ٻول : توکان ٿيندي ڌار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري (صادق فقير)

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


توکان پوءِ منهنجا پِرين، جھُڙ ٿيا جھاٽي،
پُڇ نه ڪيئن ساٿِي، من مُنجھي راتِڙي..

__
توکان ٿيندين ڌار،
کلندي کلندي يار،
لُڙڪ لڙي پيا لار ڪري.

پاڻيءَ تي ڄڻ لِيڪا هُئا،
تُنهنجا قول قرار...

تنهنجي پويان ڪير اسانجِي،
سُپرين لهندو سار..

رات کُٽِي ۽ باکَ ڦُٽِي پَئي،
جنهن پل ڇوڙيئي وار..



وائِي : اياز گُل
آواز : صادق فقير

 
Back
Top