سنڌي ادب جو سڄڻ ۽ بادشاهه ليکڪ آغا سليم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏9 سيپٽمبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌي ادب جو سڄڻ ۽ بادشاهه ليکڪ آغا سليم جي پهرين ورسي جي ياد ۾
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سنڌي ادب قديم زماني کان وٺي شاهوڪار رهيو آهي سندس ادبي جهان جي ماڻهن جي ڪڏهن به ڪا کوٽ محسوس ناهي ٿي ، اهڙي طرح سونهاري سنڌ جو قديم زماني کان وٺي علم ادب جو گهر سڏجڻدڙ شهر شڪارپور کي اهيو اعزاز حاصل آهي ته هن شهر ڪيترن ئي ادبي صفت جي انسان کي جنم پئي ڏنو آهي اهڙين عظيم شخصيتن منجهان ڳوٺ ڪڙي عطا محمد جي معززشخصيت آغا عبدالڪريم جي گهر کان آچر ڏينهن 7 اپريل 1935ع کان آغا سليم پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو .سندس ڇٽي جو نلو وري (آغا خالد سليم ) هو ، آغا سليم ابتدائي تعليم ڦرهي هٿ ۾ ڪري شڪارپور جي اسڪولن منجهان ورتي تنهن بعد هو شڪارپور کي ڇڏي حيدرآباد سڪونيت اختيار ڪئي جتان هن ڏاهي شاگرد مئٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيو پڙهائي ۾ زياد دلچسي رکندي انٽر جو امتحان لاهور مان پاس ڪيو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وري هن اچي سنڌ يونيورسٽي وسائي جتان هن (بي _ اي ) گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي . سنڌي ادب سان ناتو سندس بچپن کان وٺي رهيوآغا سليم جي ننڍي هوندي وندر رڳو ڪتاب ئي هوندا هئا ، جڏهن ته سندس وڏو ڀاءَ ڪافي ڪتاب ان زماني ۾ وٺي ڏيندو هيس مڱر ان جي باوجود آغا صاحب کي سنڌي ادب پڙهڻ ۽ لکڻ سان لڳاءَ ننڍي هوندي کان هوندو هو گهران جيڪا به خرچي ملندي هيس ته شڪارپور منجهه ان زماني هڪ مشهور پبلشر (پوڪرداس ) هو جنهن جو دوڪان ڍڪ بازار ۾ هوندو هو اتان ئي ڪتاب پيو خريد ڪري من منجهه سنڌي ادب ۾ لکڻ لاءِ ڪوشش ڪندو هو مڱر ڪاليج واري زماني ۾ ڪاليجي دوست ڊاڪثر تنوير عباسي ۽ سراج صاحب جي صحبت سندس رنگ لاتو ۽ سال 1952ع ڌاري قلم کنيائين هن سنڌي ادب جي بادشاهه رائيٽر پهريان پهريان ڪهاڻي (آهه! اي ظالم سماج ) جي موضوع سان لکي جيڪا ان زماني ۾ هالا شهر مان نڪرندڙ رسالي (فردوس ) جي زينت بڻي پوءِ آغا سليم بهترين لکڻ شروع ڪيو ٿوري عرصي ۾ پنهنجو نالو ادبي لڏي جي دنيا وارن ۾ نروار ڪرايائين هن عظيم اديب جي سڃاڻپ ناول نگار جي حيثيت رهي آهي مڱر هن شاعري ، ڪهاڻيون ڊراما ، سفرنامه ، تحقيق ، لطيفيات ، ريڊيو ،صحافي طور پڻ پاڻ مڃرايو .آغا سليم سنڌي ادب ۾ پهريان پهريان (آغا شاهين ) جي نالي سان لکي پنهنجو ادبي نالو مشهور ڪرايو آغا سليم تعليم پوري ڪرڻ بعد هو سرڪاري نوڪري سان سلهاڙجي (ريهيبليٽيشن) کاتي سان آغاز ڪيائين مڱر ان نوڪري ۾ ٿورو عرصو ڪم ڪري آواز جي دنيا ۾ پنهنجو جادو ريڊيو پاڪستان تي ڪم ڪري جاڳيائين ريڊيو پاڪستان جي ڪيترين ئي ريڊيو اسٽيشنن تي بطور پروڊيوسر ، پروگرام مئنيجر کانسواءِ ڊپٽي ڪنٽرولر جي اهم منصبن تي ڪم ڪندو رهيو ۽ سندس سرڪاري عمر پوري ٿيڻ تي ريڊيو پاڪستان جي نوڪري تان رٽائر ٿيو رٽائر ٿيڻ بعد آغا سليم اخباري دنيا (صحافت) جي ميدان ۾ پير پاتو پهريان روزاني جاڳو ۽ بعد ۾ وري روزاني (سچ) اخبار جو ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رهيو آغا سليم سنڌي ادب ۾ ناول نگارن جي لسٽ ۾ پهريون نمبر تي پنهنجو نالو ڳڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي سندس شمار سنڌ جي تمام بهترين ناول نگارن ۾ ٿئي ٿو هن پنهنجي هٿ جا لکيل ناولن منجهان (هم اوست ، روشنين جي تلاش ، اڻ پورو انسان ، اونداهي ڌرتي روشن هٿ ، سنڌي ادب ۾ انهن ناولن جو ڪو مٽ ثاني ناهي سندس ناولن منجهان ثقافتي رنگ ، تهذيبي قدرن جي لاٽ ، تاريخي لاڳاپڻ کان پڻ آغا سليم ناول وسيلي اسان سان ڳالهائي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو. سندس ناول پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته هن سنڌي قوم جي نفسياتي ڪيفيت کي ڪين نه اعلي نموني پيش ڪيو آهي سنڌ جي ڏاهي اديب ۽ آواز جي دنيا منجهه ماکي کان مٺڙي ڪوئل جهڙي آواز جي مالڪ ۽ براڊڪاسٽر محترم نصير مرزا صاحب آغاسليم جي ناولن بابت پنهنجي خوبصورت راءِ هن طرح پيش ڪري ٿو ، هو چوي ٿو ته سندس ناولن جا ڪردار ، سارنگ ، ماڻڪ ، سنڌو ، شاهه عنايت وغيرهه هنن ناولن جا اهي اهم ڪردار ۽ مها چهرا آهن جيڪي اتهاس جي اوٽ ۾ ڪٿي گم هئا .انهن کي آغاسليم صاحب ماضي جي اونداهين گفائن مان ڪڍي اسان جي حال جي سرواڻي ڪرائڻ ۽ اسان جي ستل ذهنن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ مثال طور ڪري پيش ڪرڻ لاءِ انهن ڏينهن جي روشني ۾ کڻي آيو آهي نصير مرزا صاحب وڌيڪ چوي ٿو ته سندس ناول ۾ واقع ڪالهه جا ئي نه ،اڄ جا محسوس ٿين ٿا . ان کان علاوه آغا سليم افسانوي ادب ۾ پڻ پاڻ مڃرايو سنڌي ادب کي ڪيتريون ڪهاڻيون ڏئي آسودو بنائڻ ۾ وڏو نالو ڪمايائين سندس بهترين ڪهاڻين جي مجموعن منجهان چنڊ جا تمنائي 1967ع ڌرتي روشن آهي ، 1985ع لذت گناهه ۽ درد جو شهر پڻ شامل آهن آغا سليم رڳو ڪهاڻيڪار ، ناول نگار براڊڪاسٽر ، صحافي نه هن پڻ پنهنجي من جو خيال شاعري وسيلي پڻ جڳ جڳ جاڳايو هو نثر کان علاوه هڪ بهترين شاعر پڻ هو شاعري جي مڙني صنفن منجهه طبع آزمائي پڻ ڪيائين جن ۾ غزل ،وائي ، بيت ، نظم جو پڻ بهترين شاعر هو سندس شاعري جي مجموو سنڌي ادب جي حوالي ڪيائين جيڪو سال 1986ع ڌاري (پن ڇڻ ۽ چنڊ) ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو پنهنجي زباني شاعري وسيلي آغا سليم چوي ٿو ته

    جئن سو تارو صبح جو ، موکي تنهنجو نانءَ

    تنهنجي مڌ ۽ موهه سان ، جرڪي منهنجو هانءَ

    ڳايان اڄ ڪي آنءَ گيت ڪي آڌرڀاءُ جا .

    آغا سليم صاحب به لطيف جي پارکو منجهان هو سندس شمار نالو انهن لطيف فڪر جي پارکن ۾ ٿئي ٿو جن شاهه جي رسالي جو اردو ۽ انگريزي ۾ منظوم ترجمو ڪيو اها ڪاوش پڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي آغا سليم صاحب کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته هن لطيف سرڪار ، ڀٽائي گهوٽ جي واين جو ترجمو (لالن لال لطيف ڪهي ) اردو ۾ منظوم نموني سان پڻ ڪيو سندس لطيف سرڪار تي ڪيل ڪم سڄي دنيا تائين نالو روشن ڪيو آهي آغا سليم شاهه لطيف کان پوءِ حضرت سچل سرمت رح جي ڪلام تي پڻ اعلي نموني جو ادبي پورهيو ڪيو جن ۾ صدين جون صدائون ، سچل سچ هي سارا جو پڻ اردو ترجمو ڪري 2010ع ۾ پڌرو ڪيو آغا سليم کي وقت به وقت وڏن اعزازن ۽ انعام ۽ ايوراڊن سان پڻ نوازيو ويو جنهن منجهه شاهه لطيف ايوارڊ سان (ٻه) ڀيرا نوازيو ويو سال 2005ع ڌاري صدارتي ايوارڊ تمغه حسن ڪارڪردگي سان پڻ نوازيو ويو اهڙي ريت هي سنڌي ادب جو جو سڄڻ عظيم ليکڪ ناولنگار ، ڪهاڻيڪار ،شاعر ،براڊڪاسٽر سڀني وصفين سهڻو هي اديب آغا سليم اڱاري ڏينهن 12 اپريل 2016ع ڌاري ڦڦڙن جي تڪليف سبب زندگي جون 81 بهارون ۽ 15 ڏينهن گهاري سنڌي ادب جا سڀ باب بند ڪري سنڌ واسين کان هميشه لاءِ موڪلائي راهه رباني ٿي ويو اڄ هن ڏاهي اديب جي 12 اپريل تي پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي سنڌ جا اديب ۽ گهر ڀاتي سندس ڪيل ڪم ۽ ادبي پورهي تي ڀيٽا پيش ڪندا .​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو