سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ مالي بحران

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ مالي بحران ​


    [​IMG]

    منير ميمڻ

    وفاقي حڪومت طرفان ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ رقمون اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ رکڻ تي سنڌ پرڳڻي جون يونيورسٽيون هڪ سنگين مالي بحران ۾ هلي ويون آهن، يونيورسٽين لاءِ پنهنجن ملازمن جون وڌايل پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ به مشڪل ٿي ويو آهي، جنهن ڪري سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي سربراهن پهريون ڀيرو دانهون ڪرڻ شروع ڪيون آهن، يونيورسٽين لاءِ نه رڳو وڌايل پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ مسئلو ٿي ويو آهي پر ان سان گڏ ترقياتي بجيٽ بلڪل ئي بند ڪرڻ سبب يونيورسٽين جا ڪيترائي منصوبا پڻ رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن، انهن منصوبن تي اربين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن اهي منصوبا جاري نه رکيا ويا ته اهي اربين رپيا ضايع ٿي ويندا يا وري جيڪڏهن انهن منصوبن جي فنڊن ۾ وڌيڪ دير ڪئي وئي ته انهن جي لاڳت وڌي ويندي، سنڌ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن طرفان ان سلسلي ۾ سفارشون به تيار ڪيون ويون آهن، جن ۾ حڪومت کي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن يونيورسٽين کي موجوده مالي بحران مان نه ڪڍيو ويو ته اهي پروفيشنل يونيورسٽيون سرڪاري پيلن اسڪولن وانگر پيليون يونيورسٽيون ٿي وينديون، جنهن جو بهرحال نقصان وري به سنڌ جي ماڻهن کي ٿيندو، ڇوته هن وقت سنڌ جي ڪيترين ئي يونيورسٽين پنهنجو معيار عالمي سطح تي مڃرايو آهي، انهن يونيورسٽين کي جيڪڏهن فنڊ نه مليا ته اهي يونيورسٽيون ڪيترائي منصوبا جاري نه رکي سگهنديون، سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي سربراهن پهريون ڀيرو حڪومت کي سفارشون موڪلي اهو مطالبو ڪيو آهي ته کين بحران مان ڪڍيو وڃي، سنڌ جون ڪيتريون ئي يونيورسٽيون جيڪي اڳ ۾ ئي قرض تي هلي رهيون آهن مٿان وري انهن جي بجيٽ گهٽائي وئي آهي، يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن واري ڪاميٽي موجب يونيورسٽيون مالي سال 08-2007ع کان بينڪن کان اوور ڊرافٽ ذريعي پگهارن ۽ پينشنن ۾ اضافي وارو بار برداشت ڪري رهيون آهن. سمورين يونيورسٽين صرف مالي سال 10-2009ع دوران هڪ ارب 77 ڪروڙ 80 لک رپين جا قرض ورتا آهن، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي کي مالي سال 08-2007ع کان هن وقت تائين اوور ڊرافٽ جي مد ۾ ورتل 66 ڪروڙ رپيا ادا ڪرڻا آهن. جيڪڏهن ايندڙ مالي سال ۾ کين گرانٽس نه مليون ته يونيورسٽيون هلائڻ انتهائي ڏکيو ٿي ويندو، ان لاءِ هن مسئلي تي ڌيان ڏنو وڃي، جيڪي پراجيڪٽس يونيورسٽين ۾ هلي رهيا آهن، گهٽ ۾ گهٽ انهن کي ته جاري رکيو وڃي ته جيئن ملڪ ۽ قوم جو نقصان نه ٿئي، وائيس چانسلرن پنهنجين سفارشن ۾ اهو به چيو آهي ته اسان کي خبر آهي ته ملڪ ۾ معاشي بحران آهي پر پوءِ به تعليم کي دنيا جي ملڪن ۾ پهرئين نمبر تي رکيو ويندو آهي، ان ڪري موجوده حڪومت به تعليم جي ترجيح کي پهرين نمبر تي رکي ۽ ان سلسلي ۾ ٻين مدن ۾ بجيٽ گهٽائي تعليم جي بجيٽ پوري ڪئي وڃي، يونيورسٽين جي کوٽ وڌي رهي آهي، ان ڪري گهٽ بجيٽ ۾ انهن کي نٿو هلائي سگهجي، يونيورسٽين جي نه رڳو بجيٽ گهٽائي وئي آهي پر جيڪا هڪ سيڪڙو جي ايس ٽي وڌائي وئي آهي، ان سان به وڏا مسئلا ٿيا آهن، ڇو ته يونيورسٽيون جيڪو به سامان وٺن ٿيون، ان تي هڪ سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس لڳي ٿو ۽ اها شيءِ مهانگي پوي ٿي، سرڪار گهٽ ۾ گهٽ تعليم جي شعبي کي انهيءَ ٽيڪس کان آجو قرار ڏئي، موجوده صورتحال ۾ يونيورسٽين جي بجيٽ پوري ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به حل ناهي، ڇو ته يونيورسٽيون فيون وڌائي شاگردن تي بار وجهڻ نٿيون چاهين، شاگردن تي اڳ ۾ ئي وڏو بار پيل آهي، حڪومت کي ته يونيورسٽين کي اسپيشل پئڪيج ڏيڻ گهرجي ته جيئن هر شاگرد کي تعليم جو حق ملي سگهي، سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي ڏنل تفصيلن موجب هن وقت مهراڻ يونيورسٽي آف انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو کي ايندڙ مالي سال ۾ 149.95 ملين رپين جي مالي کوٽ آهي، جڏهن ته پڄاڻي تي پهچندڙ مالي سال ۾ اها کوٽ 60.93 ملين رپيا هئي، سنڌ جي اڪيلي زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سال 10-2009ع ۾ کوٽ 74 ملين رپيا هئي، جيڪا ايندڙ مالي سال ۾ 166 ملين رپيا ٿي ويندي، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه سال 10-2009ع ۾ 51 ملين رپين جي خساري کي منهن ڏنو، جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾87 ملين رپين جي خساري کي منهن ڏيندي، اهڙي طرح شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور 10-2009ع ۾ 29 ملين رپين جي خساري ۾ رهي ۽ ايندڙ سال يونيورسٽي جو خسارو 163 ملين هجڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو 10-2009ع ۾ 47.9 ملين رپين جي کوٽ کي منهن ڏنو، جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ 195 ملين رپين جي کوٽ آهي، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي 10-2009ع ۾ 70 ملين رپين جي کوٽ ۾ رهي ۽ ايندڙ سال 200 ملين رپيا خسارو هجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته ڪراچي يونيورسٽي مالي سال 10-2009ع ۾ 660 ملين رپين جي خساري کي منهن ڏنو ۽ ايندڙ سال اهو خسارو 1181 ملين رپيا ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سال 10-2009ع ۾ کوٽ 50 ملين رپيا رهي ۽ ايندڙ سال کوٽ جو ڪاٿو 1100 ملين رپيا لڳايو ويو آهي. اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي به هن وقت سخت مالي بحران ۾ آهي، يونيورسٽين سال 10-2009ع جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ هڪ ارب 77 ڪروڙ 80 لک رپيا قرض ورتو، جڏهن ته پڄاڻي تي پهچندڙ مالي سال دوران يونيورسٽين لاءِ مختص ڪيل 22 ارب رپين جي بجيٽ مان صرف اڌ رقم جاري ڪئي وئي، يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن موجب جيڪڏهن يونيورسٽين کي پنهنجي حصي جي مڪمل بجيٽ نه ڏني وئي ته پوءِ يونيورسٽين ۾ سٺا استاد ۽ سٺو اسٽاف رکڻ به ناممڪن هوندو، حڪومت کي هڪ ڀيرو ٻيهر تعليم واري پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، پاڪستان جيڪو تعليم جي ميدان ۾ اڳ ۾ ئي گهڻو پوئتي پيل آهي، ان کي پنهنجو تعليمي معيار بهتر ڪرڻ ۽ نالو ڪمائڻ لاءِ تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو، ڇو ته تعليم ئي ملڪ جي لائيف لائين آهي، يونيورسٽين جي انهيءَ مالي بحران بابت پهريون ڀيرو وائيس چانسلرن طرفان ميڊيا کي آگاهي ڏني وئي آهي نه ته ان کان اڳ ۾ ڪڏهن به اهو ناهي ٻڌايو ويو ته يونيورسٽيون قرض تي هلي رهيون آهن، ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پيرزاده قاسم موجب سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين گهڻي عرصي ۽ وڏين ڪوششن بعد اهو باور ڪرايو ته اهي يونيورسٽيون عالمي سطح جون آهن ۽ انهن پنهنجي ليول کي تمام گهڻو اڳتي آندو، جنهن ڪري ملڪ ۾ پروفيشنلز جي اچڻ ۾ پڻ واڌارو ٿيو، هينئر ڪير به اهو نٿو چئي سگهي ته سرڪاري يونيورسٽيون ملڪ جي ڪنهن