غزل
احمد گل
پيار جي درياھ ۾ ٻوڙڻـو ٿئـي ٻوڙ تون!
مان ٽُٽل ڪا آرسي جوڙڻو ٿئي جوڙ تون!
مس ڇڏائي جند آ زندگي جي ڏيھ کان!
ير ڀري ڀاڪيون هڻي لوڙڻو ٿئي لوڙ تون!
منهنجي جيون جو سبيل ڪو نئون چولو ڪٿي؟
عمر پنهنجي جو وڳو چوڙڻو ٿئي چوڙ تون!
مان حياتي کان ڊنل ڪئن اچان ويجهو ڀلا!
خوف جي ديوار کي ٽوڙڻو ٿئي ٽوڙ تون!
ريت جي آھي زبان خشڪ ساري ٿي وئي!
سمنڊ جو رُخ زندگي موڙڻو ٿئي موڙ تون!!
توکي ارپي مون ڇڏيو پنهنجي خوابن جو بدن!
ماس تنهن جو، اي زمان! روڙڻو ٿئي روڙ تون!!
سڀ خسارا تون ڇڏي کوجنا جي بر اندر!!
هاڻ احمد پاڻ کي ووڙڻو ٿئي ووڙ تون!!

تعارف
اصل نالو؛ احمد خان
ادبي نالو؛ احمد گل
جنم تاريخ؛ 03 مارچ 1988
رحيم ڏنو سولنگي ضلعو
نوشهرو فيروز.
رهائش؛ مستقل پتو ساڳيو
نمبر؛ 03063318066
بيوس سجاد گاڏهي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
اصل نالو؛ احمد خان
ادبي نالو؛ احمد گل
جنم تاريخ؛ 03 مارچ 1988
رحيم ڏنو سولنگي ضلعو
نوشهرو فيروز.
رهائش؛ مستقل پتو ساڳيو
نمبر؛ 03063318066
بيوس سجاد گاڏهي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل