ابراهيم لاشاري وارهه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏31 آگسٽ 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    [​IMG][​IMG]
    سنڌ جو نوجوان اديب تاريخ جو سوجهرو، ڪالم نگار محمد ابراهيم لاشاري جي سالگره جي مناسبت سان

    شفيق مصطفي ڇٽو (وارهه)

    سونهاري سنڌ جنهن کي علم ادب جو گهر سڏيو ويندو آهي هن ڌرتي وقت به وقت ڪيترن هيرن ،ماڻڪ موتين کي پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي ، جنهن منجهه عالم ،بزرگ ، اديب ،شاعر ، سگهڙ ، صحافي ، ۽ اهل علم جن پنهنجي ڪيل ادبي پورهي ۽ ڪيل پنهنجي سماجي ، سياسي ڪمن جي ڪري پنهنجي ڪردار کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان علمي ،ادبي حلقن منجهه نروار ڪري پنهنجو نالو ظاهر ڪيو آهي . اهڙي طرح وارهه شهر ڀرسان ڳوٺ ميد شهيد جي ڪلراٺي مٽي تي هڪ هاري حاجي ڦوٽو لاشاري جي گهر ۾ ابراهيم لاشاري نالي ننڍڙي ابهم پهرين جنوري خميس ڏينهن سال 1976ع ڌاري جنم ورتو . ابراهيم لاشاري صاحب جا والدين ايترا پڙهيل لکيل نه هيا مگر تنهن هوندي به هن جي زبردست تربيت ڪري ڦرهي هٿ ۾ ڏئي پنهنجي اباڻي پرائمري اسڪول ميد شهيد ۾ علمي ۽ نصابي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪرايو جتان هن ننڍي هوندي هن ذهين فرد پنج درجا پرائمري محنتي استاد عبدالوهاب لاشاري مرحوم جي شفقت سان پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ وارهه هاءِيرسيڪنڊري اسڪول ۾ داخلا ورتي مگر ڪجهه ٽائيم پڙهي هن جي والدين سندس هاءِ اسڪول کنڊو ۾ داخلاءِ وٺي ڏني جتان هن محنت سان مئٽرڪ جو امتحان (اي گريڊ ) منجهه پاس ڪري ورتو ،انٽر جو امتحان گورنمينٽ هاءِيرسيڪنڊري اسڪول وارهه منجهان پاس ڪري ورتو ته سندس والد صاحب اوچتو دل جي تڪليف سبب وفات ڪري ويو سندس زندگي ۾ مشڪلاتن منهن ڪڍيو ، سندس زندگي جا پل گذارڻ هن ڪومل انسان لآءِ عذاب ٿي پيا سندس تعليم حاصل ڪرڻ به مشڪل بڻجي وئي سندس مٺڙي امڙ رحمت خاتون لاشاري زندگي جو سهارو بڻجي مدد ڪندي تعليم جي زيور سان زندگي کي آرسته ڪندي نظر آئي هن ذهين اديب به مشڪلاتن سبب تعليم مان هٿ نه ڪڍيا .هن همٿ نه هاري جلد هن صحافت واري دنيا کي ترجيح ڏئي وارهه اسٽيشن لاءِ روزاني ڪوشش اخبار جو نمائندو مقرر ٿي صحافت جي شعبي سان سلهاڙجي ويو ، ۽ تعليم کي به جاري رکيو . ابراهيم لاشاري پنهنجي فهم فضيلت واري علمي ڄاڻ سان وارهه جي مسئلن کي وقت به وقت ادارن تائين اجاگر ڪندو رهيو ، ابراهيم لاشاري وقت به وقت سنڌ جي مختلف اخبار جو وارهه جو رپوٽر ٿيندو رهيو ، ان زماني ۾ نوڪرين تي بندش سندس جو روزگار وارو دروازو به بند رهيو ، مگر ڀاڳ جي ديوي ساٿ ڏيندي هن اديب کي ان وقت وارهه جي مشهور زميندار محترم سراج الدين ابڙو صاحب جيڪو عشر زڪوات ڪاميٽي تعلقي وارهه جو تعلقه چئيرمين پڻ هو ان سندس ڊيلي ويجز تي (عاملين ) ڪلرڪ مقرر ڪرايو جتي هن بي يارو مددگار ،غريب ،مسڪين ،بيواه عورتن جي مدد ڪندي نظر آيو ، سندس سماجي پهلو ننڍ پڻ کان وٺي نشابر رهيو آهي .ابراهيم لاشاري گريجوئيشن جو امتحان نور آرٽس ڪاليج نصيرآباد منجهان سال 1996ع ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ سال 1998ع ڌاري پاس ڪري سند حاصل ڪئي . ابراهيم لاشاري سال 1999ع ڊسمبر مهيني ۾ پهرين لکڻي روزاني عوامي آواز منجهه لکي پنهنجي ڏات جو اظهار ڪيو جنهن جو موضوع هو ( شاهه سائين جي شاعري ۾ پکين جو ذڪر) لکي سنڌي ادب ۾ پير پاتو تنهن بعد هو مسلسل سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ پنهنجا مضمون تحقيقي مقالا ، ترتيب ڏنل موضوع ،سفرنامه اڄ تائين لکڻ ۾ مصروف عمل آهي .هن اديب سوانح عمري ، سنڌ جي نباتات ، لوڪ ادب، سنڌ جا فنڪار ، لطيفايات ، سنڌ جي مختلف سياسي سماجي ،ادبي شخصتين جي ادبي ۽ ڪيل ڪم کي پنهنجي قلم جو موضوع بڻايو آهي سندس ادبي دنيا جو استاد ناميارو لاڙڪاڻي جو شهر جو مشهور ڪهاڻيڪار ،اديب ، شاعر ، پروفيسر محمد علي پٺاڻ صاحب اٿس جيڪو وقت به وقت سندس ادبي اصلاح ڪندو رهي ٿو . هي ماڻيٺو اديب مسلسل سنڌي ادب کي آسودي ڪرڻ ۾ ابراهيم لاشاري خاموش ناهي ويٺو . ۽ پنهنجي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ به هن غريب هاري جي فرزند محنت مان هٿ نه ڪڍيو سال 2005ع ڌاري سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ 150 سنڌي ادب ۾ ليڪچرارس جي خالي جاين کي ڀرڻ ۾ هڪ اشتهار جاري ڪيو . ان مقابلي واري امتحان ۾ سڄي سنڌ جي 902 اميدوارن حصو ورتو. جنهن ۾ محمد ابراهيم لاشاري پڻ اميدوارن منجهه شامل هو اهي امتحان جي نتيجي ۾ هن سنڌ جي اديب سڄي سنڌ منجهه لکت واري امتحان ۾ (ٻيو نمبر ) کڻي سنڌي ادب جو ليڪچرار جو امتحان پاس ڪري ورتو . ڪجهه مهينن بعد سال 2006 آگسٽ مهيني ۾ سندس گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج قمبر ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ڪيو ويو .جتي ابراهيم لاشاري درس تدريس واري شعبي سان سلهاڙجي پنهنجو فرض اڄ تائين محنت ۽ پابندي سان سر انجام ڏيندي نظر اچي ٿو. ابراهيم لاشاري کي سنڌ حڪومت سال 2008ع منجهه عشر زڪوات کاتي واري شعبي ۾ ڊيپوٽيشن تي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو (ڊي _ زيڊ _ او ) مقرر ڪيو ويو جتي هن نهايت ايمانداري سان پنهنجو فرض سرانجام ڏيندو رهيو ۽ هي پهريون مقامي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو پڻ ڊسٽرڪٽ زڪوات آفيسر ( ڊي _زيڊ _ او )پڻ رهي چڪو آهي .ابراهيم لاشاري سال 2006 کان وٺي استادن جي تنظيم (سپلا) جو قمبر شاهه لطيف ڪاليج جي يونٽ جو صدر رهندو پئي آيو آهي مڱر بهترين سماجي ڪمن جي ڪري هن ڀيري سندس کي استادن جي تنظيم (سپلا) جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو ويو مگر هن سال 2018، 2016_ جي (سپلا) جي اليڪشن ۾ سپلا ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جو بنامقابلي جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو سال 2016 ۾ هن سنڌ جي مختلف اخبارن روزاني سوڀ، روزاني عوامي آواز، روزاني فاسٽ ٽائيمز ، روزاني هلال پاڪستان ۽ سوڀ سنڊي مئگزين منجهه هفتيوار ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي مضمون ڇپجندا رهن ٿا. سندس سوڀ سنڊي مئگزين ادبي نالي جي سڃاڻپ سڄي سنڌ ۾ ظاهر ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي، ابراهيم لاشاري جا 200کان مٿي مختلف ڪالم ڇپجي سنڌي ادب ۽ اخبارن ،رسالن ، مئگزرين جي زينت بڻيا آهن سنڌ جي هن سيبتي ڪالم نويس اديب اڄ پهرين جنوري 2017ع تي ( 41) سالن جي ڄمار ۾ پير پاتو آهي منهنجي هن نماڻي طبيت جي سهڻي اديب ڪالم نويس لاءِ ڌڻي در دعا آهي ته هو اڃان پنهنجي ڏات منجهان سنڌي ادب کي پنهنجي قلم وسيلي شادآباد ڪري . ********

    .

    [​IMG]
     
    آخري ترميم: ‏31 آگسٽ 2017

هن صفحي کي مشهور ڪريو