ڪاري جي نالي ٿيندڙ قتل

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏19 سيپٽمبر 2017۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڪارو ڪاري جي ريت رسم ڪٿان آئي ڪڏهن کان شروع ڪنهن شروع ڪئي ان پهلو کي ڇڏي ڪارو ڪاري جي نالي تي قتل ڪندڙ ماڻهون جي نفسياتي پهلو تي ٿا ڳالهايون
    ڪاري جي نالي ڪندڙ قاتل قتل ڇو ٿو ڪري قاتل صرف هڪڙو آهي يا ؟
    قاتل کي قتل ڪرڻ جي لاء مختلف طريقن سان پهرين اڪسايو ويندو آهي غيرت جو نانء ڏيئي هن جي جذبات کي ڀڙڪايو ويندو آهي اگر هن جي جذبات نه ڀڙڪي ته هن کي طعنا ڏيڻ سان گڏ هن کي لالچ پڻ ڏني ويندي آهي اگر هو اهو قتل ڪري ته الزام هيٺ آيل ڌر وٽان پئسا ٻني يا سنڱ چٽي ملندس جڏهن اهو ماڻهون طعنن سميت اڪسائڻ باوجود به ان ڳالھ تي راضي ناهي ٿيندو ته ان کي لالچ اڳيان گوڏا کوڙڻا پوندا آهن ۽ نيٺ هو اهو ڪڌو عمل ڪرڻ لاء راضي ٿي ويندو آهي اهو قاتل صرف اڪيلو ناهي هوندو آهي ان سان گڏ اهي سڀ ۽ معاشرو قاتل هوندو آهي
    اگر قاتل اڪيلو آهي ڪير هن کي اڪسائي نٿو ته پوء قتل ڪير ڇو ٿو ڪري ؟
    اگر قاتل اڪيلو آهي ته ان جا سبب هي آهن هڪ ته ڪا به ڇوڪري هن کي پسند آهي اهو رشتو هن کي نٿو ملي ته پنهنجي ڀيڻ يا ٻئي ڪنهن کي قتل ڪري اهو الزام پسند ڪندڙ ڇوڪري جي ڀاء يا ٻئي ڪنهن تي هڻي سنڱ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو مطلب محبت يا پسند جي جنوني شڪل اختيار ڪندو آهي
    ٻيو اهم سبب اهو آهي ته جيڪي به هن ڇوڪرين سان راتيون گذاريون محبتن جو ڳالهيون ڪيون اهي ڳالهيون ۽ اهي منظر هو پنهنجي ڀيڻ زال جا ڪنهن غير مرد سان ڏسندو آهي ڀلي ان ڳالھ ۾ ڪا به صداقت نه به هجي اهي منظر ڏسڻ کان پوء هو جذباتي ٿي قتل ڪري وجهندو آهي
    نوٽ هتي نفسياتي پهلو کان جائزو ورتو ويو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو