عمده تحرير لکڻ جا ڪجھ اصول ڪجھ ڏينهن کان ادب ساه چاھ رکندڙ مختلف دوستن طرفان هڪڙو ساڳيو سوال مسلسل مون کان پڇيو ويو، سوال هو تہ ” اسان ڪهاڻيون لکڻ ٿا چاهيون، اوهان ڪو ڏس پتو ڏيو تہ جئين اسان ڪهاڻيون لکي سگهون.“ يقينن سوال اهميت جوڳو هو، جواب ڏيڻ بہ لازم هوندو هيو پو۽ پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي سڀني دوست کي جواب ڏيندو هيم، هت جامع نموني سان ڪهاڻي لکڻ جي فن تي فڪري نظر سان مضمون ونڊ ڪري رهيو آهيان اميد آهي تہ هن کي پڙهي ڪري ڪافي دوست رهبري حاصل ڪندا. جئين تہ سوشل ميڊيا تي هن مهل هر عام توڙي خاص ماڻهون جي رسائي سولي ٿي پئي آهي، ان ڪري سوشل ميڊيا تي ادب سان لاڳاپيل گهڻو ڪجھ مواد پڙهڻ لا۽ ميسر آهي، ڪجھ فرد ڪنهن اديب يا ليکڪ جي لکيل مواد تي گهڻي واه واه ڏسي ڪري، پاڻ اديب ٿيڻ چاهيندا آهن، اديب يا ليکڪ ٿيڻ ايترو سولو ناهي يا ائين جلد ۾ ناهي ٿيبو، اچو تہ انهن اصولن جو مشاهدو ڪريو جن تي عمل ڪري اسين ادب جي ميدان ۾ پنهنجو سٺو مقام ٺاهي سگهون ٿا. سڀ کان پهرين ڳالھ ادبي صنف جي پرک ٻي ڳالھ ادب سان دلي لڳاءُ ٽي ڳالھ مطالعو ۽ مشاهدو اچون ٿا پهرين اصول تي ادبي صنف جي پرک. جئين تہ ادب ۾ ٻہ مکيہ صنف آهن. هڪ نثر. ٻي نظم. نثر - جنهن ۾ ڪهاڻيون، ناول، افسانہ، مضمون، سفر نامہ، آتم ڪٿا، وغيره وغيره. نظم - هن صنف ۾ شعر و شاعري جون تقريبن سڀئي قسمون اچي وڃن ٿيون، جئين غزل، گيت، نظم، آزاد نظم، چئو سٽو، پنجڪڙو، مرثيو، حمد، نعت، مولود وغيره وغيره. ادب سان ذئوق رکندڙ فرد کي اهو تعين ڪرڻو آهي تہ سندس تخليقي صلاحيتون ڪهڙي صنف ۾ سگهاريون آهن. ڇا هو بهترين ڪهاڻيون لکي سگهي ٿو ؟؟؟ ڇا هو ناول لکڻ جي صلاحيت رکي ٿو ؟؟؟ ڇا سندس ذهن غزل لکندي ڪنهن بہ قسم جي مونجهاري جو شڪار تہ ٿي ٿئي ؟؟؟ ڇا هو بهترين نظم لکڻ جي صلاحيت سان ٽماٽر آهي ؟؟؟. مطلب تہ اهو فيصلو کيس خود ڪرڻو آهي تہ سندس تخليقي صلاحيتون ڪهڙي صنف ۾ سگهاريون آهن، اڪثر ائين بہ ٿيندو آهي تہ ڪافي اديب هڪ ئي وقت، ڪهاڻيڪار، ناوليسٽ، افسانانگار، ڊارامانگار هوندا آهن، اهو بہ تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ادب جي هڪڙي صنف ۾ پنهنجو نالو ڄمائي ڪري اُهي وري ٻي صنف تي طبع آزمائي ڪندا آهن ۽ پو۽ وري اڳتي وڌندا ويندا آهن، نون لکندڙن لا۽ اهو سولو ناهي تہ هو يڪدم مختلف قسم جي صنفتن تي پختگي حاصل ڪري سگهن، ان لا۽ فل حال کين هڪڙي صنف تي طبع آزمائي ڪرڻي پوندي ۽ پو۽ وري ادب جي اصولن کان واقف ٿيندي اڳتي وڌڻ کپندو، اهو سندس لا۽ سولو رستو هوندو. ٻي اهم ڳالھ تہ ادب سان اگر ڪنهن ماڻهو جي دلي لڳاءُ ناهي تہ پو۽ اِهو مَمَڪن ئي ناهي تہ اُهو ادب ۾ ڪو ٻوٽو ٻاري سگهي، انسان جو لاڙو ئي انسان کان ڪا نہ ڪا نئي شئي تخليق ڪرڻ جو سبب بڻجندي آهي، بنا لاڙي ۽ لڳاءُ جي ڪنهن شئي تي عبور حاصل ڪرڻ يقينن ناممڪن آهي، ان لا۽ ادب سان چاھ هجڻ بہ ائين کڻي سمجهو تہ هڪ شرط آهي، وقتي طور يا وري ڪنهن سان رِيس ڪرڻ جي عيوض ادب ۾ جنهن بہ پير پاتا، اُهي فرد ادب جي دنيا ۾ گهڻو عرصو رهي نہ سگهيا، انهن سگهو ئي پنهنجا پير ڊاهيا ۽ اسڪرين تان گم ٿي ويا، تاريخ کين گمنام فردن جي فهرست ۾ شمار ڪري ٿي. ٽي مکيہ اصول آهي مطالعو ۽ مشاهدو، هن اصول جو لاڳاپو اوهان جي لکيل تحرير جي روح سان آهي، اوهان جو مطالعو جيترو وسيع ۽ گهرو هوندو، اوهان جي تحرير ايتري جٽادار ثابت ٿيندي، اوهان جو مطالعو جيترو گهٽ هوندو، اوهان جي تحرير ايتري ڪمزور ثابت ٿيندي، ان لا۽ ڪجھ بہ لکڻ کان پهريان مطالعو ضرور ڪجي جئين لکڻ جي اصولن، لفظن جي اصلوبن، تسَسُل، ۽ روانگي کان واقف ٿي سگهجي. انهن ٽن اصولن تي عمل ڪندي پو۽ ڪنهن صنف تي طبع آزمائي ڪجي، پنهنجي تخليق کي وري ڪنهن قابل اعتبار ۽ ڄاڻو فرد کي ڏيکارجي تہ جئين ضرورت مطابق وڌيڪ رهنمائي حاصل ڪري سگهجي، ۽ ائين وري وقت بہ وقت ڪجھ نہ ڪجھ لکڻ گهرجي ڇو تہ هر شخص ڪهاڻي آهي، هر ڪنهن وٽ زندگي جا تلخ تجربات ذهن جي ڪنڊ ۾ محفوظ ٿيل آهن، خيالي ۽ تصوراتي دنيا کي ڇڏي ڪري اگر سماج تي هڪ نظر ڊوڙائبو تہ اسان کي لکڻ لا۽ انيڪ عنوان ملي ويندا، بس فرق صرف اهو آهي تہ معاشري کي عام ماڻهو جي نظر سان نہ ڏسجي، هڪ حساس دل رکندڙ فرد جي نگاه سان ڏسڻ گهرجي، پو۽ ڏسو تہ ڇا مان ڇا ٿو ٿئي. يوسف جميل لغاري