ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سنڌ ۾دهشت جي علامت بڻيل بدنام ڌاڙيل مبين ناريجو نئين ديري جي ڪچي ۾مارجي ويو
لاڙڪاڻو/نئون ديرو(رپورٽ: معشوق اوڍاڻو/لطيف سولنگي) رهزن ڌاڙيل مبين ناريجو نئون ديرو جي ڪچي واري علائقي شريف پور ٻيلي ۾ مارجي ويو آهي، لاڙڪاڻو پوليس کيس مقابلو ڪري مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته ذريعن مطابق پوليس مبين ناريجو کي ٻينگهر ڀاتين سميت بلوچستان مان گرفتار ڪري وٺي اچي هتي بيهاري گوليون هڻي ماريو آهي، ان بابت پوليس موجب اڱاري رات جو ڳجهي اطلاع تي ڊي پي او لاڙڪاڻو جي اڳواڻي ۾ پوليس نفري ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد شريف پور ٻيلي ۾ پهتي، جتي بدنام ڌاڙيل مبين ناريجو جي ٽولي سان مقابلو ٿيڻ ڪري وڌيڪ پوليس اٽالا طلب ڪيا ويا، پوري ضلعي جي پوليس ڪچي واري علائقي جو گهيراءُ ڪري پير گوزل شاهه وٽ ڌاڙيلن سان مقابلو ڪيو، اڌ ڪلاڪ تائين فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رهي، نتيجي ۾ ڌاڙيلن جي ٽولي جو سربراهه مبين ناريجو گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو، جڏهن ته ٻيا ڌاڙيل فرار ٿي ويا، پوليس موجب مارجي ويل ڌاڙيل وٽان هڪ ڪلاشنڪوف ۽ ڪيتريون ئي گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. هوڏانهن اهلڪار لاش کي پوليس موبائيل ۾ کڻائي نئون ديرو شهر پهتا، جتي اهلڪارن خوشي ۾ هوائي فائرنگ ڪئي ۽ لاش کي ٿاڻي تي آڻي پٽ تي اڇلائي ڇڏيو. لاش ڏسڻ لاءِ نئون ديرو ۽ آسپاس جا سوين ماڻهو ٿاڻي تي پهتا، لاش ڪجهه ڪلاڪ نٽهڻ اس ۾ پيل رهيو، جنهن کانپوءِ اهلڪارن لاش کي نئون ديرو جي اسپتال پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم ٿيڻ کانپوءِ آخري اطلاعن تائين مبين ناريجو جو لاش پيل هو ۽ ڪو به وارث ظاهر نه ٿيو هو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ثناءُ الله عباسي ڪالهه صبح جو نئون ديرو ٿاڻي تي پهتو، جتي هن ڌاڙيل جي لاش کي ڏٺو ۽ ڊي پي او توڙي مقابلو ڪندڙ ٻين اهلڪارن کان مقابلي جا تفصيل ورتا. ان موقعي تي ڊي آءِ جي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مبين ناريجو انتهائي خطرناڪ ڌاڙيل هو. اندروني سنڌ ۾ اغوا ٿيندڙ سمورا ماڻهو هن جي ڪئمپ تي رکيا ويندا هئا ۽ جتان هو ڀنگ لاءِ ڊيل ڪندو هو. جڏهن ته هن ڀنگ نه ملڻ تي ڪيترن ئي مغوين کي قتل پڻ ڪري ڇڏيو هو. مبين ناريجو اغوا وارداتن کانسواءِ ڪيترا ئي پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻيا عام ماڻهو قتل ڪري چڪو آهي. سندس مقابلي ۾ مارجي وڃڻ پوليس جي وڏي ڪاميابي آهي ۽ هاڻي گهڻي حد تائين اغوا توڙي ٻين ڏوهن جون وارداتون گهٽجي وينديون. ڊي آءِ جي چيو ته مقابلي ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن کي پروموشن ڏنا ويندا. ڊي پي او عرفان بلوچ جو چوڻ هو ته مبين ناريجو اندروني سنڌ جو بدنام ڌاڙيل هو، جنهن مٿان لاڙڪاڻو، خيرپور، سکر، نوشهروفيروز، دادو، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن ۾ مختلف ٿاڻن تي قتل، اغوا، ڌاڙن، ڦرن ۽ پوليس مقابلن سميت 100 کان وڌيڪ سنگين نوعيت جا ڪيس سنڌ ۽ بلوچستان ۾ داخل آهن. ڊي پي او ٻڌايو ته لاڙڪاڻو پوليس جي سفارش تي مبين ناريجو جي زندهه يا مرده گرفتاري تي سنڌ سرڪار طرفان 25 لک رپيا انعام رکيل هو، جڏهن ته 3 مهينا اڳ گهرو وزارت کي ليٽر لکي 50 لک رپيا وڌائڻ جي سفارش موڪلي هئي. ان کانسواءِ خيرپور پوليس پڻ مبين ناريجو تي 50 لک رپيا انعام رکڻ لاءِ پنهنجي الڳ سفارش موڪلي هئي، هن چيو ته مبين ناريجو جو مقابلي ۾ مارجي وڃڻ لاڙڪاڻو پوليس جي هڪ ٻي وڏي ڪاميابي آهي. هوڏانهن پوليس جي ذريعن ۽ علائقي مان معلوم ٿيو آهي ته انتهائي ڳجهي اطلاع تي ڊي پي او سي آءِ اي سينٽر جي انچارج، دڙي ۽ مارڪيٽ ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز تي مشتمل مخصوص اهلڪارن جي هڪ ٽيم بلوچستان ڏانهن موڪلي، ڄاڻايل اهلڪار ڏسيل ڳجهي پتي تي اوستا محمد شهر ٻاهران ڏاڪڻين ذريعي هڪ گهر ۾ داخل ٿيا، جتي بدنام ڌاڙيل مبين ناريجو پنهنجي گهرڀاتين سميت موجود هو. اهلڪارن مبين ناريجو، سندس پيءُ سڄڻ ناريجو، زال ۽ ڀيڻ کي گرفتار ڪري ورتو. ذريعن موجب مبين ناريجو کانسواءِ ٻين گرفتار ڪيل گهرڀاتين کي لاڙڪاڻي ضلعي جي حدن ۾ آڻي اڻڄاتل هنڌ رکيو ويو، جڏهن ته مبين ناريجو کي شريف پور ٻيلي ۾ آندو ويو، جتي ڊي پي او کانئس پڇاڳاڇا ڪئي. جنهن کانپوءِ اهلڪارن مبين ناريجو کي بيهاري گوليون هڻي ماري ڇڏيو. ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته ڌاڙيل مبين ناريجو جي موجودگيءَ جو درست اطلاع ڏيندڙ کي 5 لک رپيا ڏيڻ جي ڊيل پڻ ڪئي وئي هئي پر اهڙي اطلاع جي ڪابه تصديق نه ٿي سگهي آهي. ان حوالي سان ڊي پي او عرفان بلوچ چيو آهي ته بدنام ڌاڙيل مبين ناريجو کي گرفتار نه ڪيو ويو هو پر کيس مقابلي ۾ لاڙڪاڻو پوليس مڙسي ڪري ماريو آهي. ٻئي طرف ڪيٽي ممتاز ٿاڻي تي باقراڻي جي ايس پي او عبدالله لاکير گناهه نمبر 2010/ 31 ۽ قلم 345، 324 ۽ 349 تحت مارجي ويل ڌاڙيل مبين ناريجو ۽ سندس فرار ٿي ويل 5 ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته ڊي پي او ۽ ايس پي انويسٽيگيشن کي ڌاڙيل مبين ناريجو جي شريف پور ٻيلي ۾ موجودگي جو اطلاع مليو، جنهن تي ڊي پي او جي اڳواڻي ۾ سي آءِ اي سينٽر، دڙي، مارڪيٽ ٿاڻن ۽ پوليس جي اسپيشل ٽيم ۽ مجاهد ٽيم جو پهريان چودڳي وٽ ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ مبين ناريجو جي ڇڏيل ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي وئي، بعد ۾ پير گوزل وٽ ٿيل مقابلي ۾ هو مارجي ويو، سندس ٻيا 5 ساٿي علي احمد، بهادر عرف ماستر ناريجو، پرويز عرف پرو، شمون شيخ ۽ علي گوهر شيخ فرار ٿي ويا، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل علي احمد مارجي ويل ڌاڙيل مبين جو ڀاءُ ٻڌايو پيو وڃي