منصور سيتائي
سينيئر رڪن
غزل
منصور سيتائي
اکڙين ۾ آلاڻ اهائي ساڳي آ،
تنهائي مون ساڻ اهائي ساڳي آ
ڪو به انا جي اوچائيءَ تان ڪو نه لٿو،
رشتن ۾ ڇڪتاڻ اهائي ساڳي آ
تنهنجو نانءُ ٻڌڻ سان ڌڙڪن تيز ٿئي،
چاهت تنهنجي ڪاڻ اهائي ساڳي آ
بڙ جي ڇانوَ، نَديءَ ۾ ٻيڙيءَ جو منظر،
ڳوٺن ۾ چانڊاڻ اهائي ساڳي آ
تنهنجي ڀاڪر بوسي کي مدت ٿي پر،
ساهن ۾ سرهاڻ اهائي ساڳي آ
جا” منصور“ هئي ون يونٽ وقت ڪڏهن،
حالت ٻوليءَ ساڻ اهائي ساڳي آ۔
منصور سيتائي
اکڙين ۾ آلاڻ اهائي ساڳي آ،
تنهائي مون ساڻ اهائي ساڳي آ
ڪو به انا جي اوچائيءَ تان ڪو نه لٿو،
رشتن ۾ ڇڪتاڻ اهائي ساڳي آ
تنهنجو نانءُ ٻڌڻ سان ڌڙڪن تيز ٿئي،
چاهت تنهنجي ڪاڻ اهائي ساڳي آ
بڙ جي ڇانوَ، نَديءَ ۾ ٻيڙيءَ جو منظر،
ڳوٺن ۾ چانڊاڻ اهائي ساڳي آ
تنهنجي ڀاڪر بوسي کي مدت ٿي پر،
ساهن ۾ سرهاڻ اهائي ساڳي آ
جا” منصور“ هئي ون يونٽ وقت ڪڏهن،
حالت ٻوليءَ ساڻ اهائي ساڳي آ۔