سنڌي ادب جي ماياناز ڪهاڻيڪار ثميرا زرين جي ورسي جي مناسبت سان ابراهيم لاشاري وارهه هن سماج ۾ سڄاڳي ۽ بيداري پيدا ڪرڻ ۾ ادب جو اهم ڪردار هوندو آهي ادب کي زينت بخشڻ وارا اهي ئي حساس فرد هوندا آهن جيڪي ذهني عقل ۽ ڏاهپ واري پورهئي سان معاشري ۾ رهندڙ فردن کي سچ جي سڃاڻپ سان گڏ زندگي سان پيار ڪرڻ معاشري جي هر موڙ هر مسئلي کي منهن ڏيڻ جي قوت پيدا ڪرائيندا آهن . ادب ۾ جنس جي تفريق رکڻ به ڪو سٺو عمل ناهي . جئين ته ادب هڪ مشاهداتي تخليقي عمل آهي ان ڪري هر فرد جي سماجي پسمنظر ۽ سوچ هڪ ٻئي کان گهڻي مختلف هوندي آهي .ادب زندگي آهي ،۽ اديب انهي زندگي کي سنواريندڙ هوندا آهن.اسين جڏهن ادب جي شروعاتي دور تي روشني يا نظر وجهنداسون ته اسانکي عورت ئي ادب جي خالق نظر ايندي ،سماج کي اڏيندي به عورت نظر ايندي ۽ ثقافتي رنگ کي اجاگر ڪندڙ به عورت جي ئي حصي ۾ اچي ٿو .دنيا جي مڙني تخليقن ۾ عورت جو ئي حصو آهي مون جي دڙي منجهان جيڪا ابتدائي مورتي اسان کي ملي ٿي اها به هڪ عورت جي روپ ۾ ئي ملي آهي ،عورت واقعي هر روپ ۾ هڪ تخليڪار آهي . اسلام به عورت کي اعلي مقام ڏنو آهي ،سڄي ننڍي کنڊ ۾ اسلام جي لاٽ سڀ کان پهريان پهريان سنڌ ۾ پهتي .جتان پوءِ ئي ٻئين علائقن ۾ پکڙجي وئي .اسلام ماءَ جي پيرن هيٺان جنت جو راز ٻڌايو آهي ، اسلام کان اڳ جهالت واري زماني منجهه عورت ذات جي پيدائيش تي ڇڙ ۽ نفرت جو اظهار ڪيو ويندو هو ،مگر اسلام جي ڦهلجڻ بعد عورت جي عظمت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو ويو .اسلام مردن تي عورتن جي عزت و احترام کي واجب ڪيو آهي اسلام عورت کي مردن جيترا حق ڏنا ، زمانو گذرڻ سان گڏ عورت پنهنجي شعور ۽ فهم ۾ اضافو ڪندي پاڻ کي سگهارو بڻايو اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي جي هن زماني ۾ عورت ايتري اڳتي وڌي وئي آهي جو شايد ئي دنيا جو ڪو اهڙو شعبو هجي جنهن منجهه عورت پنهنجو ڪردار نه نڀايو هجي .سنڌ۾ قبيلائي ماحول ، معاشي پسماندگي ، ذات پات جو چڪر ، پير پرستي ، تعليم جو گهٽ هجڻ ،اسلامي ڄاڻ علم نه هجڻ وغيره عورت جي احساس محرومين جا وڏا ڪارڻ سبب آهن .اسان جي سنڌي سماج منجهه اڃا تائين ڪارو ڪاري ، حق بخشرائڻ ، ذات پات جي ڄار ۾ لڪيل رسمن هجڻ باوجود به عورت همت ناهي ڇڏي ، هن سماج ۾ تعليم جي زيور سان سماج اندر سجاڳي آڻي پاڻ کي گهڻي قدر ٻاهر ڪٺي آئي آهي .دنيا جي ترقي يافته ملڪن منجهه سائنسي تجربا ڪڻ سان گڏ ،جنگيون وڙهڻ ، نرسنگ ،ڊاڪٽري ڪرڻ ، دنيا جون اوچون چوٽيون سر ڪرڻ ، جهاز اڏائڻ ۽ سماجي ڀلائي جا ڪم ڪرڻ ۾ عورت اڳڀري نظر اچي ٿي، انهن سمورين صلاحيتن جي ڪري عورت پاڻ کي هن ايڪويهين صدي ۾ پاڻ مڃرايو آهي .هن جديد ڊجيٽل دور منجهه سنڌي سماج ۾ عورت جي حوالي سان اها ڳالهه نمايان نظر ٿي اچي ته هو علم تعليم جهڙي زيور ۽ ادب منجهه پاڻ ڀري آهي سنڌي ادب ۾ سٺو حصو عورتن پڻ والاريو آهي .۽ ادب جي هر صنف ۾ عورتن پاڻ مڃايو آهي . سنڌي ادب جي صنف ڪهاڻي کي جدت بخشيندڙ شڪارپور ڄائي ثميراه زرين جو ڇٽي جو اصل نالو سڪينه اعواڻ هو . هن 11فيبروري 1944ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن محمد اعظم اعواڻ جي گهر کان پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو .ثميراه زرين جو پي گهر ۾ تمام گهڻا رسالا آڻيدو هو، هو انهن رسالن جو مطالعو پئي ڪندي هئي انهي ڪري سندس ننڍپڻ ۾ ئي ادبي شوق جاڳيس ،هن ٻارهن سالن جي عمر ۾ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. تمام گهڻين صلاحيتن جي مالڪ ثميراه زرين افساني ۽ تنقيد ۾ وڏو نالو ڪڍيائين . ورهاڱي کان پوءِ جن عورتن سنڌي ادب ۾ گهڻيون ۽ معياري ڪهاڻيون لکيون ، انهن منجهه ثميراه زرين جو نالو سڀني کان اول ۽ اعلي هو . اهو ئي سبب آهي جو هن ان زماني ۾ زندگي جي هر موضوع تي ڪهاڻي لکي آهي . ۽ سندس ڪردار زندگي جي هر طبقي جي نمائندگي ڪن ٿا .انهي ڪري مڃتا طور کيس سنڌي ڪهاڻي ۾ ( خاتون اول ) جو خطاب مليل آهي . ثميراه زرين عورتن جي نفسيات جي ماهر آهي ڇو جو ڪهاڻيون نوجوان ڇوڪرين ۽ پلجندڙ محبت جون عڪاسي ڪن ٿيون . ثميره زرين پنهنجن ڪهاڻين ۾ نج عوامي موضوع کي اوليت بخشي آهي ، هن ماحول ۾ رهندڙ انسان جي ڏکن ، دردن ، ۽ اونهاين کي پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بڻايو آهي ۽ پڙهندڙ جي دلين جي لاجواب ترجماني پڻ ڪئي آهي . ثميراه زرين جي پهرين ڪهاڻي ( اميد) نئين زندگي رسالي ۾ ڇپي هئي ۽ پاڻ ٿوري وقت ۾ سندس نالو وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو . مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته ثميراه زرين کي شروع شروع ۾ ڪجهه ادبي دنيا جا ساٿي مرد طور ليکڪ سڏيندا هئا ۽ گمان هين ته ڪو فرضي نالي سان اهڙيون سٺيون ڪهاڻيون لکي ٿو . ڇو ته ثميراه پردو جو تمام گهڻو احتمام ڪندي هئي ، انهي سبب ڪري اهو شڪ (گمان) تمام گهڻي وقت تا.ئين پئي هليو .مگر جڏهن ستر واري ڏهاڪي ۾ هلال پاڪستان اخبار جي عورتن جي صفحي (سگهڙين سٿ) ۾ محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين سندس پهريون ڀيرو انٽرويو تصوير سان شايع ڪيو ۽ هن پنهنجي نالي ۽ خاندان بابت ٻڌائي پاڻ کي ادبي دنيا ۾ ظاهر ڪيو .۽ پوءِ سڀ شڪ گمان ختم ٿئي ويا .ثميراه زرين جي ڪهاڻين منجهان (وطن) ڪهاڻي پاڪستان ۽ هندستان جي ڪهاڻين واري مقابلي ۾ (پهريون نمبر پڻ حاصل ڪيو .سندس ڪهاڻين جو مجموعو (گيت اايل مورن جا ) سن 1971ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو جنهن جا پيش لفظ محترم ناليواري اديب آغا سليم لکيو هو سندس ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب سال 1981ع ڌاري (آءُ اهائي مارئي )پڻ پڌرو ٿيو .انکانسواءِٻه ڪتاب ( مهراڻ جون ڇوليون) 1962ع (دل ۾ درد هزار ) 1968ع ۽ روشن ڇانورو شامل آهن ثميراه زرين جي ٻين ڪهاڻين ۾ شمع ٻاريندي شب ، کجور جو وڻ ، رهندا بادل ۽ ٿوهر قبل تعريف ڪهاڻيون پڻ آهن. ثميراه زرين پنهنجي زماني ۾ عورتن جي ترجمان ۽ نمائينده ڪهاڻيڪار هئي .هن عورتن جي مسئلن کي مظلوميت درد، ڏک ، تعليم ، ۽ اشتراڪيت تي دل کولي لکيو آهي .ان سلسلي ۾ سندس ڪهاڻيون (آءُ اها مارئي ) (زندگي جي ڊائري ) ۽ (لڙڪ ۽ مرڪ ) ثبوت طور پيش ڪري سگهجن ٿيون . ثميراه زرين جي ڪهاڻين منجهان ڪيتريون اهڙيون به ڪهاڻيون آهن جيڪي مختلف زبانن اردو ، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن آخر ڪار زندگي سڀ ڪنهن کي ڇڏڻي آهي هي عظيم ڪهاڻيڪار عورت ڦوهه جواني ۾ 13اگسٽ 1977ع ڇنڇر ڏينهن صبح جو 33سال 6 مهينا ۽ 2 ڏينهن زندگي جا گذارڻ بعد سنڌي ادب کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي وئي .سندس ڪيل ادبي ڪم صدين تائين سنڌي ادب ۾ ياد ڪيو ويندو اڄ سندس جي 40 ورسي ملهائي ويندي