• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : اڙي چنڊ اڙي چنڊ پرين تو ته ڏٺو ناهي (سرمد سنڌي)

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


سڄڻ ائين مَ جُڳاءِ جيئن ماڳهين مُور نه پُڇئين،
هڪ رَتِي رَت نه نِڪري ٻيو سِڪ تنهنجي ساءِ،
اسان ته تُنهن لاءِ پَرَ ۾ پُڇائون پئي ڪيون.

_
اڙي چنڊ اڙي چنڊ پرين تو ته ڏٺو ناهي،
سندس روپ سندس رنگ ائين آهي جيئن تون،
اڙي چنڊ اڙي چنڊ....

اڙي رات اڙِي رات پِرين تو ته ڏٺو ناهي،
سندس وار سندس وَنگ ائين آهي جيئن تون،
اڙي چنڊ اڙي چنڊ...

اڙي گل اڙي گل پرين تو ته ڏٺو ناهي،
سندس ساٿُ سندس سنگ ائين آهي جيئن تون.
اڙي چنڊ اڙي چنڊ...

اڙي نانگ اڙي نانگ پرين تو ته ڏٺو ناهي،
سندس راھ سندس رنگُ ائين آهي جيئن تون.
اڙي چنڊ اڙي چنڊ...



ٻول : شيخ اياز
آواز : سرمد سنڌي

 
Back
Top