لنڊن(ويب ڊيسڪ)دنيا جي مقبول ترين ويڊيو شيئرنگ ويب سائٽ يوٽيوب به پنهنجي صارفين لاءِ ميسجنگ سروس متعارف ڪرائي ڇڏي آهي جنهن جي مدد سان صارفين پنهنجي لاءِ پسنديد ويڊيو يوٽيون جي ذريعي دوستن سان شئير ڪري سگهندا.يوٽيوب ميسجنگ جي ذريعي چيٽنگ ۽ ويڊيو شيئرنگ سان گڏ صارفين هڪ ٻئي ايموجيز تصويرون به موڪلي سگهندا. ان کان پهريان يوٽيوب هڪ سال کان هن فيچر تي ڪم ڪري رهيو هو ۽ هاڻي ان کي باضابط طور تي صارفين لاءِ ريليز ڪرائي ڇڏيو آهي.