حال منهنجو پُڇي منهنجا ڳوڙها اُگھي،
ڪو ته اهڙو هُجي، ڪو ته اهڙو هُجي..
ميڙ ماڻهن جي ۾، ڪنهن ڪچهري اندر،
ڪو ته پنهنجو لڳي، ڪوته اهڙو هُجي.
زندگيءَ جو سفر ڪيئن اڪيلو ڪيان،
ڪو ته مونسان هلي ، ڪوته اهڙو هُجي.
ايڏو رُلندو نه ڪر، ايڏو روئندو نه ڪر،
ڪوئي مونکي چوي، ڪو ته اهڙو هُجي.
ٻول :
آواز : فوزيه سومرو