اکين جي ميڪ اپ لاءِ مهارت ضروري آهي

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اکين جي ميڪ اپ لاءِ مهارت ضروري آهي​


    مهر النساءَ ٿيٻو

    [​IMG]
    اڪثر عورتون صبح جي وقت آئي شيڊو لڳائڻ ۾ ڪو حرج محسوس نه ڪنديون آهن ڇو ته ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ انهن جو اهو آئي شيڊ اکين جي وچ ۾ هڪ ڳجهي جي شڪل اختيار ڪري تمام خراب لڳندو آهي. توهان هميشه پنهنجين پلڪن کي ڪينوس وانگر سمجهو جيڪو بلڪل سادو آهي ۽ ان کي پينٽ ڪرڻ کان اڳ رنگن جي چونڊ ڪئي ويندي آهي، اهو ئي حال آئي شيڊو جو به هوندو آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته ڏنل ٽپس تي عمل ڪريو ته جيئن توهان جي آئي شيڊو دير تائين قائم رهي سگهي. آئي شيڊو لاءِ گهڻي وزني آئي ڪريم استعمال نه ڪريو. ڏينهن وقت لائيٽ ڪريم لڳايو، جنهن ۾ سيليڪون جي چونڊ ڪئي ويندي آهي ته پلڪن مان نڪرندڙ قدرتي تيل کي هي گهڻي کان گهڻو جذب ڪري سگهي، پنهنجي پلڪن تي فائونڊيشن جو استعمال نه ڪريو، ان جي غير موجودگي ۾ توهان کي آئي شيڊو جو سٺو تاثر ڏسڻ ۾ ايندو. ڪو به آئي شيڊو بيس استعمال نه ڪريو ڇو ته ان جي استعمال سان پلڪون وزني (ڀاري) ٿي وينديون آهن، اڄڪلهه مارڪيٽ ۾ فائبر فليٽ برش جو تمام گهڻو ٽرينڊ آهي ان جو استعمال ضرور ڪريو. ميڪ اپ جا وقت ڪهڙا هجڻ گهرجن: عورتن کي گهرجي ته پنهنجي خوبصورتي کي وڌائڻ لاءِ ميڪ اپ جي وقتن کي ضرور نظر ۾ رکي ته جيئن چمڙي جي قدرتي چمڪ برقرار رهي، ڏينهن جي وقت ۾ تمام هلڪو ميڪ اپ ڪرڻ گهرجي، گهڻي کان گهڻي لپ اسٽڪ ۽ بلشر استعمال ڪريو، شام جي وقت ٻاهر نڪرڻ لاءِ ميڪ اپ گهڻو ڪرڻ جي ضرورت نه ٿي پوي ان لاءِ فائونڊيشن آئي شيڊز، مسڪارا ۽ چمڪدار لپ اسٽڪ جو استعمال ڪريو. ان ميڪ اپ ۾ چهري جي نقشن کي نمايان ڪري سگهجي ٿو.جن ماڻهن جون اکيون خوبصورت هونديون آهن انهن کي گهرجي ته هو پنهنجي اکين تي اهڙو ميڪ اپ ڪن ته جيئن هو ڪنهن محفل ۾ وڃن ته سڀني جون نظرون انهن تي مرڪوز ٿي وڃن، ڏينهن جي وقت لپ گلوس جو استعمال بهتر آهي، چاهي ٽرانسپيرنٽ هجي يا ڪلرز، رات جي وقت هميشه گهرا رنگ استعمال ڪريو. جهرين سان بچي سگهجي ٿو: جهريون ۽ گهنجن اصل ۾ بنا سڏايل مهمان هوندا آهن، جيڪي بنا ڪنهن دعوت نامي جي اچي ويندا آهن، ٻئي طرف عورتون پاڻ به جهرين ۽ گهنجن کي دعوت ڏينديون آهن، اصل حسن انسان جي اندر هوندو آهي ۽ جڏهن سٺي صحت هوندي ته اندر جو حسن ٻاهر ايندو آهي، پنهنجي غذا ۾ مڇي، شيل فش ۽ چڪن جو استعمال ڪريو، هڪ چمڙي جي ماهر مطابق صحتمند سڻڀ جيڪو ٿڌي پاڻي جي مڇين ، نٽس، ڦرين ، کاڄن ۽ زيتون جي تيل ۾ هوندو آهي ، اهي سڻڀ جا بهترين قسم آهن ۽ اهي چمڙي کي نرم، جوان ۽ شگفته رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: اکين جي ميڪ اپ لاءِ مهارت ضروري آهي

    ادا ممتاز ماڊرن عورتن کي اهڙي معلومات ڏيڻ جي لاء اوهان جي تمام گهڻي مهرباني ۔ باقي اسان جهونا ته صبح جو اٿڻ سان اکيون پاڻي سان ئي مشڪل سان ڌوئيندا آهيون ۽ ڪڏنهن ڌوئينندا آهيون ته ڪڌنهن ڌوئڻ وسري وينديون آهين ۽ ڏاٽو کڻي گاه پٺي تي نڪري ويندا آهيون ۔
    بحرحال ادا اوهان جي تمام گهڻي مهرباني اهڙي قيمتي معلومات ڏيڻ جي ڇو ته انسان جي لاء الله جي طرفان ڏنل هر نعمت پهنجي جاء تي قدر و قيمت رکي ٿي پر اک جهڙي نعمت انمول آهي ان جي حفاظت تمام ضروري آهي
    ۽ جي ان ۾ اڃا سونهن آنيدي وڃي ميڪ اپ جي ذريعي ته اهو به هڪ اللله جي ڏنل نعمت جو شڪر ئي ادا ڪرڻ جي برابر آهي
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اکين جي ميڪ اپ لاءِ مهارت ضروري آهي

    ادا علي ! اهي ٽپس مائين لئه آهن، تون منهن ڌوئين يا نه، ڳالهه مڙئي ساڳي، انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين ۔۔۔ باقي ها مايون ڀل سورنهن سينگار ڪن ۽ پنهنجن مڙسن جي دل ريجهائين ۔۔۔ اکيون رب رکيون، جي هجن ڪجراريون ته ڪئي نثار ، ناز ڪندا ۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اکين جي ميڪ اپ لاءِ مهارت ضروري آهي


    سائين اصل واه جو ڳالهه ڪئي اٿئو دل کي لڳي
    ها ها ها

    ادا ممتاز بهترين شيئرنگ پيش ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو