سچ جو ساٿاري، عظيم فلسفي سقراط (Socrates) 469-ق.م سنڌيڪار: منظور سولنگي فلسفي جي تاريخ ۾ هڪ فلاسفر/ فلسفي اهڙو به گذريو آهي، جنھن دل کولي ڳالهايو پر ڪاغذ تي هڪ حرف به نه لکيو. هزارن سالن کان هن جو ذڪر فلسفي جي هر شھپاري جي زينت بڻيل آهي. چيو وڃي ٿو ته يونان هن کان وڏو ڪو ماڻهو پيدا نه ڪيو آهي، جنھن جو نالو عظيم فلسفي سقراط (Socrates) آهي ۽ اهڙو وري سعادتمند شاگرد ڪنھن کي نه مليو جھڙو سقراط کي ۽ اهڙو شاگرد وري دنيا ۾ هڪ ئي آهي، جنھن پنھنجي استاد جي هڪ هڪ حرف کي لکي ڪري استاد کي زنده ۽ جاويد بڻايو ۽ پاڻ به ناموري حاصل ڪيائين ۽ فلسفي جو اهم ترين رڪن بڻجي ڪري ڪالهه به زنده هو ۽ اڄ به زنده آهي. ان جو نالو افلاطون (Plato-Aflatun) هو، جو سقراط جو شاگرد هو. سقراط 469 ق.م ۾يونان جي سڀ کان ترقي يافته رياست اٿينز ۾ پيدا ٿيو. ان اٿينز ۾ جتان جا ماڻهو پنھنجو پاڻ کي ذهانت جو دوڪاندار (shopkeeper of wisdom) چوندا هئا، اٿينز جو هي سونهري دور هو ۽ فلسفه، فنون لطيفه، علم و حڪمت پنھنجي عروج تي هئي. اهڙي سنھري طور ۾ سقراط هڪ سنگتراش جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ماءُ دائي هئي، سقراط وڏي پرمزاج انداز ۾ چوندو هو، ته ”مان پنھنجي ماءُ جو ڪاروبار سنڀاليو آهي“، هو پنھنجو پاڻ کي فڪر و فھم جي دائي چوندو هو. سقراط ڪنھن اڪيڊمي ۾ تعليم حاصل نه ڪئي (يعني گوڏو ڀڃي ڪنھن به اداري ۾ تعليم حاصل نه ڪئي) نه ان جو ڪو استاد هو، هو خود شين کي ڏسندو رهيو، انجي ذهن ۾ سوال اڀرندا رهيا. هو ماڻهن کان ان جا جواب پڇندو رهيو. سوال کان سوال ڪندو رهيو ۽ ان جستجو ۽ تلاش ۾ هن کي سندس منزل ملي وئي. هن جي ذهن ۾ شروع کان ئي هرهڪ شي جي پيدا ٿيڻ جو سبب هن جي ابتدا ۽ انتھا ڄاڻڻ جي لگن پيدا ٿي چڪي هئي. ڪائنات ڇا آهي؟ هي ڪائنات ڪيئن ٺھي؟ ان کي ٺاهڻ وارو ڪير هو؟ اسان ڪيئن سوچون ٿا؟ ڇا سوچڻ جي ساري صلاحيت، خون، هوا ۽ باهه ۾ آهي؟ وغيره وغيره. هي سوالات ”اينڪسا ڪورس“ به پڇيا هئا، جنھن جو چوڻ هي هو ته ساري ڪائنات عقل ڪل بنائي آهي. پوءِ سقراط، اينڪس ڪورس کي پڙهڻ شروع ڪيو. بعد ۾ اختلاف ڪرڻ لڳو. سقراط جو هي چوڻ هو ته، هن ساري ڪائنات کي عقل ڪل جي تخليق قرار ڏئي ٿو. پر پوءِ وري ڪائنات کي...... ايٿر ۽ هوا جي تخليق قرار ڏئي ٿو ۽ عقل ڪل کان منحرف ٿي وڃي ٿو. سقراط جو هي چوڻ هو ته عقل ڪل ئي سبب آهي، تخليق ڪائنات جو ۽ عقل ڪل مان مراد خدا (God) جي ذاتِ پاڪ آهي. سقراط پھريون يوناني فلاسفر هو جنھن خدا جي هڪ هجڻ جو تصور ڏنو. (To, T1) هڪ يوناني لفظ آهي، جنھن جو مطلب آهي ”هي ڇا آهي“ بس اِها ئي اُها چاٻي هئي جنھن سان سقراط شين جي اصليت جو تالو کوليو ۽ پنھنجي منزل ماڻيائين ۽ فلسفي جو بنياد رکيو. اهو بنياد جنھن تي حال جديد ۽ اچڻ مستقبل واري فلسفي ۽ فڪر جي عمارت بيٺل آهي. سقراط سوال ڪيو، دلائل ڏنا ۽ انسانن کي روشني جي طرف وٺي ويو. (اوندهه کان روشني طرف، جھالت کان علم طرف، گھرائي کان اوچائيءَ طرف). سسرو (Cicero) هن جي باري ۾ ٺيڪ ئي چيو آهي ”He brought philosophy down from Heaven to Earth“ (هي سقراط ئي هيو جو فلسفي کي آسمان کان زمين تي کڻي آيو). هن مان مراد شايد هي آهي ته سقراط پنھنجي خيالن جي حمايت ۾ جيڪي دلائل ڏنا، جيڪي مثالَ ڏنا، اهي سڀ جو سڀ زميني هيون ۽ اوسي پاسي جي زندگيءَ سان ان جو تعلق هو. اهي نظر اچن ٿيون، تنھنڪري جيڪا شئ سامهون هجي، جيڪا نظر اچي ان تي يقين ڪرڻ ۾ عقل کي الجهن جو شڪار نه ٿيڻو پوي ٿو. اهو ئي سبب هو جو سقراط جي چوگرد هن کي چاهڻ وارن نوجوانن جو هڪ حلقو جمع ٿي ويو ۽ اهو ئي ڪارڻ هن جي موت (Death) جو سبب بڻي ۽ ان ساري اٿينز جي مخالفت کي منھن ڏيڻو پيو. سقراط نوجواني ۾ ٽن جنگين ۾ حصو ورتو. يونان ۾ هڪ قانون هي به هو ته هر ماڻهو کي هڪ خاص عمر کانپوءِ فوج ۾ شامل ٿيڻو پوندو هو. پوءِ سقراط ان قانون موجب فوج م ڀرتي ٿيو ۽ جنگ ۾ بھادريءَ جا جوهر ڏيکاريا، ۽ پنھنجي ساٿين جي جان بچايائين. هڪ جنگ ۾ جڏهن سڀ فوجي شڪست کائڻ کان پوءِ واپس پنھنجي گهرن ڏانھن ڊوڙي رهيا هئا، ان وقت به سقراط پنھنجي جاءِ تي ڄميو بيٺو رهيو. ان جي هڪ ساٿي واپس اٿينز اچي سڀني ماڻهن کي ٻڌايو ته جي اسان جو هر فوجي سقراط جھڙو هجي ها ته اسان کي جنگ ۾ شڪست جو منھن ڏسڻو نه پوي ها ۽ اسان جي ڇانوڻي تباهه و برباد نه ٿئي ها. سقراط صرف ٽن جنگين ۾ حصو ورتو، چوٿين ۾ اهو شامل نه ٿيو ۽ پنھنجي حڪمرانن کي چيائين، ”منھنجو علم ڪيئن مون کي ٻڌائي ٿو ته، هن جنگ ۾ اسان کي وڏي شڪست ملندي.“سقراط جي ان پيشنگوئي کي حڪمرانن مذاق سمجهيو ۽ يقين نه ڪيائون ۽ پوءِ اهو ٿيو، يعني يونانين کي وڏي شڪست کي منھن ڏيڻو پئجي ويو ۽ گهڻو نقصان به کڻڻو پيو. انهن جنگين سان يونانين کي ڪو فائدو پيو يا نه، پر سقراط کي سڌو رستو ملي ويو. ان جي هڪ ساٿي جو چوڻ آهي ته هڪ رات جنگ جي ميدان ۾ جڏهن سڀ سمهي رهيا هئا، تڏهن سقراط مشرق جي طرف منھن ڪري پوري رات هڪ ٽنگ تي بيٺو رهيو، جڏهن سج نڪتو ته هن ڊگهو ساهه کنيو ۽ چوڻ لڳو،”مون هن کي ڳولي لڌو“ شايد هن عقل ڪل کي ڳولي ورتو هو ۽ پوءِ سقراط اٿينز جي گهٽين ۽ بازارن ۾ خيالات جو پرچار شروع ڪري ڇڏيو. سقراط جي حلقه احباب ۾ گهڻي ڀاڱي نوجوان شامل هئا. اگاٽن السي، هائي ڊبز، افلاطون ان ۾ نمايان هو. انهن سڀني ۾ افلاطون کي امتيازي حيثيت حاصل هئي. افلاطون ۽ سقراط جو ملڻ هڪ معجزو هو. افلاطون ۽ سقراط ٻئي ڪافي عرصي هڪٻئي کان پري پري رهيا. افلاطون پھلواني ڪندو رهيو، ڊراما لکندو رهيو ۽ دوستن سان کِلَ ڀوڳ ڪندو رهيو. جڏهن ٻئي طرف سقراط جنگي جوڌو بنجي دارِ شجاعت ڏيندو رهيو، جڏهن هو جنگ کان واپس آيو ته مھيني تائين مسلسل هڪ خواب ڏسندو رهيو، خواب هو ته، ”هڪ سنھري پرن وارو پکي هڪ مخصوص گانو ڳائيندي هن جي چؤگرد چڪر ڏيندو ٿي رهيو، هن جي چھنب ۾ هڪ گلن جو هار هو، هو گيت ڳائيندي سقراط جي ڳلي ۾ وجهي غائب ٿي وڃي ٿو.“ سقراط کي هي خواب مسلسل پريشانيءَ ۾ وجهي رهيو هو، هڪ ڏينھن هو اٿينز جي هڪ بازار مان گذري رهيو هو ته سامھون هڪ خوبصورت نوجوان ايندو نظر آيو، جيڪو ساڳيو ئي گيت ڳائي رهيو هو، جو پکي خواب ۾ ڳائي رهيو هو. سقراط هن جي طرف وڌيو ۽ ان کي گلي سان لڳايائين. ٻنهي جي هي ملاقات لافاني رشتي ۾ تبديل ٿي وئي. هن نوجوان جو نالو ”افلاطون“ هو، جيڪو استاد جون ڳالهيون ٻڌي امر ٿي ويو ۽ استاد جون ڳالهيون لکي ڪري استاد کي امر ڪري ڇڏيو. سقراط ٻه شاديون ڪيون، پھرين خاتون جو تعلق معزز خاندان سان هو؛ جنھن جي اٿينز ۾ وڏي حيثيت هئي. ان خاتون جو نالو ميرٽو (Myrto) هو. اٿينز ۾ هڪ دفعي پليگ جي وبا پکڙي، ميرٽو ان جو شڪار ٿي مري وئي. سقراط ٻي شادي پنجاهه سال جي عمر ۾ ڪئي ۽ ان عورت جي سقراط جي زندگيءَ ۾ ڪافي اهميت آهي. چون ٿا ته هو وڏي سخت مزاج ۽ غصي وارو ۽ جهيڙيلو هئي. سقراط سان واقفيت رکندڙ سڀئي چون ٿا ته، هن سقراط سان سڌي مـنـھـن ڪـڏهـن به نه ڳـالـهـايـو ۽ سـقــراط ان جـي ڳـالـهين جو جواب هميشه کلي ڏيندو هو. ان خاتون جو نالو زينٿپي (Xanthippe) هو، هن سقراط جي جهوليءَ ۾ ٽي عدد ٻار ۽ بي شمار گاريون ..... وڌيون. هڪ دفعي سقراط جي ساٿي زينسٽس ٿينز (Zntisthenes) هن کان پڇيو، ”استاد تنھنجي گهر واري تيز مزاج ۽ جهڳڙيلو عورت آهي، ان سان ڪيئن گذارو ٿيندو آهي؟“ سقراط کلي ڪري جواب ڏنو،”مان ان سان گڏ ماڻهن کي سڌارڻ جي ترتيب حاصل ڪري رهيو آهيان. جي مان ان کي سڌي رستي تي آڻي سگهيس ته پوءِ پوري دنيا کي سڌي رستي تي آڻي سگهندس.“ هڪ ڀيري ان زين ٽپي جي باري ۾ چيو هو،”مان سرڪش گهوڙي تي سواري ڪري رهيو آهيان، جو زين ٽپي سان گذارو ڪري سگهي ٿو، اهو دنيا ۾ سڀ سان نباهه ڪري سگهي ٿو.“ سقراط جڏهن ماڻهن کان سوالن جو سلسلو شروع ڪيو ۽ انهن کي غلطين کان آگاهه ڪيو ته يوناني ان جي خلاف ٿي ويا. سقراط حڪومت ۽ انتظاميه تي تنقيد ڪئي ته سڀئي اعلى آفيسر ان جي خلاف ٿي ويا. ڏسندي ڏسندي اٿينز جي ڪافي آبادي هن تي اعتراض وارڻ لڳا. ان سڀني ۾ پيش پيش ان جي دور جو سڀ کان وڏو ڪاميڊي لکڻ وارو ارسٽو فينز (Aristophenes) هو. هن جي جملن جي ڪاٽ تمام تيز هئي. هو طنز و مزاح جو تمام وڏو لکاري هو، هن جو تحريرون اڄ به وڏي چاهه سان پڙهيون وڃن ٿيون. هو سقراط جي تمام گهڻي مذاق ڪندو هو هن سقراط کي ڪردار بڻائي ڊرامو لکيو ۽ سقراط جي نظريات ۽ طرز استقلال جو کلي ڪري مذاق اڏايو. هن جا ٻه ڊراما (Clouds) ۽ (Frogs) تمام گهڻا مشھور آهن. سقراط معمولي شڪل و صورت جو مالڪ هو، بلڪه ايئن چوڻ بھتر ٿيندو ته ان جي بدصورتي ۾ دنيا جو سمورو حسن شامل هو. اٿينز جا ماڻهو ظاهري طور خوبصورتي جا قائل هئا. پر سقراط جسماني لحاظ کان بيڊولو هو، هن جا دوست کيس ”ڏيڏر“ چئي سڏيندا هئا ۽ پوري اٿينز ۾ فراگ فيس (Frog Face) جي نالي سان مشھور هو. سقراط انهن کي هي سمجهائيندو رهيو ته، ”مان ظاهر ۾ نه سھي پر اندر ۾ خوبصورت آهيان. جي منھنجو ڪنڌ منھنجي ڪلهن ۾ دسيل آهي، منھنجي ڏاڙهي بي ترتيب آهي، نڪ چٿيل آهي، پيشاني ننڍي آهي، پر ان ۾ منھنجو ڪو قصور نه آهي، ڇو ته مون کي ديوتائن ٺاهيو آهي ۽ ديوتائن جي اها ئي مرضي هئي.“ انهن ظاهري بدصورتين باوجود هن کان سٺو، نيڪ ۽ ذهين ماڻهو پوري اٿينز ۾ نه هو. ان جي دوستن جو چوڻ هو ته، سقراط کان وڌ نيڪ، شريف،عالم ۽ متوازن فڪر لکڻ وارو ٻيو ماڻهو انهن پوري دنيا ۾ نه ڏٺو آهي. هن جي اندر ۾ سچائي هئي، هن ڪنھن کي تڪليف نه ڏني، پر ٻين جون تڪليفون خود برداشت ڪيون. ايتري تائين جو جڏهن هن کي زهر جو پيالو ڏنو ويو ته پيالي ڏيڻ واري جي طرف سقراط ڏسي ڪري چيو،”تون دنيا جو شريف ترين ۽ نيڪ ترين ماڻهو آهين.“ ۽ اهو ماڻهو ڀت سان ٽيڪ ڏئي زار و قطار روئڻ لڳو. سقراط جن نظرين کي اٿينز جي ماڻهن ۾ عام ڪيو اهي نظريا اٿينز وارن کي قبول نه هيا. سقراط جڏهن به ڪنھن سان بحث ڪندو هو، ان کي پنھنجن نظرين ٻڌائڻ جي دعوت ڏيندو هو، پوءِ دلائل ڏئي ڪري انهن جي نظرين کي غلط ثابت ڪندو هو ته اهي سقراط جي خلاف ٿي ويندا هئا. پوءِ جلد ئي سارو اٿينز ان جي خلاف ٿي ويو. سقراط جي باري ۾ انهن جي شاگردن جي وچ ۾ ڳالهه مشھور ٿي هئي ته، هڪ غيبي آواز هن جي رهنمائي ڪري ٿو، سقراط چوندو هو ته جڏهن به ڪو غلط ڪم مون کان سرزد ٿيڻ لڳندو هو ته غيبي آواز ان کي روڪي ڇڏيندو هو. اهو يئ غيبي آواز هو جنھن مون کي سياست ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو. جڏهن مون کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو ۽ پنھنجي خلاف لڳل الزامن جي باري ۾ ڪجهه چوڻو هو ته، غيبي آواز مون کي عدالت وڃڻ کان روڪيو، نه مون کي تقرير ڪرڻ کان روڪيو. ان جو مطلب هي آهي ته، مان جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهيان، ان ۾ منھنجي ڀلائي آهي. غيبي آواز هن جي شاگردن جي انتخاب ۾ به سندس رهنمائي ڪئي ۽ اهڙن شاگردن کي پنھنجي حلقه احباب ۾ شامل ڪرڻ کان روڪيو جيڪي اهل نه هيا ۽ پوءِ غيبي آواز هن کي پنھنجو ويچار عام جي آڏو ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو ۽ پنھنجي نفس جي اصلاح جو مشورو ڏنو، ۽ واضع لفظن ۾ چيو ته ”روح جي پاڪيزگي ئي اصل حيات آهي“. هن صاف لفظن ۾ واضع ڪيو ته هر حڪم مون کي غيبي آواز ڏنو آهي جو منھنجي ويجهو خدا جو درجو رکي ٿو ۽ پوءِ مختصر لفظن ۾ اها ڳالهه سمجهائي. ”چاهي پوڙهو هجي يا جوان، پنھنجي مال و جسم کي اولين قرار نه ڏئي پر روح ۽ نفس جي پاڪيزگي پھريون مقام ڏي.“ ۽ پوءِ سقراط، نيڪي، بدي، ذلت، برائي، انصاف، ظلم، ضبط نفس، بھادري، بزدلي، سياحت، سياستدان ۽ سياسي قيادت جي باري ۾ ڀرپور لفظن ۾ هي ڳالهه سمجهائي. سقراط جي هڪ دوست زينوفان، سقراط جي هن پھلو جي طرف اشارو ڪندي چيو هو، ”سقراط هميشه محبت جي زبان استعمال ڪندو هو. ان جي نظر ڪڏهن به انصاف جي ظاهري خوبصورتي تي نه هئي. هو هميشه عقلي خوبصورتي کي عزيز رکندو هو ۽ اخلاقي تعليم هميشه هن جي پيشِ نظر هوندي هئي. افلاطون جي مشھور زمانه ڪتاب ”رياست“ ۾سقراط جي انهن ئي خيالات جي تشريح ڪئي آهي، هن تي اچڻ وارن ڏيھن ۾ نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ جو الزام لڳو، پر هن ڪڏهن به نوجوانن کي گمراهي جي رستي تي نه آندو، بلڪه هميشه هي درس ڏيندو رهيو. ”اهي جيڪي بدصورت آهن، بدصورتي کي پنھنجي نيڪين کان دور رکن ۽ جي خوبصورت آهن هو پنھنجي خوبصورتي تي برائين جا داغ نه وجهڻ ڏين.“ سياست تي هن جا اعتراضات مدلل هئا. حڪومت کي صحيح رستي تي هلائڻ جو فارمولو اڄ به ان جي بنايل اصولن تي ڪاميابي ان روان دوان آهي. سقراط سياست ۽ سياسي قيادت کي صاف صاف ٻڌايو، ”جڏهن اسيمبليءَ جو اجلاس ٿئي ٿو ۽ ات تعمير ۽ جھاز راني جي مسئلن تي بحث ٿيندو آهي ته، انهن مسئلن جي حل لاءِ انهن کي طلب ڪيو ويندو آهي، جيڪي تعمير ۽ جھاز رانيءَ جي باري ۾ علم رکن ٿا، پر جڏهن حڪومت هلائڻ جو مرحلو اچي ٿو ته هر ان شخص کي گهرايو وڃي ٿو، جو اهل نه هوندو آهي. حڪومت جو ڪم ان کي سونپيو وڃي ٿو جيڪو حڪومتي ۽ رياستي امور جي باري ۾ ڪجهه نه ڄاڻندو آهي ۽ پوءِ رياست جو زوال شروع ٿي وڃي ٿو. اها ئي ڳالهه اڳتي هلي اسيمبلي ميمبرن جي باري ۾به چئي. سقراط چوي ٿو،”اسيمبلي احمقن، معذورن، لوهارن، دوڪاندارن، منافع خورن تي مشتمل آهي، جيڪي هر وقت هي سوچيندا رهن ٿا ته ڪيئن سستي شئي مھانگي اگهه ۾ وڪڻي منافعو ڪمايو وڃي. هي اهڙا ماڻهو آهن جن ڪڏهن به عوام جي مسئلن جي باري ۾ هڪ دفعو به نه سوچيو هوندو.“ (هي ڳالهه ڌيان ۾ رهي ته سقراط جي زماني ۾ اٿينز شھر جا دوڪاندار، تاجر ۽ مختلف ڪاريگر اسيمبلي جا ميمبر هوندا هئا ۽ جڏهن اجلاس ٿيندو هو ته پوري شھر جا دوڪان ۽ بازار بند ٿي ويندا هئا.) اٿينز جي انتظاميه سقراط جي ان ڳالهين کي پنھنجي توهين تصور ڪيو ۽ سقراط جي لاءِ سازشن جو هڪ منظم منصوبو تيار ڪيو. هن جي دوستن کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. مشھور ڊرامه نگار ”يوري پيڊيز“ سقراط جو تمام ويجهو ۽ عزيز دوست هو، اهو به سقراط جيان آسماني ديوتائن جي خلاف هو. هن سقراط جي پيروي ڪندي چيو ته آسماني ديوتا جيڪڏهن برائي ڪرڻ جا مرتڪب ٿين ٿا ته پوءِ هو انهن کي ديوتا تسليم نه ٿو ڪري. هن هڪ ڊرامو ٽروجن وومين (Trojan Women) لکيو، جنھن۾ يونان جي فوجن کي هڪ لڙائيءَ ۾ عورتن ڪراڙن ۽ ٻارن تي ظلم ڪندي انهن کي زنجير پارائيندي ڏيکاريو ويو هو. انتظاميه هن کي اٿينز ۾ ڊرامو اسٽيج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، ڇو ته ان ۾ يونان جي فوجين تي وڏي تنقيد ڪيل هئي. تنھن تي يوري پيڊيز چيو ته،”ڊرامو هر حالت ۾ اسٽيج ڪيو ويندو. پوءِ جت اٿينز جي رياست جي سرحد ختم ٿي، ان کان اڳي اٿينز جو قانون بيسود هو، اتي هن وڃي ڊرامو اسٽيج ڪيو، لطف جي ڳالهه هي آهي ته ڊرامي ڏسڻ وارن ۾ صرف هڪ ماڻهو هو، سو هو سقراط. اٿينز جي ماڻهن کي سقراط تي سڀ کان پھرين هي اعتراض هو ته ان نوجوانن جو اخلاق بگاڙي ڇڏيو آهي، سقراط جا مداح گهڻي ڀاڱي نوجوان ڇوڪرا هئا، سقراط کُلي ڪري مذهبي، ديوتائن تي تنقيد ڪئي، هڪ خدا جو تصور پيش ڪيو. سو اٿينز جي ماڻهن کي برو لڳو. اٿينز جي روايتي ديوتائن تي اعتراض سقراط جي عادت هئي ۽ اهو هن عادت کي بدلي نه سگهيو. اسيمبلي جي فيصلن تي هن کلي ڪري جرح ڪئي، ۽ انهن قانونن کي للڪاريو جيڪي انساني حقن جا قاتل هئا. حڪومت ۽ حڪومت سان لاڳاپيل ماڻهو ان جي خلاف ٿي ويا ۽ سقراط کي عدالت ۾ گهرايو ويو، مقدمو هن عھد جي هڪ شاعر ميلي ٽس ڪيو هو. سقراط تي الزامات هي هيا ته هو ديوتائن ۽ مذهبي رسمن جي تذليل ڪري ٿو ۽ نئين نسل جي اخلاق کي بگاڙي رهيو آهي. سقراط جو مقدمو ٻڌڻ جي لاءِ پنج سئو هڪ ميمبرن جي جيوري ٺاهي وئي. سمورو اٿينز هي مقدمو ٻڌڻ لاءِ عدالت ۾ آيو. ٻيا ته ٺهيو پر سقراط جي گهرواري زينـٿپي به آئي. سا به ان جي خيالن سان متفق نه هئي ۽ اڪثر هي چوندي هئي،”سقراط جڏهن به گهر اچي ٿو ته سودو سلف وٺي نه ايندو اهي، بلڪه بدنامي کڻي اچي ٿو.“ عدالت ۾ سقراط کلي ڪري وڏي سڪون سان پنھنجي مٿان لڳل الزامن کي رد ڪيو. ان جي خلاف ڳالهائڻ وارا سڀ جا سڀ ڪوڙا ۽ لاعلم هئا ۽ سقراط ان جي ڪوڙ کي عدالت ۾ بي نقاب ڪيو. سقراط عدالت ۾ صاف صاف چيو ته،”مان روئي ۽ ايلاز منٿ ڪري پنھنجي خلاف لڳل الزامن جي تفصيل نه ڏيندس. مان مردانگي ۽ همٿ جي خلاف ڪابه حرڪت نه ڪندس. مان نه موت کان ڊڄان ٿو ۽ نه مرڻ کان، منھنجي لاءِ موت زندگيءَ جو خاتمو نه پر هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين منتقليءَ جو نالو آهي. (موت زندگيءَ جي شروعات آهي) هاڻ جلدي ماڻهن کي هي احساس ٿيندو ته انهن هڪ داناءَ،عقلمند ۽ ذهين شخص کي موت جي حوالي ڪري ڇڏيو. سقراط عدالت ۾ چيو ته،”وقت تما گهٽ آهي، هن ٿورڙي عرصي ۾ ڪوڙ جي هن ڀَري (ڳٺڙي) جو جواب نـٿو ڏئي سگهجي جيڪي منھنجي مٿان ٿڦيا ويا آهن. مان اڳلي جھان ديوتائن ڏانھن هن اميد سان وڃي رهيو آهيان ته مون کي اُتي انصاف ملندو، جو هتان نه مليو آهي.“ سقراط جيڪي تعليمات اٿينز جي گهٽين ۾ ڏيندو رهندو هو، يا عدالت ۾ هن جو اهو بيان ان الزامن کي رد ڪرڻ لاءِ ڏنو هو، جيڪي هن جي مٿان لڳايا ويا هئا يا جيل ۾، دوستن ۽ شاگردن سان هن جي گفتگو هي سڀ ڪجهه لافاني لفظن ۾ ڪيل ڳالهيون آهن. سقراط عدالت ۾ صاف صاف چيو ته، هي سڀ الزام بي بنياد آهن. مان سچيون ڳالهيون ڪريان ٿو ۽ اهو سچ مون کي غيبي طاقت عطا ڪيو آهي. مان انهن شين جي اصليت جي تلاش ۾ رهندو آهيان جيڪي آسمانن جي مٿان ۽ زمين جي هيٺان آهن. اها ئي ڳالهه مان ٻين کي سيکاريان ٿو. مان ڪنھن کي سيکارڻ جو ڪوبه معاوضو نه ٿو وٺان. هونئن به مان ڪنھن کي ڪھڙي تعليم ڏئي سگهان ٿو. مون کي ته ڪجهه به نٿو اچي. سقراط بار بار عدالت ۾ چيو، هڪ سلسلي ۾ مان ٻين کان وڌيڪ عقلمند آهيان. ٻيا ڄاڻڻ جي دعوى ڪن ٿا، جڏهن ته مان ڪجهه به نٿو ڄاڻان، پر مان ڄاڻان ٿو ته مان ڪجهه به نه ٿو ڄاڻان. سقراط عدالت ۾ حقيقتن جي تلاش جي ڪھاڻي بيان ڪئي ۽ چيوته ”حقيقت ۾ مونکي تمام گهڻيون مصيبتون سَھڻيون پيون. مان سياستدانن، الميه نگارن ۽ شاعرن وٽ ويس، شاعرن ۽ ڊرامه نگارن کان مان انهن جي تخليقات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته خود انهن کي به هي پتو نه هو ته انهن ڇا لکيو آهي؟ جڏهن مون انهن کي انهن جي ڪمزوري جو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو منھنجي خلاف ٿي ويا. مان واري واري سان سڀني ماڻهن کان ان جي ڪم جي باري ۾ پڇيو پر هو نه پيا ڄاڻن ته هو ڇا ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح سڀئي ماڻهو منھنجي خلاف ٿي ويا.“ سقراط هڪ مدلل تقرير ڪئي، دلائل ڏنا. پر عدالت تي ڪوبه اثر نه پيو ۽ ڪثرت راءِ سان سزاءِ موت تجويز ٿيو. سقراط فيصلو ٻڌو ۽ کلي چيو ته، ”اي اٿينز جا ماڻهو! هاڻ توهان کي گهڻو انتظار به نه ڪرڻو پوندو ۽ ڪجهه ڏينھن کان پوءِ توهان کي احساس ٿيندو ته، توهان هڪ عقلمند ماڻهوءَ کي موت جي حوالي ڪري ڇڏيو.“ ۽ پوءِ سقراط کلي ڪري جيوري جي ميمبرن ڏانھن ڏٺو ۽ چوڻ لڳو، ”هاڻي موڪلائڻ جو وقت ويجهو اچي چڪو آهي، اسان پنھنجي پنھنجي رستن تي وڃي رهيا آهيون. مان موت جي طرف ۽ توهان زندگيءَ جي رستي ڪھڙو رستو سٺو آهي، اهو اوهان ڄاڻو ٿا ۽ نه مان. ڄاڻڻ وارو صرف خدا جي ذات آهي.“ سقراط تي هڪ الزام هي به هو ته، هي خوبصورت ڇوڪرن سان جسماني تعلقات قائم ڪري ٿو. هي به دشمنن جو ان مٿان وڏو وارُ هو، در اصل يونان ۾ ڇوڪرن سان عشق ڪرڻ جي وبا عام هئا. ”ڊيما ميٿنز“ هڪ دفعي چيو هو، ”مسرت جي لاءِ اسان وٽ خوبصورت ڇوڪرا، جسماني خواهشن جي لاءِ طوائفون ۽ ٻار پيدا ڪرڻ جي لاءِ زالون موجود آهن.“ پر سقراط جي ڇوڪرن جي باري ۾ راءِ مختلف هئي. السي بائيڊيز جو هڪ خوبصورت ۽ حسين هو، جو هر وقت سقراط سان رهندو هو. ماڻهن جڏهن سقراط تي اعتراض اٿاريا ته هن چيو، ”مان هن کي هر وقت پاڻ سان ان ڪري رکندو آهيان ته هي منھنجي صحبت ۾ سٺو انسان بڻجي.“ عدالت ۾ ماڻهو سقراط جون ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا، جيوري جي پنج سئو هڪ (501) ميمبران جي ذهنن ۾ فيصلو موجود هو. سقراط انهن ماڻهن کان پڇيو به ته مون کي ٻڌايو ته ميلي ٽس کي منھنجي خلاف مقدمو دائر ڪرڻ جي چرچ ڪنھن ڏني، پوءِ هن ماڻهن کي چيو ته هڪ داناء ۽ عقلمند ماڻهوءَ تي هي الزام نٿا لڳائي سگهجن. مان داناءُ ۽ عقلمند آهيان. هي ڳالهه مان نه پر غيبي طاقت چوي ٿي. سقراط پنھنجي اها ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ پنھنجي زندگي جو هڪ واقعو ٻڌايو. هن چيو ته هڪ ڀيري مان ڊيلفي جي عبادت خاني ۾ ويو هيس ۽ وڏي همت، بھادري ۽ عاجزيءَ سان پڇيو هيم ته،”ڇا پوري اٿينز ۾ ڪوئي مون کان زياده عقلمند شخص موجود آهي؟“ پوڄارڻ جواب ڏنو ته، ”نه اٿينز ۾ توکان وڌيڪ ٻيو ڪوبه شخص عقلمند نه آهي، تون سڀ کان وڌيڪ عقلمند آهين.“ پوءِ سقراط چيو ته، ”منھنجو گواهه شيف دان آهي، هو مري ويو آهي پر ان جو ڀاءُ عدالت ۾ موجود آهي. هو گواهي ڏئي سگهي ٿو، ڇو ته هو مون سان گڏ هو. مان حاسدن ۽ ڪم عقل ماڻهن ۾ گهيرجي ويو آهيان، جيڪي منھنجي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهن. سقراط تمام گهڻا دليل ڏنا پر ڪوڙ سچ جي دليلن کي نه ٻڌو ۽ سقراط کي زهر جو پيالو پيئڻ جي سزا ڏني وئي. جيل ۾ روزانو سقراط جا دوست کيس ملڻ ايندا هئا، هو سقراط جون ڳالهيون ٻڌندا هئا، جنھن ۾ نيڪي، خير، زندگي ۽ موت تي روشني وڌي ويندي هئي. سقراط موت کان بلڪل خائف نه هو. هن جو چوڻ هو ته موت منھنجو جسم ته فنا ڪري سگهي ٿو، پر منھنجي روح کي ماري نه ٿو سگهجي، جيڪو اڳيئي سفر تي روانو ٿي ويو آهي.“ موت راهِه زنده ڪا وقفه هي، يعني آگي چلين گي دم ليڪر. سقراط جي دوستن جيلر سان سازباز ڪئي ۽ ان کي هن ڳالهه تي راضي ڪري ورتو، ته هو سقراط کي جيل مان فرار ٿيڻ ۾ مدد ڪري ۽ پوءِ سقراط ڪنھن ٻي رياست ۾ هليو ويندو، جتي اٿينز جو قانون لاڳو نٿو ٿئي ۽ اهڙي طرح سقراط جي جان بچي پوندي . جڏهن انهن سقراط کان ان باري ۾ پڇيوته، هو چوڻ لڳو،”جي مان جان بچائي ويس ڀڄي ويس ته مري ويندس، ۽ جي زهر جو پيالو پي ڪري قيامت تائين زنده رهندس.“ پوءِ ڏسو ته سقراط زهر جو پيالو پيتو ۽ هميشه هميشه لاءِ امر ٿي ويو، سقراط زندگي جي تھه ۾ پھچي ان کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هن هنر، فن تخليق، نيڪي، بدي، عدل، انصاف، نيڪي، برائي، ضمير، مذهب، روح، موت ....، خير، شر، شجاعت، سڀ تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو. ايلي باڊيز چوندو هو، ته استاد سقراط ڏسڻ ۾ بنمانس لڳندو هو. پر هن جي اندر ۾ديوتائن جو حسن موجود هو. سقراط جو چيو افلاطون پنھنجي مقالن ۽ تحريرن ۾ لکي ڇڏيو ۽ ان جا خيالات جديد دنيا جي فلسفي جو بنياد بڻيا. بقول ول ڊيورانٽ، “Every school of social thought had there, its representative and its origin” سقراط جي ڪھاڻي، ان جون ڳالهيون، ان جي محبت ۽ سوچ ڪلهه کي متاثر ڪيو، اڄ به هن کان متاثر آهي، ۽ اچڻ وارو ڪالهه به ان کان متاثر رهندو، يعني ماضي، حال ۽ مستقبل سڀ ارسطو جي فسلفي کان متاثر آهن. آخر ۾ شيخ اياز جو شعر پيش ڪندي هي چوندس: “His life story is a Golden thread in the dark Fabric of the World History” سچ وڏو ڏوهاري آ،روز ازل کان پڪڙيو ويو آ زنجيرن ۾ جڪڙو ويو آ، ڳولي ڳولي ماريو ويو آ ڪڏهن زهر پياريو ويو آ، ڪڏهن ڦاهي چاڙهيو ويو آ تيل ڪڙهائي ڪاڙهيو ويو آ، گهاڻي ۾ پيڙايو ويو آ چوٽيءَ تان اڇلايو ويو آ، ها پر پوءِ به انهيءَ جي ساڳي رهندي آئي ريت اڀاڳي! جنھن جي مَنَ م کاٽُ هڻي ٿو تنھنجو سارو چين کڻي ٿو، اڄ تو وٽ مھمان ٿيو آ تو هي به ڪڏهن سوچيو آ، ڪنھن سان تنھنجي ياري آ. ** جيوفري چاسر (Geoffrey Chaucer) مشاهداتي ۽تجرباتي شاعر سنڌيڪار: منظور سولنگي دنيا جي ڪنھن به زبان يا ادب جي شروعاتي تاريخ پڙهبي، ته هر زبان ۾ ڪو نه ڪو شاعر، وڏي شاعر جو روپ وٺي، اچڻ واري نسل لاءِ شاعريءَ جو اهڙو بنياد رکي، حروف و معاني ۽ اسلوب بيان جي اهڙي ڀت ٺاهي ٿو، جو اچڻ واريون نسلون ان تي شاعري جي بھترين عمارت تعمير ڪن ٿيون. هو فرسوده روايتن جا باغي هجن ٿا. اندازِ بيان جو نئون روپ اختيار ڪري شاعرن ۽ اديبن لاءِ آساني پيدا ڪن ٿا، پوءِ ادب جي دنيا ۾ ڏينھن جي شروعات ٿئي ٿي. چاسر کي شايد ان لاءِ ”The Dawn of English Poetry“ چيو وڃي ٿو. پنھنجي پنھنجي زبانن ۾ پشڪن، سروانيئز، شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو ۽ ولي دکني کي ساڳيو ئي مقام حاصل هو. چوڏهين صدي هن لحاظ کان ڪافي اهم آهي. ان ڪري ته انگلستان ۾ جدت پسنديءَ جو آغاز ٿي چڪو هو. زبان، علم ۽ شاعري نئون روپ ڌاري رهي هئي. پراڻو دور ختم ٿي رهيو هو يعني (قدامت پسندي کان جدت پسندي طرف) ”Chaucer is most representative of that age which was the sunset of the “Good Old Time“ گهر گهر وڃي پنھنجي بھادرن، سردارن ۽ شھيدن جا گيت ڳائي تفريح فراهم ڪرڻ وارن فنڪارن جو زمانو ختم ٿي رهيو هو. چاسر هي سڀ ڏٺو ۽ سڀڪجهه ان جي سامھون ٿي رهيو هو. چاسر پنھنجي زماني تي قلم نه کنيو. مذهبي اختلافات، عبادتگاهن ۾ دنيا داري جو عنصر ڪٽر مذهبي پڻي جي خلاف احتجاج. انهن مٿين شين کي پنھنجي شاعريءَ جو موضوع نه بڻايو. هن جا سارا پلاٽ ماضيءَ جي لوڪ ڪھاڻين (Folk Love) مان هئا. هو زندگيءَ جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ڄاڻندو هو. دربار جي باري ۾ هن جي معلومات بي بھا هئي. جنگ ۽ فوجين جي باري ۾به کيس ڪافي تجربو ۽ مشاهدو هو. ان ڪري ته پاڻ سپاهي هو ۽ ڪافي جنگيون وڙهي چڪو هو. اهو سڀڪجهه هن شاعريءَ ۾ سمائي ڇڏيو. جيوفري چاسر (Geoffrey Chaucer) 1340ع تي لنڊن ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد سراءِ جو مالڪ هو ۽ شراب جو ڪاروبار به ڪندو هو. ان ڪري چاسر کي شروع شروع ۾ ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ملڻ ۽ پرکڻ جو موقعو مليو. جڏهن سترهن سالن جو ٿيو ته دربار ۾ معمولي نوڪري ملي وئي. پوءِ هو فوج ۾ شامل رهيو. بادشاهه سان گڏ آرٽوئس (Artois) جي جنگ ۾ حصو ورتو. هن کي دشمنن جي سپاهين پڪڙي قيد ڪري ڇڏيو. ڪافي عرصو قيد رهيو پوءِ ڏن ڏئي کيس ڇڏايو ويو. هاڻ هو بادشاهن جي خاص حلقي ۾ شامل ٿي ويو. ڊيوڪ آف لنڪاسٽر هن جي سرپرستي ڪئي ۽ عھدو وڌايو. فرانس، اٽلي جو سفارتڪار بڻائي موڪليو ويو. 20 پائونڊ پينشن مقرر ڪئي وئي ۽ شراب جو هڪ بيرل روزانو گهر موڪليو ويندو هو. ڊيوڪ آف لنڪاسٽر جڏهن زوال پذير ٿيو ته چاسر جا به خراب ڏينھن شروع ٿيا. پينش رڪجي وئي خوشحالي بدحالي ۾ تبديل ٿي. جڏهن ٻيھر برسر اقتدار ٿيو ته وري ساڳيون ئي موجون موجود. چاسر کي شراب جي محڪمي ۾ ڪلارڪي ملي وئي. چاسر پوري زندگي مصروفيت ۾ گذاري. سپاهي بنجي جنگ وڙهيو. ڪلارڪي ڪيائين. واپارين ۽ دڪاندارن جي نفسيات جو مشاهدو ڪيائين. سفارتڪار بنجي فرانس ۽ اٽلي جي سياسي ماڻهن جي زندگي جو مطالعو ڪيائين، لنڊن جي عام ماڻهن، شرابين ۽ بدمعاشن جي محفلن ۾ ويهڻ جو موقعو مليو. هن کي انسانن جي زندگي کي ويجهو وڃي مشاهدي ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هو. هن انساني زندگي جي مختلف پھلوئن کي ڪافي غور ۽ ويچار سان ڏٺو، پڙهيو، مشاهدو ڪيو ۽ پوءِ پنھنجي شاعري ