جديد سنڌي ادب جو شاعر آزاد نظم جو باني عبدالرزاق (راز) شيخ جي ياد ۾ ابراهيم لاشاري (وارهه) سونهاري سنڌ کي اهيو شرف حاصل آهي ته هن سرزمين وقت به وقت املهه ماڻڪ پيداڪيا جن پنهنجي ڏات فن ذريعي پنهنجو پنهنجي ديس جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرايو اهڙن انسان منجهه سنڌي ادبي دنيا جو تمام وڏو ۽ سيبتو شاعر شيخ عبدالرزاق راز به هڪ آهي ، جنهن سنڌ ڌرتي جي ٿڌڙي موسم يعني اربع ڏينهن 29 جنوري سال 1919ع پراڻي سکر جي محترم منشي عبدالروف شيخ گهر منجهه اکيون کوليون سندس زندگي جي ابتدائي ننڍپڻ جي تربيت به پڙهيل لکيل ماحول منجهه ٿي ڇو جو سندس ڏاڏي وٽ وڏا عالم ۽ فاصل ڪچهريون ڪرڻ ايندا هئا . عبدالرزاق راز شيخ صاحب کي پنهنجي ادبي ، اخلاقي ۽ شاندار تريبت ڪري سهڻيون صلاحون ۽ مشورن سان سر شار پيو ڪندو هو ، شيخ صاحب جي ابتدائي تعليم پراڻي سکر جي شاهه خيرالدين جي درگاهه تي قران پاڪ جي تعليم سان ٿي ، سندس استاد حافظ محمد بخش هو جيڪو ان زماني ۾ وڏو عالم ۽ بزرگ صفت سان سرشار هو ثانوي علم جون سندون پهريان سکر بعد ۾ عليڳڙهه ۽ لاهور منجهان حاصل ٿيس وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي جو رخ ڪيائين اعلي تعليم جا ڇهه ئي سال ڪراچي جي ڊي _جي سائنس ڪاليج ۾ گذاري اتان ئي سندون حاصل ڪيائين ، هن سهڻي سيبتي شاعر شاعري جي صنف جي تڪ بندي پنهنجي استاد (سيد شاهه محمد شاهه ) دوستي ۾ سکي ، راز شيخ عبدالرزاق ادبي دنيا جو نرالو ۽ وڏو نانءَ پڻ هو ، هي پهريون شاعر هو جنهن سنڌي زبان ۾ (آزادنظم ) لکي ڍير ڪيا ۽ سندي ادب جي سونهن ۽ واڌ ۾ تمام جهجهو اضافو پڻ ڪيو ، 1945 ع جي زماني ۾ ايم _اي جي تعليم اڌ منجهان ڇڏي ، صحافت ڏانهن لاڙو ڪري( الوحيد ) اخبار سان سلهاڙجي ملازمت اختيار ڪيائين .تنهن بعد جلدي سکر شهر اچي وسايائين ۽ 948ع ڌاري سکر ميونسپالٽي جو (چيف آفيسر) مقرر ٿيو .ڏهه سال مسلسل انهي نوڪري جا فرض سرانجام ڏيندو رهيو ، اوچتو اهيا نوڪري ڇڏي ،سال 958ع ڌاري اسلاميه ڪاليج سکر ( مسلم هسٽري ) اسلامي تاريخ جو ليڪچرر مقرر ٿي درس تدريس جي شعبي سان لاڳاپو قائم ڪيائين تنهن بعد روهڙي منجهه عطا حسين موسوي ڪاليج جو پرنسپال جي عهدي تي به ڪم ڪندو رهيو ، شيخ عبدالرزاق راز ادبي دنيا جو روسن ستارو لاجواب شاعر سڀني صنفن جو رنگ نرالو ڀريو اٿين پوءِ ڇو نه غزل هجي ، يا آزاد نظم ، گيت ، بيت ، وائي ، سندس شاعري سڀني خوبين سان ٽم ٽار لڳي پئي آهي ، جدت جو پهلو سندس شاعري منجهان نمايا نظر اچي ٿو سندس شاعري سڀني رنگن سان ڀري پئي آهي هو زندگي جي اهم مسئلن جي ترجماني پڻ شاعري وسلي پنهنجي اندر من پاتال منجهان هن طرح اظهار ڪري ٿو ٿي زماني ۾ پنهنجي رسوائي ، عشق جي آهي ڪارفرمائي ، آدمي حسن جي حقيقت ۾ ، ٿي پوي ٿو هو محض سودائي . شيخ عبدالرزاق راز سنڌي ٻولي جو پهريو سيبتو شاعر هو جنهن آزاز نظم لکي پنهنجو نالو ادبي دنيا منجهه نروار ڪرايو . سندس اهو نظم شيخ اياز جي رسالي (اڳتي قدم ) منجهه ڇپجي پڌرو پڻ ٿيو راز عبدالرزاق شيخ ساعري جي صنف غزل به بهترين قرب رکيو اٿس هن جا غزل پڻ هن جي ادبي سڃاڻپ به بڻيا هو پنهنجي غزل منجهه فرمائي ٿو ته ديده ور ڪو ملي ٿو مشڪل سان ، دل لڳايون ٿا دل جي محفل سان . جستجوءَ ۾ عظيم مقصد جر ، درد ٿڪجي اچي لڳو دل سان زور ڪنهن مه جبين تي ڪهڙو ، دل به قابو رهي ٿي مشڪل سان . موج طوفانتي ڪو آ پا به رڪاب ، ڪوئي بدخو لڳو آ ساحل سان آدمي جو شعور وڌندو آهه ، جي ملي ٿو وڃي ڪو منزل سان سڀڪو ماڻهو آ محض ماڻهو راز ، آدمي پر ملي ٿو مشڪل سان شيخ عبدالرزاق راز کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هو سنڌي ادب جو هڪ بهترين نثر نويس پڻ هو ، هن ڪيترائي مضمون ، مقالا ، افسانه ، ناول لکي سنڌي ادب کي آسودو بڻايو شيخ عبدالرزاق صاحب سنڌي اردو انگريزي نظم ۽ نثر پڻ لکي ادبي دنيا منجهه منفرد حيثيت حاصل پڻ ڪئي هن جي ادبي پورهيو پڻ چڱو خاصو پڻ آهي جن منجهه ڪيترائي ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۽ سنڌي ادب جي زينت بڻيا انهن ۾ شعري مجموعو (سارنگ ، پيهي منجهه پاتال ، غزل ، ڌڙڪنين ، سڄڻ سفر هليا ، ڊاڪ بنگلو ، ماري ڪي ديس ۾ ، نئون آدمي ، فاتح سنڌ ، سانگي ڪي ساريام ، تاريخ سلطنت دهلي ، شرح سر يمن ڪلياڻ شرح ڪلام گرهوڙي شرح ديوان گل ، سکر پاسٽ آينڊ پريزنٽ ، وغيره سان سنڌيص ادب جي جهول ڀري ، انکانسواءِ شيخ عبدالرزاق صاحب شاعري ۾ سلاست رواني سيبتائب پڻ اتم اعلي درجي جي نظر اچي ٿي هو هڪ غزل ۾ پنهنجي من جي جذبن جو اظهار هن طرح ڪري ٿو چوي ٿو ته مختصر زندگي کي ڇا چئجي ، هڪ گهڙي جي خوشي کي ڇا چئجي ، هر صنم خانه جي اڳيان سجدا ، اهڙي پو بندگي کي ڇا چئجي ، جو کلي ڪنهن جي خسته حالي تي ، اهڙي پو آدمي کي ڇا چئجي ، درد اهڙو جو ٿو لڳي دل سان ، درد جي دلڪشي کي ڇا چئجي . اهڙي طرح راز صاحب شعرو شاعري کان علاوه ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين منجهه ڀرپور حصو وٺندو رهيو ان کان سواءِ هن سکر ۾ تمام گهڻا ۾ گهڻا ادبي پروگرام ڪري سنڌي ادب لاءِ هميشه جاکوڙيندو رهيو .سنڌ جو هي چوٽي جو شاعر اديب اڱاري ڏينهن 6 ڊسمبر سال 983ع ڌاري زندگي جون 64 بهارون ڏسي هميشه لاءِ اسان سنڌي ادب جي سڀني ساٿين کان موڪلائي راهه رباني ٿي ويو سندس اڄ 6 دسمبر تي 33 ورسي ملهائي پئي وڃي . سندس مرتي کي هيترا سال گذري وڃڻ باوجو ادبي پورهي کي اڄ به ياد ڪيو پيو وڃي . ماسٽر چندر جو مشهور ۽ مقبول ڪلام جو نمونو پڙهندڙ لاءِ پيش ڪجي ٿو سڪ ۽ سنگت جو يار سڳو ، ڪڏهن مان پيو ڇڪيان ڪڏهن تون پيو ڇڪين هي لڪ ڇپ جي آ راند سڄڻ ڪڏهن مان پيو لڪان ڪڏهن تون پيو لڪين ، غم درد جدائي جو جنهن کي ، ڪڏهن مان ٿو سڪان ڪڏهن تون ٿو سڪين ، هي عشق جو گاڏو آهي چندر ، ڪڏهن مان پيو ڌڪيان ڪڏهن تون پيو ڌڪين .
ڪاڪو علڻ ٿيٻو سنڌ جو گمنام قومي ڪردار ٿي گذريو آھي،سائين جي ايم سيد جي خاص رفيقن مان ھو،مان ان بابت هن فورم تي ڪجھ لکڻ چاھيان ٿو،نئون آھيان طريقڪار ڏسيو