مارئي ۽ سسئي جي سنڌ ڪٿي آهي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مارئي ۽ سسئي جي سنڌ ڪٿي آهي؟​


    آر رابيل بلوچ



    سنڌ اها ڌرتي آهي جيڪا امن، پيار ۽ محبت جهڙن نالن سان مشهور آهي، سنڌ ۾ صوفيت جي صدا به ان ڪري ئي هميشه گونجي آهي جو هتي انسانيت کي ئي اوليت ڏني وڃي ٿي ۽ مان شان به بخشيو وڃي ٿو، سنڌ جي لطيف جي به اها ئي لات سندس شاعري جي اکر اکر ۾ سند بڻيل آهي ۽ سچل جي سرن مان به ماڻهو جي مخلصي کي معتبر بڻايو ويو آهي ۽ سامي جي سلوڪن ۾ به مايا کان مٿي انسان جي اندر جي احساس کي اجاگر ڪري سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، منهنجي سنڌ، سڀني جي سنڌ، جنهن جي مارئي محلن ۾ رهي ڪري به ٿرن برن جي موڪ ميهن ۽ موٺن کي ئي ساراهيو ۽ لوئي کي لڄ بڻائي مارن جي مان کي مٿڀرو ڪيو، منهنجي سنڌ اها ئي آهي جتي سسئي پنهنجي پنهون خاطر جبل جهاڳي لٽا ليڙون ليڙون ڪري ۽ ميري نظر کان بچڻ لاءِ الاهي در عرض ڪيائين ۽ وڃي زير زمين ستي، ۽ منهنجي سنڌ اها آهي جتي مومل مينڌري جي ميلاپ لاءِ پاڻ کي پتنگ بڻائي وڃي مچ حوالي ٿي، منهنجي سنڌ جا اهڙا ئي محبت، پيار ۽ امن جا هزارين قصا آهن جتي ماڻهن ۾ ميٺ محبت سان گڏ نياڻين جي عزتن جي به شناس هئي پوءِ ڇو منهنجي سنڌ جي ان عزت کي غيرت جو نانءُ ڏئي ڪٺو وڃي ٿو يا وري سولي تي لٽڪايو وڃي ٿو ۽ بدنامي جي ور چاڙهي ان کي پنهنجي پٽڪن کي ور ڏئي غيرت جو نانءُ ڏين ٿا، جيڪڏهن ڪنهن سان ناانصافي ٿيندي هئي ته وڏيرا ڪيتري ئي عرصي تائين انهن نياڻين کي سام رکندا هئا ۽ هاڻي اهي ئي وڏيرا سڀ کان پهريائين ان عزت کي تاراج ڪري پوءِ ڪتن ڪانون جي حوالي ڪري ڇڏين ٿا، اڳ اها سنڌ هئي جتي ماڻهو پري پري کان ڪهي ايندا هئا ۽ سندن حسرت هوندي هئي ته سنڌ اچي ڪمايون، اڄ اها ئي سنڌ جتي سج لٿي کانپوءِ رستا ويران نظر اچن ٿا، جتي ڌارين ته پنهنجون پاڙون پختيون ڪيون پر پنهنجن پنهنجن جون هتي پاڙون پٽيون ۽ اڄ منهنجي سنڌ جو سمورو حسن به نيلامي تي چاڙهي ڇڏيو اٿائون ۽ ان ئي ڌرتي جي امن جو پکي اڏاري هميشه لاءِ بدامني ڪئي وئي آهي ۽ هر روز شاهه جي ڪيترن ئي مارئين جو بي گناهه قتل ۽ غارت ڪيو وڃي ٿو، صرف ٻن ٽڪن عيوض ڀائر پنهنجي غيرت کي نيلامي جي ڦندي تي چاڙهي ڇڏين ٿا ۽ ور پنهنجي ننگن کي لالچ ۾ اچي ايندي ويندي سان ڪارنهن جو الزام هڻي پاڻ کي غيرت جو نانءُ ڏئي ڀڀ کي ٽڪن سان ڀرين ٿا، هر روز اخبارون صرف عورتن سان ٿيل طرحين طرحين زيادتين جي واقعن سان ڀريون پيون آهن، اها ڪٿان جي غيرت آهي؟ 24 مئي جي ڪاوش ۾ سجاول جوڻيجو ۾ مڙس گهر ۾ آيل مهمان سان زال کي ڪارو ڪري ماري ڇڏيو، وري ڪٿي نياڻين کي قرضن عيوض ڍورن جيان وڪرو ڪيو وڃي ٿو، ڪٿي ماني ۾ دير هئڻ جي ڪري ڏنڊا هڻي مٿو ڦاڙي ماريو وڃي ٿو، ڪٿي مٿي جا وار ڪوڙي تذليل جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، ۽ ڪٿي فنڪار جي ڪلام ٻڌندڙ عورت کي مڙس ڪارنهن جو الزام هنيو ، عورت کي بي حسي جي ور چاڙهي هميشه تذليل ئي ڪئي وئي آهي، چوندا آهن ته ”انڌير نگري چرٻٽ راجا، رپئي سير ڀاڄي رپئي سير کاڄا“ سو اڄ ڪلهه اسان جي سنڌ جتي هميشه امن ۽ محبت جي پرچار هوندي هئي، اها ئي شاهه سچل سامي جي سنڌ پنهنجن سورمين سهڻي، سسئي، مارئي، مومل ۽ هر عورت سميت امن ۽ عزت لاءِ واجهائي رهي آهي. جتي سندن ڪو مٿي تي اچي هٿ رکي، آٿت ڏئي سهارو بڻجي عزتن کي محفوظ رکي ۽ روز جي دربدري ۽ نيلامي جي واڪن کان بچائي وٺي ۽ بکايل بگهڙن جي بک کان بچائي ۽ شاهه سميت هر سرتي جي به اها ئي دعا آهي ته اڳ جيان عزتون ۽ امن برقرار رهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو