مولانا غلام محمد گرامي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌي ادب جو روشن مينار مولانا غلام محمد گرامي
    ابراهيم لاشاري (وارهه)
    سونهاري سنڌ دنيا جو اهڙي خطي جي مٽي آهي جنهن پنهنجي سيني تي وڏا وڏا علم ،ادب جي اڪابرن کي پنهنجي گود ۾ جنم ڏئي علم ،ادب جا ڏاها،عالم مفڪر، اديب ،سياستدان ، شاعر، صحافي، اسڪالرس پيدا ڪيا جن پنهنجي علم عقل آڌار پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ايندڙ نسل کي پري کان پنهنجي روشني وسيلي علم ادب جون راهون ڏيکايون .اهڙين شخصيتن سنڌي ادب جي تاريخ منجهه پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض اڄ به سندن جو نالو اتم ۽ اعلي درجي واري حيثيت رکي ٿو اهڙي ريت دادو ضلعي جي ميهڙ شهر کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن چيڪي خوشبودار ميندي واري مٽي غريب هاري جاڙي خان لغاري بلوچ جي گهر 30 سيپٽمبر 1920ع خميس ڏينهن هڪ ننيگر غلام محمد گرامي نالي پهريون ساهه کڻي اکيون کوليون ته خوشين جو سماع ٿي ويو سندس مٽن مائٽ مبارڪون پئي ڏنيون غربت هوندي هن جي والد جاڙي خان مولانا غلا محمد گرامي صاحب تي تربيت نهايت بهتر نموني جي ڪئي مڱرنصابي تعليم لاءِ سرڪاري اسڪول بجاءِ مدرسي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پٽ کي داخل ڪرايو شروع شروع ۾ غلام محمد گرامي صاحب مدرسن جي تعليم حاصل ڪرڻ سان گهري دلچسپي ورتي جتان سنڌي، اردو، فارسي، عربي وڏي شوق سان پڙهي پاس ٿيو مڱر لاڳيتو محنت ۽ ذاتي مطالعي سان انگريزي جا وڏا وڏا امتحان به پاس ڪري ان زماني پنهنجي هم ڪلاسي شاگردن ۽ استادن ، عالمن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيائين اهڙو رنگ سندس شخصيت کي عالمن ، اديبن ۽ بزرگ دوستن جي صحبت منجهان حاصل ٿيو مولانا غلام محمد گرامي صاحب جا وڏا يعني خاندان جو چڱو مڙس برادي خان اول ڊيرا غازي خان جي علائقي (شورڻ چوٽي) منجهان لڏي سال 1840ع ڌاري ميرن جي طرفان عطاءَ ٿيل جاگير (ڊگهه بالا) ۾ اچي ترسيو اتي ئي پنهنجي ذات لغارين سان مٽي مائٽي ڪيائين ، مولانا غلام محمد گرامي جي ڪٽنب جو شجرو هن طرح ظاهر ٿئي ٿو جاڙو خان پٽ ماهي خان پٽ شهداد خان پٽ مراد خان پٽ برادي خان اول
    اهڙي طرح مسلسل محنت سان مولانا غلام محمد گرامي صاحب اڳتي هلي علم جي دولت سان رنگجي ويو جو سندس ان علمي دولت منجهان اڄ به ڪيترائي سندس واٽ ۽ ڪردار واري رستي تي هلي پنهنجي منزل پيا ماڻين ،هن اديب ،شاعر ، عالم سنڌي ادب جي ڏات ۽ ڏاهپ جي ڏئي سال 1936ع ڌاري پنهنجي استاد بزرگ العلماءَحضرت مولانا عبدالڪريم ديروي رح ،علي اڪبر شاهه، رئيس غلام علي لغاري ، جي ڪوشش سان ڳوٺ سرائي ٻٽن جي قريشن منجهان سندس (پڦاٽ ) سان نڪاح ڪري شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو علم ادب جو هي محنتي شخص سال 1943ع ڌاري صحافتي دنيا ۾ پير پائي سنڌ جي مختلف اخبارن ، رسالن ، ميگزينن ۾ ڪالم ، مضمون ، مقالا لکي ادبي دنيا ۾ نالو نشابر ڪيو پاڻ ساڳئي سال ٿدڙي هوائن وارو شهر حيدرآباد اچي ويايائين اتي جامع عربيه تحريڪ ۾ آيو پوءِ حيدرآباد کي ئي پنهنجو مسڪن بڻايائين سال 1951ع کان سال1954ع تائين مسلسل ٽي سال ٽرينگ ڪاليج فارمين ۾ درس تدريس جي شعبي سان سلهاڙي فارسي جو استاد مقرر ٿيو ۽ پنهنجو خدمتون اعلي نموني سان سرانجام ڏيندو رهيو .