• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا هي شهرت سَستيءَ اندر.

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ayazjani
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ayazjani

سينيئر رڪن
عالم عشق الستيءَ اندر ،
منصوري سرمستيءَ اندر.

سوز گدازي ، وحدت سازي،
هر صوفيءَ جي هستيءَ اندر.

مهڪ مٽيءَ مان تنهنجي آئي،
تون جو آهين ڌرتيءَ اندر.

اوچائيءَ تي جيون گهاري ،
ڇو اڄ ڪريو پستيءَ اندر.

تنهنجي ايندي ئي ٿي وينديون،
هٻڪارون هن وستيءَ اندر.

هو ته هليو ويو ڏور آ ڏاڍو،
مهڪ بدن جي بستيءَ اندر.

ها - تنهنجو ۽ منهنجو جوڙو،
هوندو ” نوحَ جي ڪشتيءَ “ اندر.

حال حقيقي ڪير پروڙي ؟
هر ڪو پاڻ پرستيءَ اندر.

گمناميءَ جو پنهنجو گڻُ آ،
ڇا هي شهرت سَستيءَ اندر.
 
جواب: ڇا هي شهرت سَستيءَ اندر.

يار اياز جاني، ڳالهه ته گهري ڪيل آهي ۽ سهڻو نظم آهي پر ليکڪ ڪير آهي؟ اهو سوال ضرور ڪبو ۔۔۔ نظم جي مٿان يا هيٺان شاعر جو نالو لکيل هجي ته بهتر ۔۔۔
 
جواب: ڇا هي شهرت سَستيءَ اندر.

يار اياز جاني، ڳالهه ته گهري ڪيل آهي ۽ سهڻو نظم آهي پر ليکڪ ڪير آهي؟ اهو سوال ضرور ڪبو ۔۔۔ نظم جي مٿان يا هيٺان شاعر جو نالو لکيل هجي ته بهتر ۔۔۔
ادا وڏا نثار ابڙا هن شاعري تي ويهِي ڳالهائجي يا ويهِي لکجي ته راتون ۽ ڏينهن وهامِي وڃن پر خبر ته پوي ته هي شاعري آخر ڪنهنجي آهي، جيڪڏهن هيءَ شاعري اسان جي نوجوان ساٿي اياز جانِي جِي ئي آهي ته پوءِ مان ته کيس اڄ کان پنهنجو گُرو مڃي ٿو ڇڏيانس۔
 
جواب: ڇا هي شهرت سَستيءَ اندر.

سائين اهڙي سولي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ شاعري هر شاعر جي قلم جي وس ۾ نه هوندي آهي۔۔ ضرور هي ڪنهن مهان شاعر جي شاعري آهي۔۔۔ اسان جو دوست اياز جاني هميشه سٺي شاعري ونڊيندو آهي۔۔۔ لڳي ٿو هي به سندس ئي قلم جي مهرباني آهي۔۔۔ ادا اياز ڪجهه ته چپ چوريو هي ڪنهن جي شاعري آهي۔۔؟
 
جواب: ڇا هي شهرت سَستيءَ اندر.

ادا شاعري ڪنهن جي به آهي پر آهي بهترين شاعري، ادا اهڙي شاعري ونڊ ڪرڻ لاء مهرباني، پر ڀاء سائين ابڙي صاحب جي ڳالهه وانگر ته شاعر جو نالو هجي هان ته بهتر هو۔
 
Back
Top