مولانا مفتي سليم الله قاضي جو تعارف ۽ سندس خدمتون چوهاڻ سليم الله سنڌي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ salimchohan71 طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2017۔

  1. salimchohan71

    salimchohan71
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2013
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    سکر
    مولانا مفتي سليم الله قاضي جو تعارف ۽ سندس خدمتون

    چوهاڻ سليم الله سنڌي

    ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج

    ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي

    سرزمين سنڌ پنهنجي ظاهري توڙي باطني خوبين سان هر دور ۾ مالا مال رهي آهي. سرزمين سنڌ ۾ عالمن، مفسرن، محدثن ۽ اديبن جو تمام گھڻو تعداد جنم ورتو آهي، جن پنهنجي خداداد صلاحيت جي ڪري سنڌ ڌرتيءَ جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. اهڙن عالمن توڙي ديني ادارن ۾ تي ڪم ڪرڻ لاءِ مستقل طور دفتر لکڻ جي ضرورت آهي. پر ان هوندي آئون پنهنجي معلومات ۽ ڄاڻ موجب اهڙن عالمن ۽ اديبن جو تعارف لکي سنڌ جي نوجوانن لاءِ پيش ڪندو آهيان، جيئن اسان پنهنجي سنڌي عالمن ۽ انهن جي خدمتن تي ڄاڻ حاصل ڪريون. اڄ جي هن ڪالم ۾ ان عالم ۽ فاضل جو تعارف ڪرڻ گھران ٿو، جيڪو پنهنجي ظاهري توڙي باطني خوبين سان مالا مال آهي، جيڪو هڪ پاسي قديم علمن کان آشنا آهي ته وري ٻئي پاسي جديد علمن جو به سٺو ڄاڻو ۽ عالم آهي. منهنجي مراد حضرت مولانا مفتي سليم الله قاضي آهي، هتي پڙهندڙن جي خدمت ۾ سندن تعارف ۽ ديني خدمتن تي هڪ جھلڪ پيش ڪجي ٿي.

    نالو ۽ تعارف: حضرت مولانا مفتي سليم الله قاضي ولد ڪليم الله ذات قاضي. سندن ولادت 1963ء ۾ ٿي، سندن تعلق ٺيڙهيءَ جي مشهور قاضي خاندان سان اٿن.

    تعليم: 1979ء ۾ ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي ديوبند ٺيڙهيءَ شهر جي مشهور ۽ معروف ۽ قديمي مدرسي دارالهدي ٺيڙهيءَ ۾ ديني تعيلم حاصل ڪئي، جتي هن سڀني علمن جھڙوڪ تفسير، حديث، فقھ، منطق، فلسفو ۽ تاريخ وغيره جي تڪميل ڪري 1988ء ۾ فراغت حاصل ڪري سند يافته مولوي ٿي ويو. سندن مشهور ۽ معروف استادن ۾ حضرت مولانا عبدالحي گھوٽو (جيڪو دارالعلوم ديوبند جو فاضل هو) حضرت مولانا مفتي غلام قادر ميمڻ، حضرت مولانا هدايت الله، حضرت مولانا حزب الله ميمڻ شامل آهن، هتي مناسب معلوم ٿئي ٿو ته ٺيڙهيءَ جي مدرسي جو مختصر تعارف پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪريان، جنهن کي مون سنڌ جو ديوبند لکيو آهي. ٺيڙهيءَ مدرسي جو بنياد1332 هجريءَ مطابق 1923ء ڌاران پيو. هن مدرسي جو افتتاح ۽ نالو ” دارالهديٰ“ وطن جي آزاديءَ جي امام حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي رحه جن رکيو هو، ڇاڪاڻ ته مدرسي جو باني قاضي عبدالله حضرت سائين جن جي خاص مريدن ۽ تعلقدارن ۾ هو، شروع ۾ هي مدرسو قاضي عبدالله پنهنجي خرچي تي هلائيندو هو، هڪ ڀيري حضرت سائين سيد تاج محمود شاھ امروٽي رحه جن آيا ۽ فرمايائون ته مدرسي جي لاءِ چندو ڪريو ڇاڪاڻ ته مدرسي جو خرچ وڌي ويندو. ان کان پوءِ چنده مهم شروع ٿي وئي، سڀ کان پهريون چندو به حضرت سائين امروٽيءَ جن ڏنو هو، جيڪو نوَ آنا هو، حضرت سائين جن جي دعا به فرمائي. ان کان پوءِ هي مدرسو ڏينهنون ڏينهن ترقي ڪندو رهيو آهي. هن وقت تائين ٺيڙهي مدرسي جي فاضلن جي تاريخ لکجي ته هن جي فاضلن جو تعداد لکن جي لڳ ڀڳ هوندو، ٺيڙهي مدرسي جي تاريخ، ڪردار ۽ اهميت تي حضرت مولانا اسدالله شيخ جن شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ايم فل ڪئي آهي. جنهن مان اندازو ٿي ويندو ته ٺيڙهي جو مدرسو واقعي سنڌ جو ديوبند آهي.

    حضرت مولانا مفتي سليم الله قاضي جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن ۽ رخن تي مختصر جھلڪ پيش ڪجي.

    حضرت مولانا بحيثيت مدرس: جيئن ته حضرت مولانا مفتي سليم الله قاضيءَ جن سڄو علم ٺيڙهيءَ جي انهيءَ مشهور ۽ معروف ۽ قديمي مدرسي ۾ حاصل ڪيو. ان ڪري کيس پڙهائڻ جو موقعو به انهيءَ مدرسي مان مليو 1988ء کان هن وقت تائين لڳاتار ٺيڙهيءَ جي مدرسي استاد جي حيثيت سان مختلف علمن ۽ فنن جا ڪتاب جھڙوڪ تفيسر، حديث، فقھ، اصول فقھ، منطق، فلسفو وغيره پڙهائڻ ۾ مصروف آهن. پاڻ پڙهائڻ ۾ سٺو ۽ بهترين تجربو رکن ٿا، جو فراغت کان پوءِ لڳاتار پڙهائڻ جي محبوب ۽ پياري مشغلي رُڌل آهن. ان سان گڏوگڏ 1997ء ۾ ڪميشن پاس ڪري اسلاميات شعبي جا ليڪچرار بڻيا ۽ هن وقت اسٽنٽ پروفيسر جي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن، ان سان گڏوگڏ قاضي صاحب جن شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان اسلاميات ۾ ايم اي ڪئي.

    حضرت مولانا بحيثيت مفتي: حضرت مولانا جيئن ته هڪ ڪهنه مشق استاد هجڻ سان گڏوگڏ سٺي پائي جا مفتي پڻ آهن. پاڻ ٺيڙهي جي انهي مدرسي ۾ جتي استاد آهن، اتي استاد هجڻ سان گڏوگڏ دارالهديٰ ٺيڙهيءَ جي مدرسي جي ”دارلافتاء“ جا صدر پڻ آهن، هر هڪ مدرسي ۾ ٻين اهم شعبن سان گڏوگڏ ”دارالافتاء“ جو شعبو به لازمي هوندو آهي. هن شعبي جو مقصد آهي ته ماڻهن جي پڇيل مسئلن جو شرعي حل قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ ان کان سواءِ ماڻهن جي ميراث جي پڇيل مسئلن جو قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ حل. ان حوالي سان حضرت مولانا سليم الله قاضي صاحب جي فتوائن کي ڪورٽن ۾ به سٺي مقبوليت حاصل آهي. سندن فتوائن کي حرف آخر جي حيثيت سان ڏٺو ويندو آهي. هن وقت تائين حضرت مولانا مفتي سليم الله قاضيءَ جي قلم مان جاري ڪيل فتوائن جو تعداد تمام گھڻو آهي، جيڪڏهن سندن جاري ڪيل فتوائن کي سهيڙجي ته هڪ وڏو ڪتاب تيار ٿي سگھي ٿو. آئون قاضي صاحب مان هي اميد ڪريان ٿو ته پنهنجي فتوائن جي سهيڙڻ ۾ ڀرپور ڪوشش ڪندو، جيئن سندن جاري ڪيل فتوائن مان به اهل علم فائدو وٺي سگھن.

    حضرت مولانا بحيثيت ليکڪ ۽ ڪالم نگار: جيئن ته حضرت مولانا جن هڪ عالم دين ۽ اسلامي اسڪالر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺا ليکڪ ۽ ڪالم نگار پڻ آهن، پاڻ مختلف وقتن سنڌ جي مشهور رسالن ۾ جھڙوڪ ماهوار الحماد، ماهوار الحبيب ٺيڙهي، (هي رسالو ٺيڙهيءَ مان مولانا محمد سليمان طاهر رحه جي ادرات ۾ هڪ شمارو نڪتو) ماهوار آبادگار حيدرآباد، هي رسالو به مولانا محمد سليمان طاهر رحه جي ادرات ۾ ڪيترائي سال هلندو رهيو آهي اڃا تائين پنهنجي آب ۽ تاب سان جاري ۽ ساري آهي. ماهوار الرحيم حيدرآباد هي رسالو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ رحه جي نگرانيءَ ۽ ادارت ۾ نڪرندو هيو. ماهوار القاسم ڪوٽڙي، هي رسالو احقر راقم الحروف جي ادارت ۾ ڪوٽڙيءَ کان نڪرندو هيو، هن وقت عارضي طور بند آهي. هنن مشهور ۽ معروف رسالن ۾ قاضي صاحب جا مضمون شايع ٿيندا رهيا آهن. سندن مضمون سماجي خرابين جھڙوڪ ڪارو ڪاري جي رسم، طلاق جي مسئلن تي عام ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ لکيل آهن. جيڪڏهن انهن سڀني مضمونن کي سهيڙجي ۽ گڏ ڪجي ته هڪ وڏو ڪتاب تيار ٿي سگھي ٿو. انهن مضمونن کان سواءِ قاضي صاحب سٺا مصنف به آهن سندن تصنيفات ۾ هڪ پي ايڇ ڊي ٿيسز به آهي، قاضي صاحب حضرت علامه غلام مصطفيٰ قاسمي رحه جن جي نگرانيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي مان 1998ء ۾ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪري پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر بڻيو، پر پاڻ ڪڏهن به پنهنجي نالي پٺيان ڊاڪٽر نه لکندا آهن، اها سندن عاجزي اٿن ايڏي وڏي ۽ اعليٰ ڊگري هجڻ جي باوجود ڪڏهن به فخريه طور ان جو اظهار به نه ڪيو آهي، ورنه اڄ ڪلھ ڏيکاء ۽ شهرت جو اهڙو دور هلي رهيو آهي، جو ڪنهن کي معمولي ڊگري به هوندي ته ان کي فخريه طور پيش ڪندو. سندن تحقيقي مقالي عنوان آهي” اسلامي فقھ ۾ فتويٰ نويسيءَ جو فن“ (خصوصي طور تي سنڌ ۾ فتويٰ نويسيءَ جو فن) هن وقت پاڻ ٺيڙهيءَ جي مدرسي استاد هجڻ سان گڏوگڏ تصنيف ۽ تاليف جي ڪمن ۾ رُڌل آهن. آئون دعا ٿو ڪريان ته الله تعاليٰ حضرت مولانا جن جي عمر دارز ڪري جيئن وڌيڪ دين جو ڪم ڪري سگھن.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو