اڃا ته ڪيڏا هي پنڌ آهن ...

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اڃا ته ڪيڏا هي پنڌ آهن.
    ””””””””””””””
    اڃا ته ڪيڏا هي پنڌ آهن،
    ٿڪا جي ساڻا هي سنڌآهن،
    اڃا به اڳتي هلي پو ڪاهيو،
    رت هي موسم سمجهي ساهيو،
    اياڻا ناهيو اياڻا ناهيو،
    چاهتن کي چمي جي چاهيو،
    جوڌا جوان اهي ئي آهيو،
    سپنن خوابن جا عڪس لاهيو،
    هن ويري جو آهي وطن اچايو،
    ان جي صورت کي يار ڊراهيو،
    سچ جو مچ ملي مچايو،
    اوهان ته اجرا سڀن کان آهيو،
    مصيبتن کي ملي منجهايو،
    ڳيچ ڳوٺن ۾ يار ڳايو،
    نڪارا نرمل وڌي وڄايو،
    آيو آيو اجهو هو آيو،
    پيار پرولين ٿا پڄايو،
    لحزي ۾ پو لرزشن جا،
    عشق ايندي عبادتن جا،
    پير پٿون ڦلوڪڻن ۾،
    مينهن وسندي ڪجه ڪڻين ۾.
    ديس جا هي دودا جاڳيا،
    جاڳيا جاڳيا سنڌ ڀاڳيا،
    ڀڄائي ويري ڪندا هو ڍيري،
    وطن مصيبت ويو ٿي ويري،
    تنهن کي ڳولي ڳڀا ڪبا سڀ،
    پاڻ جيئن پٽبي آهي ڪنهن ڊڀ،
    سلو هي سنڌ لاءِ ڇڙو ڏڪاري،
    سنڌ ٿي اهڙو پڪاري ساري،
    سنڌ ٿي اهڙو پڪاري ساري.


    لبستم دائودپوٽه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو