• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪنهن به شيءَ کي اجائي، قبوليان ته ڪيئن

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

رحمت سومرو

ڪنهن به شيءَ کي اجائي، قبوليان ته ڪيئن
تـو بنــا هـيءَ خـدائي، قبـولـيـان تـه ڪيـئــن

هـڪ گـهـڙي جـي وڇـوڙي تـي لرزيو وجــود
هـڪ جـنمـ جـي جـدائي، قبـوليان ته ڪيـئن

دل کي پنـهـنـجـي اجـهـاـمــڻ تـي ئـي ناز هـو
روشـنــي ڪـا پرائـي، قـبـوليــان تــه ڪـيـئـن

آخـــري ســـاه کـــي هـــن تـــي ايــمـــان هــو.
هــوءَ نه آئــي، نــه آئــي! قـبـوليـان تـه ڪيئن

تنـهـنـجـي قـدمـن سـان ڌڙڪـن جي ترتيـب آ
هـاڻ ٻــي رهـنـمــائـي، قـبـولـياـن تـه ڪـيـئـن


FOPsA6.jpg


تعارف

نالو: رحمت اللهّ سومرو
ادبي نالو: رحمت سومرو
جنم تاريخ: 01 جنوري 1989
ميهڙ سٽي، ضلعو دادو
رهائش: ڪراچي سنڌ.
نمبر: 03003254144

بيوس سجاد گاڏهي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل

 
Back
Top