عشق ۽ حسن جو سنگم جوڙيندڙ ڊاڪٽر قربان جهتيال

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    عشق ۽ حسن جو سنگم جوڙيندڙ ڊاڪٽر قربان جهتيال

    فقير محمد سنڌي

    مو جيم که آسودگي ما عدم ما است،
    ما زنـده به انـيم ڪه آرام نه گيريم.


    يعني ”آءٌ اها لھر آهيان جنھن جي زندگيءَجو مدار طلاطم تي آهي، ان جي آسودگي ۽ آرام ان جي موت برابر آهي. بيٺل نبض زندگيءَ جو اظھار نٿي ڪري سگهي.“
    سنڌ جو خوبصورت انسان ڊاڪٽر قربا جهتيال شعور وارو قلم ڌڻي هو،جنھن لاءِ مون کي مٿيون فارسي شعر ذهن تي تري آيو. ڊاڪٽر قربان جهتيال سان تمام گهڻيون قربتون هيون، مون پنھنجي زندگيءَ ۾ ڊاڪٽر قربان جهتيال جو ديدار آمھون سامهون ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ٻئين سالگره تي ڪيو. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ٻئين سالگره شاندار نموني سان ملهائي وئي هئي. ان شاندار پروگرام ۾ خليل احمد ڪاڪيپوٽو جي ڪاوش شامل هئي. سڄي رات پروگرام جي محفل جاري رهي جنھن ۾ ڊاڪٽر قربان جهتيال، عبدالمجيد جروار، حيدر لعل ڏنو رند ۽ ڪافي ٻيا دوست ڪچھري ۾ مشغول هئاسين. ايتري ۾ اڪبر جتوئي اچي چاچي عبدالمجيد جروار کان پڇيو ته پروگرام جي شروعات ڪيون ٿا، تلاوت ڪلام پاڪ اوهان ڪندا.
    چاچي عبدالمجيد جروار، اڪبر جتوئي کي چيو ته، ”ڪلام پاڪ تلاوت فقير محمد سنڌي ڪندو، ان کان بھتر تلاوت آءٌ ڪونه ڪري سگهندس، ايتري ۾ غلام عباس لاکي اعلان ڪيو ته تلاوت ڪلام پاڪ لاءِ گذارش ڪنداسين فقير محمد سنڌي کي. اها ڳالهه ان لاءِ ڪري رهيو هئس ته ڊاڪٽر قربان جهتيال سان اڃا ويجهڙائپ ٿي ۽ ريڊيو لسنرز لاءِ نڪرندڙ مئگزين ۾ ڊاڪٽر قربان جهتيال سڄو احوال ڏنو هو ۽ ايئن وقت گذرندو رهيو. ڊاڪٽر قربان جهتيال ۽ عبدالمجيد جروار اسرار ڪيو ته لاڙڪاڻي ۾ لسنرز جي انجمن هجڻ گهرجي. مختصر طور ان انجمن جو نالو ”جيئي لطيف لسنرز انجمن“ رکيو ويو. ان ۾ مون کي صدر، حيدري لعل ڏنو رند کي نائب صدر، وزير علي مگسي جنرل سيڪريٽري، ارشاد علي ڪورائي خزانچي ٿيا هئا. ڏاهن جو چوڻ آهي ته،”زندگي چرپر جو ٻيو نالو آهي“ ۽ ڊاڪٽر قربان جهتيال به ان مقصد تي رهي ڪري سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ پاڻ پتوڙيو.
    ان لاءِ ته ڊاڪٽر قربان جهتيال جو نالو سنڌ ۾ نمايان آهي. ڊاڪٽر پنھنجي زندگي مسلسل جدوجھد ۾ گذاري، اهو ان لاءِ ته سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي لھرن سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ دائمي زندگي ۽ جدوجھد ۾ لڪل آهي. ان کي ڊاڪٽر قربان پنھنجي زندگيءَ کي آسان بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جيئن مجاز حقيقت جو ڏاڪو آهي، جتان چاڙهي چڙهي حقيقت کي پھچڻو آهي، اُتي شخصن جي محبت، ملڪ ۽ قوم جي محبت، انسان ذات جي محبت، صورت جي محبت جنھن ۾ انا الحق کي سھڻي نموني پَسي سگهجي ۽ سيرت جي محبت کي گڏ کڻي هلڻ ۾ ئي ڪاميابي آهي. ڊاڪٽر قربان جهتيال، شاهه لطيف جي هنن سٽن کي پنھنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ڇڏيو هو.

    مــارِ نه مَـطـيـع کـي، مـجــوســيءَ کـي سارِ،
    وڏي جنگ نه وسار، ننڍيان نفعو ناهه ڪو.


    شعور وارو انسان هر وقت سجاڳ رهي ٿو. علم ان شعور واري انسان جو روح بڻجي سندس فرمانبرداري ڪري ٿو. تڏهن سڄي دنيا شعور واري انسان جي تابع رهي ٿي ۽ ان کي چڱي ريت سڃاڻي ٿي ته هيءُ اسان جي حواسن ۽ جذبن جو قدردان آهي جيڪي فرد انساني زندگيءَ لاءِ مسلسل جدوجھد ڪندا آهن، اُهي ڪڏهن به پنھنجي زندگيءَ کي شيطاني وسوسن جي ور ڪونه چاڙهيندا آهن. پنھنجو ڌيان انساني قدرن جي حوالي ڪري هر حال ۾ اڏول رهندا آهن. اهڙو ئي شانت رهڻ وارو سنڌ جو پيارو ڊاڪٽر قربان جهتيال به هو جيڪو هر وقت خوش رهڻ کي ترجيح ڏيندو هو، سادگيءَ کي پسند ڪندڙ ۽ هر ڳالهه ۾ انسان جي ڪيل عشق کي مانُ ڏيندو هو.
    ڳالهيون پنھنجي جڳ تي، ڌرم پنھنجي پاسي سڄي جھان جي اختلافن کي ڳنڍ ٻڌي رکي ڇڏيو، اُهي سڀ پاسا ان وقت تائين پائيدار ناهن جيستائين حقيقت جي رستي جو انسان سونهون ناهي، جڏهن انسان سونهون ٿئي تڏهن خلقِ خدا هن ۾ ويساهه رکي ٿي ۽ جن وري حقيقت کان مُنھن موڙيو انڪاري ٿي پيا تن پاڻ کي ته سور ۽ دوکا ڏنا سري بازار ٻين کي به خوار خراب ڪيو آهي.
    ڊاڪٽر قربان جهتيال جو هر وقت سونهون ذهن ۽ هر وقت ڪاميابي طرف رکيو ٿي، ذهين ماڻهو محروميءَ جي ويجهو به ناهن ويندا، ڇو ته هنن وٽ ذهانت جي کوٽ شامل نه هوندي آهي. هر وقت ڪجهه ڪرڻ جي باري ۾ سوچي لوچي ذهني قوت مان ڪونه ڪو ڪم وٺي ٻين جي رهنمائي ڪندا آهن.
    ڊاڪٽر قربان جهتيال جا تمام گهڻا پاسا آهن جيئن شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ سماج سڌارڪ شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو. ڊاڪٽر قربان جهتيال پھرين جنوري 1957ع تي ڦلجي اسٽيشن ضلعي دادو جي ڳوٺ ڪمال خان جهتيال ۾ جنم ورتو. هي صوفي مزاج، علم ادب، موسيقي جو عاشق، پرين پيارو، تر جو سڄڻ دوست، گهمندڙ ڦرندڙ مسيحا هو. ريڊيو ڄڻ ڊاڪٽر جو دلي دوست هو، جنھن جي وسيلي ڊاڪٽر قربان جهتيال پنھنجي دوستيءَ جو دائرو وسيع رکيو. ڊاڪٽر قربان جهتيال، ”سپنا تڙپن ساڀيان لاءِ“ شاعريءَ جو ڪتاب پنھنجي زندگيءَ جي سفر ۾ دوستن حوالي ڪيو. ڊاڪٽر قربان جهتيال لکڻ جي شروعات 1973ع کان ڪئي. رهنمائي طور سنڌ جي نامور شاعر محسن ڪڪڙائيءَ کان حاصل ڪيائين. قربان جهتيال سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادو جو پنج دفعا رابطه سيڪريٽري طور پنھجون خدمتون سرانجام ڏنائين. پريس ڪلب ڦلجي اسٽيشن جو نائب صدر به چونڊيو ويو. اهڙي طرح سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) شاخ ڦلجي اسٽيشن جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو.
    ريڊيو لسنرز ايسوسيئيشن سنڌ جو مرڪزي صدر پڻ رهيو. ريڊيو پبليڪيشن قائم ڪري رسالو شايع ڪندو هو، جنھن جي ايڊيٽر هجڻ جو اعزاز به سندس وٽ هو. قربان جهتيال جي شاعري تقريباً سنڌ جي هر رسالي ۾ شايع ٿيندي هئي، پر ڊاڪٽر کي اهو به اعزاز حاصل ٿيو جو سندس شاعري سنڌ جي مشھور گلوڪارن جن ۾ شفيع فقير، ممتاز لاشاري، انور وسطڙو ۽ ڪوثر ماروي ڳائي آهي.
    سنڌ جي جاکوڙي انسان قربان جهتيال کي ڪافي ايوارڊ ۽ اعزاز پڻ مليا، جن ۾ سگا ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ، ريڊيو پاڪستان طرفان بھترين لوچيندڙ ايوارڊ، ڊاڪٽر جي ڪم کي ظاهر ڪن ٿا. بس ڊاڪٽر جو سدائين حوصلو بلند رهندو هو، شاهه لطيف چواڻي ته:

    حـوصـلــو حـيــرت جــو، آهــي نـه مـٿـي عـام،
    سندي محبت مام، ڪور پروڙي ڪين ڪي.


    21-آگسٽ 2012ع تي سنڌ جي مسيحا صفت انسان ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ گردن جي تڪليف جي ڪري آخرڪار راهه رباني ورتي. سندس آخري آرامگاهه شھيد مخدوم بلاول قبرستان ۾ آهي.

    گــل قـبـر تـي آڻـجـان وصيت اٿئي،
    ٿورو گهڻو پيو سارجان وصيت اٿئي.


    **
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو