پيءُ انسان جو پيءُ ان جو محسن، مُحب آهي. اولاد لاءِ محترم مڪرم ۽ معظم آهي. جيڪو پنهنجي مهر ۽ محبت سان اولاد کي پالي ٿو ان جا اخراجات برداشت ڪري ٿو. ان جي دعا مقبول آهي. ان جي شفقت گهاٽي گهاٽي بڙ جي وڻ جي ڇانؤ کان وڌيڪ آرامده آهي. گهڻن ماڻهن کي ابي جي زندگي ۾ ان جي قدر شناسي نه هوندي آهي. پر ان جي لڏي وڃڻ کان پوءِ ان جي احسانن جو قدر ٿيندو آهي. اولاد لاءِ ابي جي گهر جهڙي ٻي ڪا آرام جي جاءِ ڪانهي. ابي جي سختي اولاد لاءِ ان ڪَوڙي دوا جي ڍڪ مثال آهي جيڪو مريض لاءِ شفا جو ڍُڪ هوندو آهي. ابو انسان لاءِ ڏھ استادن کان وڌيڪ معلم ۽ مدرس آهي. جڏهن ابو اولاد کي ڏيندو آهي ته ابو به خوش ته پٽ به خوش ٿيندا آهن. پر جڏهن پٽ پيءُ کي ڏيندو آهي ٻئي روئندا آهن. امام شافعي فرمايو آهي ته : واطع اباک فانه رباک من عهد الصغر پيءُ جي فرمانبرداري ڪر ڇو ته ان ننڍپڻ ۾ توکي پاليو آهي. ابي ۽ امڙ جــي، خـــدمت ڪـريو خيال، ٿيندئو مالا مال، انهن جي احسان سين. ✍ازقلم: محمد ڪرم الله الاهي