جديد سنڌي الفابيٽ. ب سان بلا. بلائون گھڻن قسمن جون آهن ........مثلا.( ب ) سان بجلي ......ب سان بيورو ڪريٽ ......ب سان بجيٽ.......ب سان بينڪ........ ب سان بيگم،.....ب سان بدبو ......ب سان بک وغيره .هاڻي توهان انصاف ڪيو ته انهن مان ڪو نالو بلا کان گھٽ آهي ڇا؟؟؟؟.........هونئن به ڪنهن به صفت جي اڳيان ب (بي ) لڳائجي ته عجيب پنهنجائپ جو احساس ٿئي ٿو.......... ڇو جو اها ”بي“ اسان جي معاشري جو اهم جز آهي ......جهڙوڪ بي شرمي....بي حسي....بي رحمي.....بي وفائي .....بي روزگاري.....بي وقوفي وغيره. جيڪڏهن انهي لسٽ ۾ بيڪاري.....بزدلي ....... بي غيرتي کي شامل ڪجي ته يارن کي لڳندو ته منهنجومٿو گھمي ويو آهي ...... مٿي تي ياد آيو مٿي جي ڦيري جو سبب به ب آهي .........يعني بجلي .....بجلي ۽ بي وفائي جو چولي دامن جو ساٿ آهي اڙدو ۾ چوندا آهن ته.......” چار دن ڪي چاندني پهر انڌيري رات هے“.......... هتي ته ”چار گهنٽے کي بجلي اور بيس گهنٽے کي رات هے“.........انهي لاء ڇت تي وڃي هٿ ۾ وڃڻو کڻي ويهو ۽ نور جهان جو گانو ”او بے وفا مين نے تجھ سي پيار ڪيون ڪيا ،تيرا اعتبار ڪيون ڪيا“ وڏي واڪي ڳايو........ مجرب نسخو آهي اميد ته ڪلاڪ کن ۾ بجلي اچي ڪڙڪندي ........... آزمائي ڏسو .جيڪڏهن پاڙي جي ڇت تي ڪا مائي ويٺي هوندي ته ان جا گھر وارا اوهان کي ڊوڙائيندا.......... جنهن سان اوهان کي قدرتي هوا به لڳندي ۽ صحت درست رهندي........گھڻو ڪري ڏينهن جو ئي اوهان کي تارا نظر ايندا اهڙي روشني ملڻ تي اوهان بنا بل اچڻ جي خوش رهندا......... ها هڪ اهم ڳاله رهجي وئي ب سان ”بادشاه .“.... بادشاه لفظ ٻڌڻ سان موڳي....چرئي.....ضدي.....خود سر....عياش ۽ موالي ماڻهو جو تصور اچي ٿو .سنڌي ۾ محاورتا چئبو آهي ته...... ”تون ته بادشاه ماڻهو آهين“........ معني توکي دنيا جهان جي ڪهڙي خبر توکي ڏک سک جي ڪهڙي خبر........ نئين نسل جي نوجوانن کان معلوم ڪجي ته بابا ملڪ جو بادشاه ڪير آهي؟؟؟؟؟؟ جواب ملندو ته .....”چاچا اسين ڄائي ڄم کان هڪ ئي بادشاه کي پيا ڏسون تان ته اچي جوان ٿيا آهيون.......اهو انڌو آهي .....ٻوڙو آهي .....گونگو آهي ....مجبور آهي...... لاچار آهي .....مدهوش آهي“.......... ظاهر آهي ته اهڙن حڪمرانن کي ڏسي کين نيپولن بوناپارٽ،ڪمال اتا ترڪ يا مهاتير محمد ته ياد نه ايندا. بد انتظامي بد نظمي ۽ نا انصافي جي هن دور ۾ جيڪو مشاهدو ڪندا تهڙو عمل ڪندا. تڏهن ته چوڻي آهي ته جهڙو راجا تهڙي پرجا ..