مولانا غلام محمد گرامي صاحب صحافتي دنيا ۾ جڏهن قلم کنيو هو ته هو ابتدا ۾ صحافي ٿي (هلال پاڪستان اخبار) عبرت اخبار حيدرآباد سان سلهاڙيل رهيو ان کانسواءِ ان زماني منجهه هو سنڌ جي مختلف ڇپجندڙ رسالن جهڙوڪ رسالو آفتاب ڪراچي ، شاعر حيدرآباد ، پاسبان هالا ، عرفان لطيف حيدرآباد ، ترجمان ميرپورخاص ، ۽ الزمان هالا جو بهترين ايڊيٽر طور فرض سرانجام ڏيندو رهيو . سال 1955ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ ۾ پير پاتائين اتي رهي ڪري رسالي (مهراڻ ) جو مئنيجنگ ايڊيٽر بڻيو، گرامي صاحب سال 1955ع کان وٺي زندگي جي آخري دم تائين سه ماهي مهراڻ رسالي سان نڀائيندو سنڌي ادب ۾ پنهنجو نالو نروار ڪندي نظر آيو ، ان کان علاوه مولانا غلام محمد گرامي صاحب ان زماني ۾ نون اديبن ،شاعرن ، سگهڙن جي لکڻين ۽ انهن جي اندر جي آواز کي ڇپئي مهراڻ رسالي جي زينت کي چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا ، ۽ ڪيترئن نالي وارن اديبن کان مواد وٺي مهراڻ رسالي جي موج ۾ اضافو ڪندي هميشه مصرف عمل رهيو . ۽ پاڻ ذاتي دلچسپي وٺي ريگيولر بنياد تي ڪالم عنوان (آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين ) واري عنوان تي ان زماني جي اديبن ، شاعرن ، سياسي، سماجي شخصيتن گذاري وڃڻ تي وفات ناما وڏي جستجو سان لکندي نظر آيو . بعد ۾ سيد بچل شاهه انهن لکڻين کي ( ويا سي وينجهار ) نالي ڪتابي صورت ۾ جامو پهرايو مولانا غلامحمد گرامي صاحب پاڻ وقت به وقت علمي ، ادبي ،مضمون ، مقالا لکندو سنڌي ادب کي آسودو ڪندي نظر آيو هي نه رڳو نثر لکڻ جو قابل هو مولانا صاحب نظم واري صنف ۾ به پاڻ ملهايو گرامي صاحب هڪ بهترين غزل گو شاعر پڻ هو هو پنهنجي من اندر جو آواز ٻڌائيندي چوي ٿو ته
    خدا جو شڪر غم اين و آن جو آهيان امين ،
    نه آهه پنهنجي مقدر ۾ سيم و زر نه سهي ،
    گرامي ڪو ته اشارات کي به سمجهي ٿو ،
    سخن شناس ڪو آهي سڄو شهر نه سهي .
    گرامي سنڌي ادب جي جهول ۾ جهجي انداز ۾ پنهنجي ڏاهپ ۽ قلمي پورهي سان سنڌي ادب جي زينت ۾ اضافو ڪندي ڪيترائي ڪتاب ڏنا جن منجهه الله جو وجود ، اسانجو پيارو دين ، ادبي اهڃاڻ ، ديوان بلبل ، رفيق حيات ، اسلامي تاريخي ڪهاڻيون ، مزاحيات ، مسلمان ۽ تعليم ، دينيات اٺين ڪلاس لاءِ ، جام جم ، قائداعظم جون تقريرون ، تاريخي افسانا ۽ ڊراما ، ۽ مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات شامل آهن غلام محمد گرامي صاحب سنڌي ادب منجه بي لوٽ خدمتون ڏيندي ڏيندي گڏهن به ٿڪاوٽ محسوس نه ڪئي هميشه سنڌ ۽ سنڌي ادب ، تاريخ ، دينيات ، صحافت ،تنقيد ، سياست ، شاعري ، فلسفي جي موضوع تي مطلب ته هو هر علم ۽ فن وسيلي خدمت ڪندي نظر آيو .مولانا غلام محمد گرامي جي ادبي پورهي مان هاڻ هميشه فيضياب پيو ٿيندو پاڻ ته زندگي جا 55سال 8 مهينا ۽16 ڏينهن گهاري 15سيپٽمبر 1976ع اربع ڏينهن دل جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري هي جهان ڇڏي ويو سندس ادبي ڪم هميشه ياد رهندو سندس جي اڄ 41 ورسي ملهائي ويندي
    .
     
    آخري ترميم: ‏15 سيپٽمبر 2017
    عزيزالله ميمن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير

هن صفحي کي مشهور ڪريو