ضلعي گھوٽڪي ۾ ڪئي اهڙا تاريخي ماڳ آهن جڪي تمام پراڻا ماڳ آهن جنهن ۾ ڏيٿري مومل جي ماڙي ۽ ٻيا ڪيترائي ٻيا به ماڳ کوڙ آهن جن جي مان ريسرچ ڪيان پيو پر ڏهرڪي کان اتر طرف 15 ڪلو ميٽر پري ريتي کان 6 ڪلو ميٽر ڏکڻ اتر جي ڪنڊ تي وڄڻوٽ جو دڙو جيڪو 60 ايڪڙ تي مشتمل هيو پر هن دڙي کي هتان جي رهاڪن تباه ڪري ٻن ٽن ايڪڙن تي بچايو آهي هن دڙي جي اصلي شڪل بلڪل تبديل ٿي چڪي آهي هن دڙي جي ريسرچ لاءِ شبير حسن گبول، اياز کهاوڙ، ظهور گل گبول، نوبت علي ڏهر ۽ مان جڏهن هن دڙي تي پهتا سين ته هي دڙو بلڪل تباه هيو. هن دڙي جو نالو نشان به ناهي رهيو ڪٿي ڪٿي ڪا ڀٽ هئي پر ڪنهن جگه جو نشان ڪون مليو. بچيل دڙي تي به هيٺان واري مٽي کڻي مٿي سٽي وئي آهي هاڻي ڪوبه نشان ناهي بچيل جيڪا هڪ ڏک جهڙي ڳاله آهي هن جي حفاظت جو ذمو ضلعي ڪامورن تي آهي پر هن محل تائين ڪنهن به هن دڙي جي سار نه لڌي آهي جنهن جي ڪري هتان جا رهاڪو ان دڙي تي قبضو ڪري هي دڙا ڊهرائي زمينون آباد ڪيون ويون آهن افسوس اسان پنهنجي تاريخي ورثي کي سنڀاري نه سگھيا سين. هي دڙو صرف اديبن ليکڪن جي ڪتان تائين رهيو آهي تاريخ جا ورق داهون ڪري پڇن ٿا ته ايڏو وڏو دڙو هاڻي ڪٿي آهي توهان ڪيڏي نا اهل قوم آهيو جو پنهنجي تاريخي ورثن کي به سنڀاري نه سگھيا آهيو ايندڙ نسل اسان کان هن جو پڇندي ته اسان جو ڇا جواب هوندو ڪنهن اهو سوچيو آهي چوندا آهن وڄڻوٽ جا دڙا ٻه آهن هڪ ريتي جي نزديڪ ٻيو رحيم يار خان پنجاب ۾ آهي پر اها خبر ناهي ته هي ٻئي هڪ ئي وقت جا آباد آهن يا هڪ شهر تباه ٿيو ٻيو شهر وسايو ويو هن تي آرڪيالاجي وارن ڪابه ريسرچ ڪون ڪئي آهي سنڌ وارو هي دڙو ننڌڪڻو پيل آهي جنهن کي وڻي هن کي تباه ڪري . 70 واري ڏهاڪي ۾ هن جون ديوارو نظر اينديون هيون هي موئن جي دڙي وانگر ڦٽل شهر آهي وڄڻوٽ ۽ ڊٻ ڏيٿري هڪ ئي دور جا اهن هنن مان ملندڙ هر شيءِ هڪڙي آهي هتان ملندڙ سرن ۽ پٿرن مان ايئن لڳي ٿو هي شاندار شهر هيو. هي شهر ريڻي جي ڪناري تي هيو جنهنجي ڪري لڳي ٿو هي وڏو واپار جو مرڪز هيو. هن دڙي جي وچ تي هڪ وڏي جڳه جا اثار به موجود هوندا هئا جنهن جي لاءَ چيو ويندو آهي ته هي ڪو بادشاهي قلعو هيو يا عبادت گاه هئي. هن دڙي ۾ به اڪثر پڪيون سرون نڪتيون آهن سرن جو وزن پنج کان ڏه ڪلو تائين آهن هي سرون ڪنهن قالب جون ناهن ٺهيل ۽ هي هڪ جيتريون به ناهن ڪي ننڍيون ته ڪي وڏيون، ڪي ٿلهيو ته ڪي سنهيون آهن هڪ سر جي اسان ماپ ڪئي سين ته هو ڏيڍه فٽ ڊگھي ۽ فٽ ويڪري هئي. هي سرون مختلف قسم جون هيون هن جي مٿان ۽ سائيڊن کان ايئن لڳي ٿو ته جيئن ڪنهن ڇري سان ڪٽيل هجن. هتان تمام قيمتي هيڊي رنگ جا پٿر به مليا آهن هي اهي پٿر آهن جيڪي اسلامي دور ۾ قبرن تي لڳل آهن جيڪي مڪلي جي قبرستان ۽ ستين جي آستاني تي لڳل آهن بلڪل هن جهڙا آهن هن مان لڳي ٿو ته هي شهر قبل مسيح کان اسلامي دور تائين آباد هيو. ڪن جو خيال آهي ته هي سومرن جي دور ۾ تباه ٿيو آهي ٻيو اهو به خيال آهي جڏهن هتان وهندڙ ريڻي سڪي ته هي شهر به تباه ٿي ويو ڇو جو هنن جو گزر سفر ريڻي واري پاڻي تي هيو. هي پٿر به هڪ جيترا ناهن ڪي ته سرن جيترا آهن ڪي وري ٻه فٽ باءِ چورس فٽ جا آهن ڪي وري ٽي فٽ باءِ چورس فٽ جا آهن جنهن جو وزن ڏه مڻ جيترو آهي ڪجھ اڇي رنگ جا گول پٿر به مون ڏٺا وڏو ڀٿر ايڏو وزني هيو جو اسان چورڻ جي ڪوشش ڪئي اسان کان اهو چريو به ڪون مونکي اتي صرف ٽي چار ڀٿر ڏسڻ ۾ آيا لڳي ٿو ٻيا پٿر هتان ڪير کڻائي ويو آهي اها ڪنهن کي به خبر ناهين. انگريزن جي دور ۾ به هن دڙي کي وڏو نقصان پهتو جڏهن ريتي اسٽيشن ٺاهي وئي ته انگريزن هتان سرون پٽائي کڻي وڃي ريتي اسٽيشن جوڙائي پر هو ته ڌاريا هئا هتان جي رهاڪن به هن جي تباهي ۾ وسون ڪونه گھٽايو آهي. هن علائقي ۾ اسان ڏسون ته هتي ڏور ڏور تائين ڪو پهاڙ ناهي ته هي پٿر هتي ڪيئن پهتا ۽ ڪنهن آندا. اسان روهڙي ڏسون ته هتان کان ڏيڍه سئو ڪلو ميٽر پري آهي مگر هي پٿر روهڙي جي جبلن جو ناهي. ٿي سگھي ٿو هي پٿر راجستان جيسلمير مان آيو هجي هن دور ۾ ڪا به اهڙي سهولت موجود ڪون هئي جيڪا اڄ اسان وٽ آهي ته هنن ايڏن وزني پٿرن جو هت اچڻ به حيرت ۾ وجھي ٿو. هن مان لڳي ٿو ته هتي وڏو بادشاهي تخت هيو هي پٿر هنن جي محلن ۾ خوبصورتي لاءِ لڳل هجن. هڪ خيال موجب هي هنن پٿرن کي ٻيڙين جي ڊريعي آندو ويو هوندو. ٻيو ته هتان کان ٿورو پري ريگساني علائقو کينجو به لڳي ٿو ان جي ڪري به ڪجھ ماڻهن جو اهو خيال آهي ته هي پٿر اٺن ڊريعي هتي پهتا آهن هي به مناسب ٿي سگھي ٿو پر جڏهن پترن جي وزن کي ڏسجي ٿو ته هي مشڪل لڳي ٿو. محمد پنهل ڏهر مطابق ته ڪٿان ڪٿان ڪوئلا به نڪتا آهن پر اهي هر جڳه تي ناهن هن سان کنوڻ جو ڪرڻ يا آسماني آفت اچڻ به لڳي ٿو. هن جي چوڻ مطابق ته هتي استعال ٿيندڙ سڪن مان ڪجھ سڪا به مليا ها جيڪي منهنجو دوست ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي تحقيق ڪرڻ لاءِ کڻي ويو پر موٽايائين ڪون. هو سڪا ٽرامي وانگر هيا هڪ جيترا ۽ هڪ جهڙا نه هيا ان سڪن کي ڪنهن سانچي نه پر ڪنهن تيز شيءِ سان ڪٽيو ويو هو جيڪي ڪجھ ٽي ڪنڊا ڪجھ چار ڪنڊا ته ڪجھ پنج ڪنڊا هيا. هن چيو ته مون پاڻ هتي هڪ جگه تي ٽڪرن جو وڏو تعداد ڏٺو هو. هن جي مطابق هتي شايد وڏو کوه هيو جتان عورتون پاڻي ڀرڻ اينديون هيون ته ڪي تڙ ڪرڻ لاءِ لوٽا ڪڻي ايندا ها جيڪي ڀڄڻ جي صورت ۾ پاسي ڪري سٽيندا ها پر ڪابه واضح ڳاله ناهي ڇو جو هن دڙي جي ڪوٽائي اڄ تائين ناهي ٿي. انهي لاوارثي واري حالت جي ڪري ماڻهن هن کي تباه و برباد ڪري ڇڏيو آهي ماڻهو هتان جون قيمتي شيون کڻي پنهنجي گھرن ۾ وڃي رکيون. ڪي چون ٿا ته هتان وڏي مورتي به ملي هئي جيڪا هتان ٽريڪٽر جي ڪيڻ هڻڻ سان نڪتي هئي ڪو رحيم يار جو پنجابي هن مورتي کي کڻائي ويو.ڪيڏي ڏک جهڙي ڳاله ته هن ضلعي ۾ ايڏا تاريخي ماڳ آهن پر هتان جي هيڊ ڪواٽر ۾ ڪو ميوزم ناهي جو اسان هنن مان نڪرندڙ قيمتي شيون سنڀاري سگھون. جنهن کي جتي ڪا شئي ملي هن پنهنجي قبضي ۾ ڪئي. هن آرڪيالاجي وارن کان محمد پنهل ڏهر صاحب جنهن هن ڌڙي تي وڏي تحقيق ڪئي آهي هن کي منهنجو سلام جنهن پنهنجي ورثي جي بقا لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي. ڪجھ سال پهريان مرحوم دادا سنڌي ۽ محمد پنهل ڏهر ان وقت جي ايس ڊي ايم امداد علي اويسي کي به وٺي ويا هيا ته جيڪو ڪجھ بچيو آهي هن جي چوڌاري تار ڏياري وڃي. پر ڪو به کڙ تيل ڪون نڪتو. شبير حسن گبول جنهن جتي به هن ضلعي مان ڪو قديمي سامان سر يا سڪو مليو هن پاڻ وٽ سنڀاري رکي آهي. هن هنن پٿرن جا ڪجھ ٽڪر به سنڀاري رکيا آهن جن جي هو ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائڻ چاهي ٿو ته هي ڪيترا قديمي آهن. پر ثقافت خاتي يا ارڪيالاجي وارن ڪجھ به ڪون ڪيو. هي ڪيڏي نه گھوٽڪي واسين سان نا انصافي آهي. هاڻي به اگر هن جي کوٽائي ٿي ته هن مان گھڻو ڪجھ ملي سگھي ٿو هيٺان ٻيا به ٿي سگھي ٿو تاه ملن جنهن مان اسان کي هنن جي رهڻي ڪهڻي بابت گھڻو ڪجھ ملي سگھي ٿو. ۽ اسان کي ان دڙي جي اجڙڻ جي سببن جي خبر پوي ته هي ڇو برباد ٿيو جيڪا هڪ گجھارت بڻيل آهي. هن دڙي جي باري ۾ ڪئي ڪتابن ۾ ڊڪر آهي انگريزن به هن جو ڊڪر ڪيو آهي ريوارٽي پنهنجي ڪتاب اينٽي ڪيوٽيس آف سنڌ ۾ به ذڪر ڪيو آهي جنهن جو عطا محمد ڀنڀرو ترجمو ڪيو آهي جنهن جو نالو سنڌ جا آثار قديمان آهي پر هن دڙي جي کوٽائي عمل ۾ ڪون آئي ڪون ڪرائي سگھيا. وڄڻوٽ دڙي جي هڪ لوڪ داستان جيڪا مشهور آهي ته هن شهر ۾ هڪ بادشاهزادي رهندي هئي جيڪا حسن ۾ پنهنجي مٽ پاڻ هئي اها وڏي خوبصورت هئي. هن شهر کان چار ڪلو ميٽر پري هڪ ماڙي آباد هئي. جنهن جو وڏو ڏمڻ سونارو هيو. هي ڏمڻ سوناري جي ماڙي سان مشهور هئي هتان جو هڪ ڇوڪرو هن شاهزادي جي حسن کي ڏسي هن تي فدا ٿي پيو هن کي پنهنجي دل ڏيئي ويٺو هن ان شاهزادي سان ملڻ جا ڪئي جٿن ڪيا پر هو ان شهزادي سان ملي نه پئي سگھيو. ان هزار ڪوششن جي باوجود جڏهن ڪو ملڻ جو رستو ڪون مليو ته هن چيو مونکي ڪنهن به طريقي ان حسن جي ديوي سان ملڻو آهي. نيٺ ان اتان سرنگ جي کوٽائي شروع ڪري ڏني چوندا آهن ته جزبا سچا هجن ته ڪو ڪم مشڪل ناهي هن چار ڪلو ميٽر سرنگ ڪوٽي وڃي بادشاهزادي سان مليو. ڏمڻ سوناري جي ماڙي سان گڏ هڪ وڏو مٺو کوه به هوندو هو هي کوه ٻين کوهن کان وڏو هوندو هو. هي هڪ لوڪ داستان هئي جي هتان کوٽائي ٿئي ته اسان کي اها حقيقت معلوم ٿيندي ته واقعي هتان سرنگ ڪوٽي وئي هئي يا هي هڪ گھڙيل داستان آهي جنهن تي آرڪيالاجي وارن کي هن تي ڪم ڪرڻو پوندو. جڏهن هن دڙي جي کوٽائي ٿيندي ته انهن جي تهذيب جي خبر پوندي. ٻيو ته هي دڙو وڃي ٿورڙو بچيو آهي وقت سر قبضي مافيا کي نه روڪيو ويو ته ڪجھ سالن ۾ هن دڙي جو ڪو به نشان نه ملندو. هر پاسي هاڻي آبادي آهي. ضلعي انتظاميه کي گھرجي ته هاڻي به وقت آهي ڪجھ بچيل هن دڙي جي چوڌاري ڪنڊي دار لوهي تار هڻائي وڃي ۽ آرڪيالاجي به هن تي ڪم ڪري ميرپور ماٿيلو ۾ هڪ وڏو ميوزم جوڙايو وڃي جنهن ۾ هن ضلعي جي هر قديمي آثار کي هن ۾ محفوظ ڪيو وڃي احسن علي حسن چڍڙ