• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسلام عليڪم

نجما-ڪنول

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم

مان آهيان توهان جي ننڍڙي ڀيڻ نجما ڪنول مان اسٽوڊنٽ آهيان12 ڪلاس جي ۽ منهنجي لاءِ هي پهريون فورم آهي ان کان اڳ مان 52 ويبسائيٽ تي آئي آهيان مونکي شوق هو اسڪول ۽ تعليم ادارن جي لاءِ پنهنجي فورم جي کولڻ جو پر توهان ڀائرن سان هن فورم ته اچي هاڻي موڊ چينج ٿي ويو آهي منهجوشوق پينٽينگ، مهندي ۽ ڪپڙن جي ڊيزائينگ جو آهي ۔

انشاء الله جلد نيون نيون شيون پوسٽ ڪنديس
 
ادي
ڀلي ڪري آيا
11hv6v4.jpg
 
وسلام ڀيڻ
ڀلي ڪري آئين
مان اوهان کي سنڌ سلامت جي تمام ميمبرن طرفان خوش آمديد چوان ٿو توهان جي لکڻين جو انتظار رهندو.
 
ادي نجمه ڪنول توهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔۔
اميد ته توهان کي هي فورم بهتر لڳو هوندو۔۔۔ بس سنڌي لکڻ ۾ ٿورو مشڪل لڳندي توهان کي پر جلد ئي توهان هتي سنڌي لکڻ کي آساني سان سمجهي ويندو۔۔۔
توهان جي لکڻين جو انتظار رهندو ۔۔۔ اميد اها به آهي ته توهان جي فورم تي فعال هجڻ سان اسان جو ٻيون سنڌي ڀينرون پڻ اڳتي وڌنديون ۽ پنهنجي مٺڙي ٻولي کي عام ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ اسان جو ساٿ ڏينديون
 
ادي نجمه، سهڻي سنڌي جي فورم تي هي ناچيز توهان کي خوش آمديد چوي ٿو، ۽ توهان کي هڪ خوشخبري ٻڌائيندو هلان ته توهان هن فورم جي پهرين عورت ميمبر آهيو،
سنڌي لکڻ ايڏي مشڪل ڳالهه ناهي، بس سڄو دارومدارآهي محنت تي، توهان محنت ڪري گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا۔
 
ڀيڻ ڪنول السلام عليڪم
اسان جي سنڌ سموري سون آهي، سنڌ جي هر نگر، هر وستي، هر واهڻ ۾ ڏات ڌڻي، شاعر۽ ڪهاڻيڪار موجود آهن، بس اُنهن کي رڳو ڳولڻ جي ضرورت آهي، اسان جون سنڌي نياڻيون به هر معاملي ۾ جيجل سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت، چاهي هُو شاگردياڻيون ٿي، چاهي هو ڊاڪٽر ٿي، چاهي هو ڏات ڌڃاڻيون، جنهن ۾ شاعري، فنون لطيفه ۽ ڪهاڻيڪار ٿي سنڌي پٽڙن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪري رهيون آهن، مٺي ڀيڻ توهان کي جس هُجي جو توهان سنڌ سلامت واري فورم تي سنڌي قوم جي خدمت ڪرڻ وارو جذبو کڻي آيا آهيو، الله سائين توهان کي وڏي سوڀ ڏي، شل توهان کي ڪو ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاري آئون توهان کي پنهنجي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چوان ٿو.​
 
جواب: اسلام عليڪم

ادي توهان کي پنهنجي سنڌ ۾ هن ڪپيوٽر جي ننڍڙي سنڌ سلامت سان گڏ توهان کي خوش آمديد چون ٿا ۽ توهان جيڪو سوچي اسان ٿائرن وٽ آيا آهيو اُميد آهي ان سان اسان جي گهر وارن کي به ڪجھ نئون سکڻ لا ملندو،
 
Back
Top