ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو نه وسرندڙ شخصيت ڊاڪٽر خالد محمود جوڻو قاضي احمد

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ salimchohan71 طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2017۔

  1. salimchohan71

    salimchohan71
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2013
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    سکر
    ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو نه وسرندڙ شخصيت

    ڊاڪٽر خالد محمود جوڻو قاضي احمد

    اسان جي سنڌ ڌرتي سوني ڌرتي آهي، جتي معدني ذخيرا ته بي شمار آهن، اتي باڪمال شخصيتن جو جنم به تمام جھجهو آهي. ان حوالي سان سنڌ ڌرتي جو مان ۽ ڳاٽ اوچو آهي. اسان جي سنڌ سوين نه بلڪ هزارين ۽ لکين لعل ۽ هيرا پيدا ڪيا آهن، جن سنڌ جو نالو ڏيھ توڙي پر ڏيھ ۾ روشن ڪيو آهي. اهڙن ئي باڪمال شخصيتن ۾ اسان جي ڳوٺ مير محمد جوڻو لڳ قاضي احمد ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو جيڪوروزاني عوامي آواز جو مئنيجنگ ايڊيٽر 22 آگسٽ 2017 تي عوامي آواز جي آفيس ۾ دل جو دورو پوڻ سبب 63 سالن جي عمر ۾ هن فاني جھان کان لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي، احمد خان جمالي ۽ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان کاٻي ڌر جي سياست ۽ ايس اين ايس ايف ۾ سرگرم رهيو. هِن ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ وڏو عرصو لبيا ۾ نوڪري ڪئي. وطن واپس ورڻ بعد پنهنجي سياسي دوست ڊاڪٽرجبار خٽڪ سان روزاني عوامي آواز اخبار ۾ پنهنجي صحافتي خدمتون سرانجام ڏنيون جتي سندس نالو نروار ٿيو. ۽ آخري گھڙي تائين عوامي آواز ميڊيا گروپ سان سلهاڙيل رهيو. 20 سالن تائين اخبار جي نگراني ڪندو رهيو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي علائقي جو آبادگار پڻ هو ۽ سماجي سرگرمين ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ پاڻ ملهائيندو رهيو ۽ پاڻ هر گھڙي پنهنجي ماروئڙن جي داد رسيءَ لاءِ رُڌل رهندا هئا پاڻ ڀٽائي صاحب جي هن سٽ “تتي ٿڌي ڪاھ ناهي ويل ويهڻ جي” جا مصداق هئا.

    ڊاڪٽر صاحب جي زندگي هڪ تحريڪ هئي، پاڻ هڪ پاسي صحافتي ميدان ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريندو رهيو ته وري ساڳي طرح پاڻ هڪ متحرڪ سماجي ورڪر ۽ سياسي ليڊر هجڻ سان گڏوگڏ

    هوُ سنڌ جي آبادگار تنظيم سان پڻ جڙيل رهيو، ساڳئي وقت ڪيترين ئي سماجي ڀلائيءَ جي تنظيمن سان نه رڳو جڙيل رهيو، پر هن سنڌ جي پوئتي پيل ڳوٺاڻن کي پنهنجي عملي زندگيءَ وسيلي انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو.

    اڄ جيئن ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هن جهان ۾ نه رهيو آهي پر سندس ڪيل صحافتي ميدان ڪم ۽ سماجي خدمتون ۽ ڏتڙيل عوام سان هن جون همدرديون اڄ به زنده ۽ يادگار آهن، سندس انهن ڪمن ۽ خوبين جي ڪري اهڙا ماڻهو جيتوڻيڪ هن فاني جھان کان لاڏاڻو ڪري ويندا آهن پر حقيقت ۾ هو هزارين نه بلڪ لکين انسانن جي دلين ۾ جيئرا هو ندا آهن، اهڙن ماڻهن جي لاءِ ڀٽائي صاحب جي هي سٽ “مري ٿيا نه مات” يعني مري ڪري به جيئرا هوندا آهن.

    .


    ڊاڪٽر خير محمد جوڻو تسلسل هيو ڄام جوڻي جي خاندان جو، جنهن ساهتي پرڳڻي جي زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. قاضي احمد نوابشاهه روڊ تي قائم ڳوٺ مير محمد جوڻي جي نج ٻهراڙيءَ واري فطري ماحول ۾ پلجندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ خير محمد جوڻو ، ”خير “ ۽ ”شر “ جي ويڙهاند ۾ سدائين ” خير“ جو طرفدار رهيو.

    ڊاڪٽر صاحب نهايت ئي باخلاق انسان هو ان جو اندازو هن مان لڳائي سگھجي ٿو ته ڪراچي جي ادارن ۾ جتي هر هڪ ملازم، ”ميڊم“ ۽ ”سر“ چئي هڪ ٻئي کي مخاطب ٿيندو آهي. اتي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي ادا، ڀاءُ، ”من“، ادي، ڀيڻ، نياڻي ڪري مخاطب ٿيندو هيو، ان مام معلوم ڪري سگھجي ٿو ڊاڪٽر صاحب هڪ اعليٰ قسم جو با اخلاق انسان هو.

    ڊاڪٽر صاحب جون خوبيون ۽ همدرديون لکندي ادل سومرو پنهنجي ڪالم هن طرح اظهار ڪيو آهي:.

    “آءُ عوا مي آواز ۾ 2007 ع کان 2012 تائين ڪم ڪيو، گهرو مجبورين سبب آءُ 4 سال عوامي آواز اداري کان پري رهيس پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي سان جڏهن به فون تي ڳالهه ٻولي ٿيندي هئي، چوندو هئو ته ” من “ ڪراچي اچين ته مون سان ضرور ملي وڃجانءِ. هڪ ڀيرو آءُ ساڻس ڪراچي ۾ عوامي آواز جي آفيس ۾ مليس، مون کي چيائين ” من “ ڪو به مسئلو اٿئي ته مون کي ٻڌاءِ اخبار ۾ ڪم ڪرين ته تنهنجي لاءِ نوڪري موجود آهي پر منهنجي پنهنجي مجبوريءَ مون کي انهن ڏينهن ۾ نوڪري ڪرڻ نه ڏني. جڏهن مارچ 2016ع ۾ آءُ ٻيو ڀيرو عوامي آواز ۾ آيس ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻي منهنجي وڏي مدد ڪئي، ۽ منهنجي لاءِ ماحول کي ساز گار بڻايو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو”.

    ڊاڪٽر صاحب بابت ادل سومرو پنهنجي ڪالم ۾ وڌيڪ ويچار ونڊيندي هن طرح لکي ٿو:

    “ جديد دور ۾ جديد نظرياتي سياست ڪندڙ ۽ جديد تعليم حاصل ڪندڙ اهڙو سٻاجهه شخص هيو ، جو هن پنهنجي مزاج ۾ چالاڪي بدران سدائين قديم روايتن ۽ پنهنجي ڏاهپ کي نروار ڪيو ۽ پنهنجي قديم خانداني روايتن جي پاسداري ڪندي، انسان کي انسان سمجهو، ڊاڪٽر صاحب ڪنهن به ننڍ وڏائي ۽ سماجي طبقاتي فرق کان مٿاهون شخص هئو. جنهن جي سموري سماجي وهنوار ۾ هڪ ذميوار ۽ روشن خيال انسان جي تصوير نمايان نظر ايندي هئي” .

    ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جڏهن پنهنجي ڳوٺ ميرمحمد جوڻي ۾ عيد يا ٻئي ڪنهن خوشيءَ جي موقعي تي ايندو هيو ته هر ڪنهن سان پيار پريت ۽ محبت سان ملندو هيو، ان ڪري ڳوٺ وارا کين عزت جي نگاھ سان ڏسندا هئا، جيئن ته آئون به ڳوٺ ٻاهر ڪنهن مصروفيت ۾ هوندو هئس ۽ پاڻ به اڪثر ڪري ٻاهر رهندا هئا جڏهن ملاقات ٿيندي هئي ته نهايت ئي ادب ۽ پيار مان چوندا هئا سائين ڪٿي نظر ئي نٿا اچو، مون به چوندو هئس ته ڊاڪٽر صاحب اوهان به ته نظر نه ايندا آهيو پوءِ چيائون ادا اصل ۾ آئون به ڳوٺ کان ٻاهر پيو رهان. پاڻ خوش مزاج کلڻا ۽ سلڇلڻا هئا. بهرحال ڊاڪٽر صاحب جون ڪهڙيون خوبيون لکي ڪهڙيون لکان. آخر ۾ ڀٽائي سائين جي هن سٽ “ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن ماڻهؤَ منجهه بوءِ بهار جي”
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو