نثارابڙو
نائب منتظم
مسلمان ٺڳي ڪري ته؛
دوستو! آءُ هميشه اهو چوندو آهيان ته اسلام دين فطرت آهي، ان ۾ هر اهو عمل جنهن سان ڪنهن ٻي انسان کي يا ڪائنات ۾ موجود ڪنهن به شئي کي نقصان ٿيندو هجي ته اهو خارج الاسلام آهي، اسلام جو حصو ناهي بلڪه دين اسلام اهڙي عمل ڪرڻ واري کي جهنمي ۽ ڏوهي قرار ڏئي ٿو .... ۽ هر مسلمان تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو اهڙي ڏوهاري ۽ جهنمي ماڻهونءَ خلاف جهاد ڪري .... پاڪستان ٺاهيو ويو هو اسلام جي نالي تي ته اسين مسلمان گڏجي رهنداسون، اسلام جي اصولن کي اپنائينداسون ... امن قائم ڪري هڪٻئي جا حق محفوظ ڪنداسون، پر ٿيو ڇا؟ بلڪل ان جي برعڪس، ملڪ ته ٺاهيو ويو پر دين اسلام جي اصولن کي پٺيءَ اڇلائي وڏين، زورآور ۽ لالچي قومن ننڍين ۽ مالدار قومن کي ڦرڻ ۽ ٺڳڻ شروع ڪيو ۽ دنيا جي ظالم ۽ اسلام دشمن طاقتن سان دوستي ڪري اسلام جي سخت مخالفت وارا عمل ڪيا ... نتيجو اهو نڪتو ته اڄ پاڪستان دنيا ۾ ناڪامياب ترين ملڪن ۾ ليکجي ٿو، عوام سخت پريشان آهي، بک بدحاليءَ جو دور اچي ويو آهي، چورن ۽ ڦورو قسم جي ماڻهن جو مزو ٿي ويو آهي، دنيا ڀر جا ڏوهي ۽ ظالم اچي هن ملڪ ۾ پناهه وٺي سگهنٿا ۽ هن ملڪ جي عوام کي موچڙا هڻي سگهنٿا ... انصاف اڻلڀ آهي، وسيلا غلط استعمال ٿي رهيا آهن، تعليم، صحت ۽ بنيادي ضرورتن جي کوٽ ٿي وئي آهي ... حقدارن کي حق ته پري جي ڳالهه بلڪ حقدارن کي حق گهرڻ تي قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ کين ڏينهن جا تارا ڏيکاريا وڃن ٿا ...
آءُ هميشه اها ڳالهه ڪندو آهيان ته جيڪي ظالم هجن چاهي اهي مسلمان ئي ڇونه هجن، چور هجن چاهي اهي مسلمان ئي ڇونه هجن، جيڪي غاضب هجن، ماڻهن جا حق کائيندا هجن، يتيمن جو مال ماريندا هجن، حقدارن جا حق ڦريندا هجن، چاهي اهي مسلمان ئي ڇونه هجن، انهن خلاف جهاد ڪرڻ عين فرض آهي، اسلام آهي ... سڌي راهه آهي ...
پاڪستان جون ڪجهه زورآور قومون، بي ايمان ٿي، سنڌين جو حق مارين ٿيون، سنڌين جا وسيلا ڦرين ٿيون ۽ سنڌين کي بي روزگار ۽ بدحال ڪري مارين ٿيون ... اچو ته الله جي رسول جي حديثن جي روشنيءَ ۾ ڏسون ته مال ڦرڻ وارا ڪير آهن؟
حوالو؛ فيض القدير شرح الجامع الصغير حديث 2473
”الله جي رسول فرمايو؛
ان من اسرق السراق من يسرق لسان الامير وان من اعظم الخطا يا من اقتطع مال امرءِ مسلم بغير حق ....
معني؛ چورن ۾ سڀ کان وڏو چور اهو آهي جيڪو حڪمرانن جي زبان چورائي، ۽ گناهن ۾ سڀ کان وڏو گناه ان ماڻهونءَ جو گناه آهي جو ڪنهن مسلمان جو مال ناحق طريقي سان حاصل ڪري“
حوالو؛ صحيح مسلم حديث 137 ڪتاب الايمان
الله جي رسول فرمايو؛
من اقتطع حق امري مسلم بيمينه فقد اوجب الله له النار وحرم عليه الجنه فقال له رجل وان ڪان شيئا يسيرا يا رسو الله ؟ قال وان قضيبا من اراڪ“
معني؛ جنهن ڪنهن مسلمان جو حق ماريو، ان تي الله تعالا جهنم واجب ڪري ڇڏي ٿو، ۽ ان تي جنت حرام ڪري ڇڏي ٿو، ته هڪ ماڻهونءَ عرض ڪيو ته يا رسوالله صلعم جيتوڻيڪ اها معمولي شئي هجي ته به؟ الله جي رسول صلعم فرمايو، هائو! جي اها شئي اراڪ ڪاٺيءَ جو ٺڪرو ئي ڇونه هجي“ (اراڪ ڪاٺيءَ جو قسم آهي)“
دوستو! مٿين حديثن مان ثابت ٿيو ته مسلمان جو مال مارڻ يا کائڻ وارو جهنمي آهي ۽ جهنمي ماڻهونءَ سان قطع تعلق ڪرڻ اسان تي واجب آهي، جي اسين ان سان جهاد نه ڪنداسون ته ان جي ڏوهه جا ڀاڱيوار ٿينداسون ...
اچو ته پنهنجي دين جي پيروي ڪندي، پنهنجن حقن جي حفاظت جي ويڙهه ڪريون (پنهنجي پنهنجي وس آهر) ته جيئن قومي فرض به پورو ٿئي ۽ ديني فرض به پورو ٿئي ....
رب العالمين اسانکي حق ۽ سچ کي سمجهڻ جي توفيق عطا ڪري ... آمين