واٽس ايپ جي ڪاروباري فرمز لاءِ نئون بزنس ايپ اچي ويو

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏9 سيپٽمبر 2017۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ): واٽس ايپ چيو آهي ته هو ننڍين ڪمپنين ۽ مختلف ڪاروباري فرمز لاءِ هڪ نئين بزنس ايپ ٺاهي رهيو آهي، جنهن جي ذريعي مختلف ڪاروباري ڪمپنيون پنهنجي واهپيدارن سان رابطي ۾ رهي سگهنديون، جرمن خابرو اداري مطابق واٽس ايپ هاڻي باقاعده بزنس ايپ ذريعي واهپيدارن ۽ ڪمپنين وچ ۾ عام رابطي جو هڪ پليٽ فارم مهيا ڪري رهيو آهي، جتي مختلف ڪمپنيون جهڙوڪ ايئر لائنز، اي ڪامرس سائيٽ ۽ بينڪ وغيره پنهنجي صارفين کي مختلف معاملن بابت اپ ڊيٽ، نوٽيفڪيشن ۽ ڊليوري ڪنفرميشن وغيره ڏيئي سگهنديون، واٽس ايپ جي چيف آپريٽنگ آفيسر ميٽ ايڊما جو چوڻ هو ته واٽس ايپ پوري دنيا ۾ موجود ماڻهن لاءِ رابطو تمام آسان بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اسين پنهنجي صارفين لاءِ اها آساني پيدا ڪري رهيا آهيون ته هو تمام بهتر ۽ آسان طريقي سان ڪمپنين سان رابطي ۾ رهي سگهندا. واضح رهي ته واٽس ايپ تازو ئي بزنس اڪائونٽس تي ويريفائيڊ ٽڪ جي خاصيت جي شروعات به ڪئي هئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو