
شاهينا وهاب جو تعلق بدين ضلعي جي تعلقي ماتلي سان آهي. پنهنجي ڳوٺ جي مردن توڙي عورت مان پهرين ۽ واحد عورت آهي جيڪا شاعري ۽ پينٽنگ طرف مائل ٿي آهي. سندس ذھن هميشه هن سماج جي واهيات رسمن، رواجن ۽ عورتياڻي پابندين جي خلاف رهيو آهي. حساس طبيعت ۽ ڪوڙن ۽ ٻھرُوپي ماڻھن کان شديد نفرت ڪندڙ شاهينا ڪجهه عرصو شاهين سنڌيءَ جي نالي سان شاعري ڪئي جيڪا مختلف رسالن ۾ پڻ ڇپي. هوءَ اردو ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪري ٿي. سنڌ سلامت لاءِ موڪليل سندس شاعري هتي پيش ڪجي ٿي:
شاهينہ وهاب
”اسان“
اسان ماڻھو موڳا مَٽر هون
اسان پيار سوا ڪجهه نه ڄاڻون
اسان پيار ڄاڻون اعتبار ڄاڻون
ريتين کان سوا رسمن کان سوا
وعدن کان سوا قسمن کان سوا
اسان پيار ڪيو جسمن کان سوا
هن روح جي ويجهي راحت ۾
ھن پيار سچي جي چاهت ۾
مَنَ تنهنجي قدمن جي آهٽ ۾
جت پيار پرين ويساھ وڌي
اڌ رات ويلي جڏهن ياد اچي
ڪائنات روئي ۽ ماڪ وسي
هڪ لُڙڪ ٽمي گڏ تارو ٽُٽي
۽ دل پئي چنڊ سان حال ونڊي
هڪ چنڊ ئي پيو ٿو توکي پسي
احساس منهنجا چانڊاڻ کڻي
پئي تن کي توتي گهور ڪري
۽ دل ملڻ لئه زور ڪري
اهي لمحا ماڻڪ لمحا سي
اسان تن ۾ جيئڻ وارا آهيون
اسان ماڻهو موڳا مٽر هون
اسان پيار سوا اعتبار سوا
ڪجھ به نه ڄاڻون
ڪجھ به نه ڄاڻون !
____
گيت
شاهينہ وهاب
گوري!
ڇوري ڇير نہ تون ڇمڪائي
ڇوري ڇير نہ تون ڇمڪائي
ھيءَ دنيا وات بلا جو آھي
اُن کان پاڻ بچائي گوري
ڇوري ڇير نہ تون ڇمڪائي !
ڇير پير ۾ ڇم ڇم ڇم ڇم
ٿي ڏاډو شور مچائي
لوڪ سُتل جاڳائي گوري
ڇوري ڇير نہ تون ڇمڪائي !
ڊيل جيان تنھنجي ٽورَ او گوري
گھورَ ٽورَ تان مورَ او گوري
ھوريان وِکَ وڌائي گوري
ڇوري ڇير نہ تون ڇمڪائي !
تنھنجي حسين پيرن ڏي
ڪيئي پيا ٿا نانگ نھارن
ڦوڪ ڏئي ٿا ڦُوڪارن
وجھين نہ پاڻ ڏنگائي گوري
ڇوري ڇير نہ تون ڇمڪائي !