به پرائيويٽ يونيورسٽي کان گهٽ آهن، بلڪي هينئر هر ڪو ئي اهو چوندو ته سنڌ جون يونيورسٽيون پرائيويٽ يونيورسٽين کان وڌيڪ بهتر آهن، ڇو ته انهن سرڪاري يونيورسٽين جون فيون پڻ انهن پرائيويٽ يونيورسٽين کان تمام گهٽ آهن ۽ اهي يونيورسٽيون سنڌ جي شاگردن کي سستي تعليم مهيا ڪري رهيون آهن. هڪ يونيورسٽي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ان کي 1979ع کان 1999ع تائين 20 سالن دوران ترقياتي مد ۾ ڪو به فنڊ فراهم نه ڪيو ويو. هن چيو ته ملڪ ۾ استاد ۽ شاگرد واري شرح پڻ تمام خراب آهي. سنڌ جي يونيورسٽين جي مالي بحران بابت هڪ گڏجاڻي يونيورسٽين جي چانسلر ۽ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد وٽ ٿي، جڏهن ته ٻي گڏجاڻي تازو مهراڻ يونيورسٽي ۾ منقعد ڪئي وئي، جنهن ۾ شهيد بينظير يونيورسٽي کانسواءِ سنڌ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن شرڪت ڪئي، پيرزاده قاسم موجب انهيءَ گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته حڪومت آڏو يونيوسٽين ۾ تعليمي عمل برقرار رکڻ لاءِ گهربل گهٽ ۾ گهٽ مالي گهرجون رکيون وينديون ۽ انهن تجويزن جو مسودو گورنر حوالي ڪيو ويندو. ڊاڪٽر پيرزاده قاسم موجب يونيورسٽين کي ٻن مدن ۾ فنڊ فراهم ڪيا ويندا آهن. جنهن ۾ هڪ هلندڙ خرچ ۽ ٻيا ترقياتي خرچ هوندا آهن. هن چيو ته نون منصوبن لاءِ ترقياتي فنڊ روڪيا ويا آهن. اسان اختيارين کي هلندڙ منصوبن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي اپيل ڪريون ٿا ته جيئن اهي وقت سر مڪمل ٿي سگهن. بهرحال وائيس چانسلر يونيورسٽين ۾ مالي کوٽ جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر انهن آڏو اهو به سوال اٿاريو ويو آهي ته جيڪڏهن يونيورسٽيون پنهنجا غيرضروري خرچ گهٽائين ته پوءِ به ٿورو گهڻو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، ان بابت وائيس چانسلر اهو چون ٿا ته ان لاءِ سڀني يونيورسٽين جي سربراهن کي چيو ويو آهي ته اهي جيترو ممڪن ٿي سگهي پنهنجا خرچ گهٽائين، تازو مهراڻ يونيورسٽي ۾ ٿيل گڏجاڻي بعد وائيس چانسلرز سان ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيترن ئي يونيورسٽين جي غيرضروري ترقياتي رٿائن جو به ذڪر ٿيو پر وائيس چانسلرز انهن رٿائن جو دفاع ڪيو، وي سيز جو گهڻو زور ان ڳالهه تي رهيو ته انهن کي 4 ارب رپين جو مالي بار برداشت ڪرڻو پوندو ۽ اهي 4 ارب رپيا انهن وٽ نه آهن، خيرپور يونيورسٽي جي فارين فيڪلٽي تي ڪيل ڪروڙين رپين جي خرچ بابت ڊاڪٽر نيلوفر جو اهو ئي چوڻ هو ته يونيورسٽي ۾ فارين فيڪلٽي تمام ضروري هوندي آهي ۽ اها يونيورسٽي ۾ آهي.وائيس چانسلرن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ اهو معاملو به سامهون آيو ته ڪراچي سميت وڏن شهرن ۾ ته ڪيترائي مخير حضرات يونيورسٽين جي مدد ڪن ٿا پر اندرون سنڌ ۾ اهڙو رجحان ناهي، ان ڪري اندرون سنڌ جون مادر علميون وڌيڪ پريشاني ۾ ورتل آهن، وائيس چانسلر ته اهو به چون ٿا ته انهيءَ مالي بحران سبب اسڪالرشپس تي وڏو اثر پئجي سگهي ٿو، ڇوته يونيورسٽيون پنهنجي خرچ تي استادن ۽ شاگردن کي ڪيتريون ئي اسڪالرشپس ڏين ٿيون، جيڪي ايندڙ دور ۾ ڏيڻ تمام ڏکيو هوندو، مهراڻ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلرز جي ٿيل گڏجاڻي بعد هر يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پنهنجي پنهنجي يونيورسٽي بابت تفصيل پڻ ٻڌايا، سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جا ڪيترائي اهڙا منصوبا آهن جن جي اڌ کان وڌيڪ ڪم ٿي چڪو آهي، هاڻي جيڪڏهن انهن لاءِ فنڊ رليز نٿا ٿين ته پوءِ اهو وڏو مسئلو هوندو،
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ مالي بحران

    ادا ممتاز اوهان اها ڪهاوت ته ٻڌي آهي نه ته منهن به پهنجو ۽ موچڙو به پهنجو سو ادا ڪهڙا ٿو سور پچين ۔۔ ۔ ۔ سو جي ملڪ ڪنهن ڌاري جي هٿ ۾ هجي ها ته چئجي ها پر جي پهنجا ئي ائين ڪن ته پوء ۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔ پاڻهي سائين نثار ابڙو ٻڌائيندو ته پوء ڇا۔ ۔ ۔ ۔ ۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ مالي بحران

    ادا ممتاز ۽ سهڻا علي علي، يار ڦٽل سور ڇوٿا کوليو ۔۔۔ اسين به يونيورسٽين جا ڏنگيل آهيون ۔۔۔

    قصو هي ٿيو ته مون ۽ مون واري پتنيءَ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽي جي لطيف چيئر جيڪا ان وقت اڃان کلي رهي هئي ۽ ميڊم درشهوار اڳواڻ هئي ۔۔۔ تنهن چيو ته اوهان نوجوان اچو ته اوهانکي ايم فل لئه فيلو شپ ڏيان ۔۔۔ فيلو شپ ڪرڻ وارن کي ڪجهه پئسا به ملندا آهن۔۔۔ مون سوچيو ته الحمد الله ۔۔۔ پسند جو سبجيڪٽ ”لطيف“ ۽ مٿان وري استاد درشهوار، محترم سائين جي ايم سيد جي نياڻي ۽ ٽيون وري اسان ٻئي زال مڙس ۽ مٿان وري گذر سفر لئه ڪجهه پئسا به ملندا ۔۔۔ اصل ڀاڳ ڀلا ٿي پوندا ۔۔۔
    خئير مون ۽ منهنجي زال وڃڻ شروع ڪيو، لطيف چيئر جي سڄي لائبريري وري ٺاهي ٺيڪ ڪيئوسون، ايم فل لئه بنيادي ڪم به ڪري ڇڏيوسون ۽ ٻه مهينا پورا ايندا ويندا رهياسون، پر آخر ۾ ميڊم چيو ته افسوس اوهانکي فيلو شپ ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهيان جو فنڊ ايترا آهن جو ڊپارٽمنٽ جو خرچ پکو ، عملي کي پگهارون ڏبيون ته پئسا ختم ٿي ويندا ۽ فيلو شپ لئه ڪجهه ڏيڻ جهڙا نه رهنداسون ۔۔۔

    چوندا آهن ته بک تي نماز به نه پڙهبي آهي سو اسان به فيلوشپ جو خيال ڇڏي وڃي اسٽيل مل ۾ ماستري ڪئي ۔۔۔ ۽ ڌڪا ٿاٻا کائي اچي سعوديءَ نڪتاسون ۔۔۔ خواب خواب ئي آهن ۔۔

    ادا سائين سنڌ جي يونيورسٽين جي ڪهڙي ٿا ڳالهه ڪريو ۔۔۔ توبهه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو