سائين حيدر لغاري: سنڌ جو آدرشي استاد ذوالفقار هاليپوٽو حيدرآباد جي پسگردائيءَ جي ڪيترن ئي علائقن انهن ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جن تي سنڌي ماڻهو هر دور ۾ فخر ڪندا رهندا. انبن جي باغن، پاڻيءَ سان ٽمٽار شاخن ۽ نم جي ڇانوَ ڏيندڙ تاجپور، نصرپور، ٽنڊو ڄام وغيره سنڌ جون اهي وسنديون آهن، جن حيدر علي لغاري، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر وغيره جهڙا ماڻهو ڄڻيا. وري ايم ايڇ پنهور جهڙن شخصيتن هنن علائقن ۾ وقت گذاري، سنڌ لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. انهن علائقن ۾ تاجپور نوابن ۽ صوفين جي سرزمين جو نالو آهي. مرحُوم غلام رباني آگرو پنهنجي ڪتاب "جهڙا گل گلاب جا" ۾ تاجپوري نوابن جا جيڪي قصا لکي ٿو، اهي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو اتان جي نوابن ۽ صوفين جي درياهه دلي ۽ سخاوت جو مداح ٿي وڃي ٿو. وري جن انهن نوابن ۽ لغارين سان وقت گذاريو آهي، سي ته پڪ سان شاهدي ڏيندا ته هن علائقي کي ڪنهن بزرگ جي دعا آهي. ان پٽ سائين حيدر علي لغاري جهڙي هڪ اهڙي ڳوٺاڻي کي جنم ڏنو، جيڪو شيخ اياز وانگر پنهنجي خيال ۽ فڪر ۾ ايترو ته ماڊرن هو جو، منهنجي راءِ آهي ته هو اڄ کان به سئو سال اڳ واري سنڌ جو ماڻهو هو، جيڪو وقت کان پهرين پيدا ٿيو. هو بنيادي طور هڪ استاد هو، پر هن جو روح هڪ فلسفي وانگر آخري گهڙين تائين الائي ڪهڙن خيالن ۽ اڏامن ۾ رهي ٿو. مون کيس ان وقت به ڏٺو، جڏهن اڃا سندس هڪ عالم فاضل ليکڪ هجڻ جي خبر نه هئي. بس ايتري خبر هئي ته هو منهنجي پيارن دوستن جو چاچو ۽ مامو آهي. پوءِ تاجپور جون اوطاقون هجن يا حيدرآباد شهر جي وچ هيرآباد ۾ نوابن جون پراڻيون تاريخي ماڙيون هجن يا پوءِ سندس آخري ڏينهن ۾ اختر ڪاٽيجز وارو گهر هجي. مون هن کي هڪ شفيق مائٽ ۽ مهربان وڏي جي حيثيت ۾ ڏٺو هو. مون کي اڄ به ياد آهي ته جڏهن نواب ممتاز لغاري ۽ پوءِ حسن مجتبيٰ ۽ حسن درس سان گڏجي سندس هيرآباد واري گهر وڃبو هو ته سندس هٿ ۾ برٽنڊرسل کان وٺي سارتر، ٿامس پين کان وٺي والٽيئر تائين جا سماجي علم توڻي فلسفي جا ڪتاب، انگريزي ٻولي توڻي اردوءَ ۾ ترجما ٿيل ۽ سندس ميزن تي ڦهليل نظر ايندا هئا. ان کان پوءِ جڏهن سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ ۾ سندس ليڪچر ٻڌندو هئس ته سوچيندو هئس هي ڪهڙي مدار جو ماڻهو آهي، جيڪو هن ڌرتيءَ تي لهي آيو آهي ۽ نوجوانن کي فلسفي جي جديد لاڙن بابت سمجهاڻي ڏئي رهيو آهي. محمد ابراهيم جويي جي هڪ وڏي خاصيت هيءَ آهي ته هو ماڻهوءَ کي نه رڳو پرکي وڃي ٿو، پر ميرٽ تي کيس نه فقط سندس گهربل جڳهه ڏئي ٿو، پر گڏوگڏ پنهنجي به جڳهه سندس حوالي ڪري ٿو. ڏسندا هئاسين ته لغاري صاحب هڪ لو پروفائل رهندڙ، ماڻهن سان گهڻو نه وچڙڻ، بلڪه آئون ايئن چوان ته هو هڪ اهڙو شرميلو ماڻهو هو، جيڪو هجوم کان لنوائيندو هو، پر جويو صاحب ڪوششون ڪري کيس ٻاهر ڪڍندو هو. جويو صاحب اڄ به چوندو آهي ته اسان جو سڄو علم ۽ عقل سنڌي قوم جي امانت آهي. تنهنڪري ان کي جيترو عام لوڪ تائين شيئر ڪري سگهجي، اهو اسان جو قومي فرض آهي. وسيلن ۽ ادارن کان وانجهيل فرد هڙان وڙان پنهنجي پنهنجي ڪرت کي لڳا پيا هوندا آهن. مون کي ياد آهي ته 1996ع ۾ جويي صاحب سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ پاران سائين حيدر علي لغاري جو هڪ ليڪچر ڇپرايو، جنهن جو عنوان هو "لطيف جي حيات بخش جماليات- (تعليمات سنڌ جي سلسلي جو ٽيون ليڪچر)" مون پهريون دفعو ان حيدر علي لغاري صاحب کي غور سان پڙهيو، جنهن کي ڪيترن ئي سالن کان رڳو ٻڌندا آيا هئاسين. ڪيترو ئي وقت سائين حيدر علي جو ڇپرايل اهو ليڪچر مٿي تان ايئن لنگهي ويندو هو، جو ڏندين آڱريون وجهيو پيا سوچيندا هئاسين ته هن ماڻهو ڀٽائي گهوٽ جهڙي آفاقي شاعر جي فڪر جي به جماليات تي هڪ فلاسافر جي اک سان جيڪا تنقيدي نظر وڌي آهي، سو فڪر الائي ڪڏهن سمجهه ۾ ايندو. مون کي خبر ناهي ته هن وقت اهو پمفليٽ/ليڪچر هٿيڪو به آهي يا نه، پر جيڪڏهن اهو ٻيهر ڇپجي ته هوند سنڌ جي نوجوانن کي خبر پوي ته لطيف جا پارکو کيس ڪيئن نه جديد انداز ۾ ايئن پيش ڪن ٿا، جو اهو مواد اڄ به بيحد گهربل ۽ ضرورت ۾ آهي. سائين حيدر علي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن مان هو، جيڪي پنهنجي لکيل توڻي ڳالهايل هڪ هڪ حرف جي اهميت ۽ اثر کان واقف هئا. هو انتهائي چٽائيءَ سان توري تڪي ڳالهائيندو هو ۽ انتهائي آسان ۽ سهل انداز ۾ گرامر ۽ گهاڙيٽي کي ذهن ۾ رکي اکر لکندو هو. حيدرآباد شهر جي وچ ۾ گهڻو وقت گذارڻ ڪري هن جي به انسيت اردو ٻوليءَ سان هئي ۽ هن اردوءَ ۾ به ڪافي لکيو. ان جو مثال اهو آهي ته سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ پاران ڇپايل ليڪچر ۾ به هن لطيف جي جماليات تي ڳالهائيندي اردو شاعري ۽ فيض جو هڪ شعر ڪوڊ ڪيو آهي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو بنيادي طور هڪ انٽرنيشنلسٽ ۽ هيومنسٽ روح جو صوفي فقير هو، جيڪو هاڻي ٻولين ۽ لهجن جي تقسيم ۽ تفريق کان اڳيان نڪري چڪو هو. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌي ڪتاب جي عنوان هيٺ سائين حيدر علي لغاري ۽ محمد نواز نوناري جو جيڪو گڏيل ڪتاب ڇپيو ويو آهي، تنهن ۾ سائين حيدر علي پاران ڀٽائي، سچل سرمست، مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، مولانا گرامي ۽ خواجه غلام فريد تي جيڪي مڪالا لکيا آهن، سي ٻڌائين ٿا ته هو ڪهڙين ڪهڙين شخصيتن کان متاثر هو. ان ڪتاب جي نظرثاني جويي صاحب ڪئي آهي. پر مهاڳ اردوءَ ۾ سائين حيدر علي لکيو آهي. هن ڪتاب جي ريفرنس ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته هو فلسفي جي ماڊرن يورپين توڻي آمريڪن ليکڪن سان گڏوگڏ پنهنجي وطن جي اهم ماڻهن کان به متاثر هو. جن سنڌي سماج جي بهتريءَ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪيو آهي. جيئن آئون چوندو پيو اچان ته هو هڪ ايڊوانس سوچ جو ماڻهو هو، تنهنڪري هو انگريزن وانگر ڪنهن جو کاتو به نه کائيندو هو ۽ جنهن به لکڻي يا تخليق کان متاثر ٿيندو هو ته ان جي ريفرنس کي پنهنجي لکڻي يا ليڪچر ۾ شامل ڪرڻ پنهنجي اخلاقي ذميواري سمجهندو هو. سائين شاعري به ڪئي، مضمون به لکيا، ڪالم ۽ خاڪا به تخليق ڪيا ۽ فلسفي جهڙي ڏکئي موضوع تي شاهڪار پروفائلز به لکيا. ان ورسٽائل طبيعت جو رنگ اوهين نيو فيلڊس پبليڪيشنز پاران ڇپرايل ڪتاب "اندر ملهه املهه" کي پڙهي لڳائي سگهو ٿا، جنهن ۾ سائين حيدر علي جا مختلف مضمون، مڪالا ۽ خاڪا سندس گهڻ رنگ ۽ گهڻ رخي تخليقي صلاحيتن بابت شاهدي ڏين ٿا. سائين حيدر علي سنڌ جي انهن چند ماڻهن مان هو، جيڪي نصاب کان اڳيان واري جنون کان واقف هئا. اڄ به سنڌي علم ۽ ادب تي نظر وجهبي ته گهڻو ڪري فڪري بنياد انهن ماڻهن جا وڌل نظر ايندا، جيڪي استاد رهندا آيا آهن. اڄ سنڌي سماج استادن جي اهڙي کيپ کان وانجهيل آهي، جيڪي جويي ۽ حيدر علي وانگر ايندڙ نسلن لاءِ ڪي فڪري رهنما اصول جوڙي سگهن. مون کي سائين سان بس اها شڪايت آهي ته هن پنهنجي پاڻ کي Underutilised رکيو. هو گهڻو ڪري پئي سگهيو. پر هن جي طبيعت ۾ تضاد اهو هو ته هن جو ذهن ۽ هن جي تنقيدي اک نصاب ۽ ڪتاب کان اڳيان ڏسندي هئي، پر هن جو روح صوفين وانگر ٿڌو هو. نتيجي ۾ هو ايترو ڪنٽريبيوٽ نه ڪري سگهيو، جيترو علم ۽ فهم هن ۾ هو. صوفي شاهه عنايت شهيد جي گيڙو رنگ جي اثر ۾ رهندڙ تاجپور جي هن نواب جي زندگي به عاجزيءَ ۾ گذري وئي. هن کي دنيا جي رنگينين ۽ وٺ پڪڙ گهڻو متاثر نه ڪيو ۽ نه ئي هن ۾ اڳيان رهڻ جي چڪر ۾ پاڻ کي گهڻو پتوڙي سگهيو. ان جو نقصان اهو ٿيو