ڳالهائڻ ۾ مهارت حاصل ڪري اسان جي دلين ۾ جاء بنايائون ،اڄ ڏينهن تائين بوبڪ جي هن بربادي جي دور ۾ به ڪمبوه برادري اتي رهي ٿي ، پاڻ سنڌي استاد آهن مقامي ماڻهن کان به وڌيڪ صاف ششته سنڌي ڳالهائين ٿا ،بوبڪ ۾ محنت جي علامت آهن ،قابل ذڪر منهنجي پاڙي ۾ چاچو خوشي محمد ۽ ڪميو رهندا هئا،وڏي بازار ويندي چاچو رحم الدين ۽ ڪرم الدين ڪمبوه ،سندن شفقت جو انداز نه ٿو وسري .چاچو فضل ڪاشميري به ڪچهري جو مور.... ائين ضم ٿي ويا ،اسان به کين عزت ڏني جو خوشيون ۽ درد مشترڪه ٿي ويا.ڪافي خاندان هئا جن جو ذڪر ڪجي پر طوالت ٿيندي ڳاله ڪرڻ جو اصل مقصد فوت ٿي ويندو. ٻيو قسم مهاجرن جو اردو ڳالهائيندڙبهاري ۽ يوپي جا ......الاهي گھر هئا .....پر ڪو به ايڊجسٽ ڪري نه سگھيو ڪوڙا ڪليم جا ڪاغذ کنيو هر ٻي جاء تي قبضي جا دعويدار.....آخر ملڪيتيون وڪرو ڪري ڪراچي ڀڄي ويا. يو پي سي جا مهاجر پڙهيل لکيل ،رک رکاء وارا هئا.مونکي هڪ حڪيم ياد آهي ،جناحي ٽوپي پايو شاهي بازار ۾ وهندو هئو،سندس مطب تي مريض گھٽ ڪچهري وارا زياده هوندا هئا. هڪ بورڊ تي شعر لکيل هوندو هئيس. ”دامن تهذيب په دھبا نه لگائیں کہیں۔۔۔ ہر جا پہ تہوکںا گورا نہیں“.............. الائي ڪڏهن ڪراچي لڏي ويو. ٻی قابل ذڪر شخصیت ماسی بانو ماء ۔۔۔۔۔۔۔ مردانی عورت هئي ،ٻه پٽ هڪ نياڻي بانو ،اڪيلي سر بوبڪ اسٽيشن تي لٿي،ڪليم ۾ گھر مليس نانڪ واڻئي.... جو اسان جي سامهون رهندا هئا ..مونکي اهو چوندي ڪو عار محسوس نه ٿو ٿئي ته هي شفيق عورت اسان جي سادي سودي ماحول ۾ هيرو هئي، دڙڪا ڏئي اسان جي نياڻين کي اسڪول موڪليندي هئي ،اتساهي ڪردار هو.آخرڪارسندس هڪ وڏو پٽ پي آئي اي ۾ ملازم ٿيو پنهنجي جاء 1200 روپين ۾ وڪرو ڪري، ڪراچي لڏي وئي سندس لڏڻ تي اسان افسردہ ٿي وياسين. ٽيو قابل ذڪر مهاجر ايم اي عزيز ،بهاري هو ٻه پٽ ڪراچي ۾ رهندا هئس ،سٺي انگريزي ڄاڻندو هئو صاف سٿرو رهڻ وارو،سماجي ڪمن به حصو وٺندو هو.اڪثر وبيشتر پنهنجي علميت ۽ نسلي برتري تي نازان هئو.شهر جي ڪيترين ئي پڪين ۽ خوبصورت جاين جو ڪليم ۾ دعويدار هئو،ان سان گڏ ملا ولي به هو جيڪو خود وڏو بشني هو ...... هر جاء جي ملڪيت جا دعويدار ،بي شمار پنا صحي ٿيل....هميشه ڪورٽ ڪچهري جا چڪر. مطلب ته هر شخص ڪهاڻي آ........ ايم اي عزيز جو رويي مان” بهائي“ ڪلچر جو پتو پيو.اهي ڀتا خوري،قبصه خوري ،هڪ ٻئي جا ماڻهو اغوا ڪرڻ ،قتل وغارت گيري ،بهائي لوگ ،علائقن جي ورهاست مطلب ته جوڪجه هينئر ڪراچي ۾ هلي پيو،اهو خوف و دهشت واري ماحول بابت ٻڌائيندو هو ته بهار ۾ عام آهي .مسلمان هندو تضاد ان کان علاوه....... جوش مان ٻڌائيندو هو ته ماسٽرصاحب هم جوان تهے تو ہندو کو کاٹ کے گٹر میں ڈال آتے۔۔۔۔۔۔ ایم ای عزیز تہ فوت ٿي ویو....پر ڪراچي لڏي اچڻ کان پوء هتي بهائي لوگن سان واسطو پيو ته هر ڳاله سمجه ۾ اچي وئي ،ٽپيڪل بهاري اسٽائيل گينگ واروغيره ....هندوستاني مزاج جتي تشدد سندن رڳ رڳ ۾ ڀريل آهي ،رحم کان خالي ..... اهو ئي سبب آهي جو هر ٻي بالي وڊ فلم گينگ وار تي مشتمل آهي ۽ اهي فلمون باڪس آفيس تي بزنس ڪن ٿيون.بمبئي ،گجرات ۾ انهن جرائم پيشه گروهن جو راڄ آهي هندوستان جو هزارين ميل سامونڊي علائقو سمگلنگ ڪرڻ وارن لاء جنت آهي.ان سلسلي ۾ هڪ (ٻه حصه) فلم گينگس آف وسي پور ڏسڻ نه وساريندا بهترين فلم آهي جنهن ۾ هن بهاري ڪلچر جو مشاهدو ٿيندو. Gangs of Wasseypur 1 Hindi Full Movie HD || Nawazuddin Siddiqui || Bollywood Movies Watch Gangs of Wasseypur 1 Full Movie Featuring Manoj Bajpayee, Jaideep Ahlawat,Nawazuddin… YOUTUBE.COM