ڪراچي جي حاليه برساتن بعد نيڪال جي سسٽم بلاڪ ٿيڻ ڪري شهر ۾ بدترين سيلابي ڪيفيت پيدا ٿي وئي. روڊ رستا بلاڪ ٿي ٽٽي پيا. ڪافي موت ٿيا. انهيءَ تباهي جو ڪارڻ جتي چائنہ ڪٽنگ برساتي نالن تي قبضو ۽ ٻي بد انتظامي آهي اتي پلاسٽڪ يا پوليٿين جا شاپنگ بيگ پڻ اوترا ذمہ وار آهن. ياد رهي ته پوليٿن بيگ اچڻ کان اڳ جڏهن اسين ماڻهو سودو سلف وٺڻ نڪرندا هئاسين ته پاڻ سان ڪپڙي جون ٿيلهيون يا کجور جي پنن مان ٺهيل ڇٻيون کڻي ويندا هئاسين، سودو خاڪي لفافن ۾ ملندو هئو ۽ گوشت مڇي وغيره ڪاغذ ۾ ويڙهي ڏيندا هئا. مشرقی پاڪستان جي ڌار ٿيڻ بعد هتي ناریل، ٻهارن، سڻي سان گڏ ڪاغذ جي به قلت پيدا ٿي. ڪاغذ جا ڪارخانا مشرقی پاڪستان ۾ هئا. اتان ڪاغذ اچڻ بند ٿي ويو. ان حالتن ۾ ڪاروباری مفاد پرست ماڻهن پولیٿن بیگز بڻائڻ شروع ڪيا. گویا ڄڻ انقلاب اچي ويو ماڻهو به ان جي نقصانات کان بي خبر تمام خوش ۽ مطمئن هئا ان جو آغاز وڏن خريداري ٿيلهين سان ٿيو جو هلندي هلندي ننڍين بيگس ۾ تبديل ٿي ويو جو هاڻي ته گوشت سبزي، کير، تيل، گيھ، هوٽل تان کاڌي جو سامان ۽ چانهن تائين هر شي پلاسٽڪ جي بيگ ۾ اچڻ لڳي. پولیٿین شاپنگ بیگز پئٽروڪیمیڪل مرڪبات مان حاصل ٿيل مواد مان ٺهن ٿيون، جيڪي انساني صحت لاءِ انتهائي ھاڃيڪار آهن. پلاسٽڪ تي موسمي تبديلي جو ڪو اثر نه آهي هي هڪ غیر حل پذیر مادہ آهي هن کي جلائي تلف ڪرڻ ۾ به نقصان آهي. هي طویل عرصي تائين پنهنجي اصلي حالت ۾ رهي ٿو. سائنسدانن مطابق هن ٿيلهين کي مٽي ۾ دفن ڪجي ته ڳرڻ ۾ گهٽ هڪ هزار سال لڳندو. پنهنجي انهن منفی خصوصیات جي ڪري پولیٿین بیگز سڄي دنیا جي ماحول لاء سنگین خطرہ ثابت پيا ٿين. وزن ۾ هلڪي هئڻ ڪري هي هوا سان گڏ اڏامنديون رهن ٿيون ۽ برساتي نالن، سیوریج سسٽم تائين پهچي نيڪال جي سرشتي کي بلاڪ ڪن ٿيون. حاليه برساتن ڪري ڪراچي ۾ جا تباهي آئي، سعدي سوسائٽي ٻڏي ان جو مکيه ڪارڻ بيگز ڪري نيڪال جي سسٽم جو ناڪاره ٿيڻ آهي.. هن بیگز ڪري ماحول کي نقصان کان بچائڻ لاءِ سمجهدار ملڪن پوليٿن جي استمعال تي پابندی عائد ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪيترن ملڪن ۾ دوڪاندان کي الٽيميٽم ڏنو ويو ته ان جو متبادل تلاش ڪيو. سنڌ ۾ به هڪ دفعي گورنر ايئر مارشل عظيم دائود پوٽو صاحب 50 مائڪرو کان گهٽ پلاسٽڪ ٿيلهين جي استعمال تي پائبندي وڌي هئي. ڪراچي ۾ واويلا مچي وئي ڪجهه وقت سلسلو هليو آخرڪار ڪاٺياواڙي ۽ گجراتي واپارين هن سٺي عمل کي رائج ٿيڻ نه ڏنو تان جو گورنر ئي هليو ويو. اسان کي هن مٺي زهر جي استعمال ۽ ماحول جي گندگي تي سنجيدگي تي سوچڻ گهرجي. اڏامندڙ ٿيلهيون، گندگي جا اڻ وڻندڙ نظارا، سنڌ جي هر شهر قصبي جا وهندڙ گٽر، ملير جي تباهي....ارباب اختيار کان وڌيڪ آسان ذمہ وار ٿا لڳون...... گهر جو گند ڪڍي گهر جي ٻاهران اڇلائڻ، بي تحاشا ٿيلهي جو استعمال اگر گاسليٽ گهرجي ته اهو به ٿيلهي ۾، برف ٿي اچي ته اها شاپر ۾، ان کان علاوه ليز، ڪرليز، سونف سوپارين جا ريپر سڀ کائيندا روڊن تي ڦٽو ڪندا رهون ٿا پوء نتيجا سامهون آهن. جانور کائي ته مري، مڇيون کائين ته مرن، گرم پاڻيٺ جون چيزون جهڙوڪ چانهن، ٻوڙ برياني هن ۾ وجهي کائڻ سان ڪينسر جهڙو موذي مرض ٿئي ٿو.