جو هڪ اهڙي مفڪر ۽ عالم جي تخليقن کان محروم رهجي وياسين، جنهن ۾ شايد هو، پنهنجي دور کي اڃا وڌيڪ ڪتابن ۾ محفوظ ڪري ها. جيئن سنڌي ادب ۾ ناول اڄ به ڪنهن حد تائين ڪمزور صنف سمجهي وڃي ٿي، ايئن ئي سماجي سائنس جي علمن ۾ فلسفي جو موضوع اڄ به سنڌي سماج ۾ اها جوڳي جاءِ حاصل نه ڪري سگهيو آهي، جيئن سياست يا تاريخ وغيره جهڙا موضوع آهن. روايتي نصاب هجي يا غير روايتي سياسي توڻي غير سياسي ادب، سنڌي سماج اڄ به ڪيترن ئي جديد موضوعن تي بحث ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿو يا ايئن کڻي چئجي ته انهن موضوعن تي ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو گهٽ آهن. جيئن ناول گهٽ لکيو ويو آهي، تيئن ئي فلسفي تي به گهٽ ٽيڪا ٽپڻي ٿي آهي. وري جيڪڏهن فلسفي جي اندر جماليات جو بحث آهي ته اسين انهن موضوعن تي سنجيده تنقيدي نگاهه وجهڻ بدران سولائيءَ سان جڳهه فراهم ڪندڙ موضوعن ۾ ڦاسي پوندا آهيون. نتيجي ۾ اسان جي پڙهڻ، سوچڻ توڻي لکڻ جي سگهه، خواهش يا ڪيپسٽي سهل پسنديءَ ڏانهن مائل ٿيندي وئي آهي. نتيجي ۾ اڄ اسين پنهنجي علمي ۽ فڪري بحث تي نظر وجهنداسين ته اها اسان کي ان معيار جي نظر نه ايندي، جنهن معيار جو اسين ڪليم ڪيون ٿا. جن ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهن فلسفي تي ڪم به ڪيو آهي، ته انهن جي به ڪم تي وري ڪو گهڻو تنقيدي اڀياس نه ٿيو آهي. ايئن به چئي سگهجي ٿو ته انهن موضوعن تي سنڌي سماج جي ڪرنٽ نه کڻڻ جي نتيجي ۾ وري ساڳيا ماڻهو ٻين موضوعن ڏانهن گهڻو لاڙو ڪري ويا آهن. اهڙن ماڻهن ۾ هڪ وڏو نالو سائين حيدر علي لغاري آهي. جنهن فلسفي جهڙي موضوع تي انتهائي سنجيده ڪم شروع ڪيو، وري فلسفي جهڙي ڏکئي موضوع ۾ به جماليات جهڙي پيچيده رنگ کي ڇيڙيو پر سندس ايڊوانس سوچ ۽ نظرئي کي اها عوامي پذيرائي نه ملي سگهي، جنهن جو حقدار سندس پورهيو ۽ فڪر هو. بلڪل ايئن سائين محمد ابراهيم جويي ۽ الهداد ٻوهئي صاحب به فلسفي تي ڪم ڪيو ۽ اڳيان هلي ڏٺوسين ته جويي صاحب ۽ لغاري صاحب فلسفي سان گڏ انهن موضوعن کي اپنايو، جن جي سنڌي سماج ۾ کپت يا مڃتا گهڻي هئي. سنڌي سماج کي تبديل ٿيندي ڏسڻ يا تبديل ڪرڻ جا خواهشمند ڪجهه وقت ڪڍي سڪون ۽ اطمينان سان اهو ڏسن ته ڪيئن نه اسان کي قدرت اهڙا ماڻهو نصيب ڪيا آهن، جن جون تخليقي صلاحيتون ۽ تنقيدي اک، اسان جي وطن ۽ ماڻهن کي به هن ڪارجهان دراز ۾ هڪ جديد ۽ مهذب حيثيت ماڻڻ جا نه رڳو خواب ڏٺا، پر انهن ڳڻن کي به سائنسي انداز ۾ دليلن سان ثابت ڪيو، جن ڳڻن جي بنياد تي اسين هڪ جديد ۽ مهذب قوم سڏائي سگهون ٿا. اڄ به دنيا ۾ اهو بحث مستند جاءِ والاري ٿو ته سائنسي توڻي ٽيڪنالاجيڪل ترقيءَ سان گڏوگڏ جيڪڏهن ڪو سماج فلسفي، تاريخ، جاگرافي ۽ سياست وغيره جي موضوعن کان واقف نه آهي ته اهو سماج رياست ۽ شهري، حڪومتي نظام ۽ اقتصادي توڻي سماجي توازن برقرار نه رکي سگهندو ۽ ان رياست اندر ضرور ڏڦيڙ ايندو. انساني ترقي ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ جن سبجيڪٽس کي بنيادي ٿنڀ قرار ڏنو ويو آهي، ان ۾ فلسفو اهم ترين موضوع آهي. جنهن جديد دنيا ۾ اسين رهون ٿا، ان جي سياسي، معاشي ۽ سماجي بيهڪ جا بنياد انهن مفڪرن وڌا، جيڪي شهري ۽ رياست جي بنيادي فڪر ۽ فلسفي بابت ڀرپور ڄاڻ رکندا هئا. بدقسمتيءَ سان سنڌي سماج اڃا اهڙن سماجي سائنسدانن کان وانجهيل آهي، جيڪي قومي بحرانن جا بڻ بنياد جانچي، مستقبل جي پيشقدمين لاءِ ڪي دڳ ڏسين. ضروري ناهي ته اهي مفڪر وري عملي سياست جو به حصو هجن. هتي اسان سمورن شهرين کي مڪس ڪري ڇڏيو آهي ۽ نتيجي ۾ مفڪر، عالم، دانشور، عملي سياسي ڪارڪن توڻي اڳواڻن جي پنهنجي پنهنجي ڪم جي مهارت ۽ سرگرمين جي تفريق ۽ پيشيواراڻا درجابندي ختم ٿي وئي آهي. هاڻ ته سوشل ميڊيا جي انقلاب اسان کي ڄاڻ جي هر تهه ۽ سطح تائين پهچ جي آزادي ڏني آهي، تنهن هوندي به اسين سنجيده موضوعن تي بحث بدران سهل پسندي، حاجي ۽ غازي ۽ ڄنڊا پٽ واري موضوعن ڏانهن گهڻو ڌيان ڏيون ٿا. ايستائين جو سنڌ جو انتهائي پڙهيل لکيل ڪيڊر به گهڻو تڻو هڪٻئي جي لکڻين کي رڳو لائڪ ڪري ٿو يا تصويرن کي پسند ڪري ٿو، پر سنجيده موضوعن يا لکڻين ڏانهن رجحان يا لاڙو نٿو ڪري. جيڪو هڪ نقصان ڏيندڙ رويو آهي. اسان کي پنهنجن موجوده بحرانن کي سامهون رکي جديد خيالن ۽ سوچن وارين لکڻين کي سنجيدگيءَ سان پڙهڻ گهرجي ۽ خاص طور تي اسان جي سماج جا جيڪي بنيادي ڳڀيرتا وارا مسئلا آهن، انهن بابت فلسفي ۽ تاريخ جي موضوعن جي تناظر ۾ حل ڪڍڻ لاءِ تنقيدي نگاهه رکي وڃي. مون کي اهو ڏينهن به ياد آهي، جڏهن اسين پٺاڻ ڪالونيءَ ۾ واقع نوابن جي قديمي قبرستان ۾ نواب ولي محمد لغاريءَ جي مقبري جي ڀاڪر ۾ سندس مڙهه مڻين مٽي هيٺ لاهي آياسين ۽ هاڻ هن جو ڪم ۽ پورهيو سندس عظيم ورثو آهي ۽ هاڻي جي هو ناهي ته هن جيڪي ڪجهه به ڪيو آهي، ان ڪم کي پنهنجو ڪري عام ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ خاص طور تي نوجوانن کي ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته سنڌي قوم ڪهڙا ڪهڙا صالح پٽ ڄڻيا آهن.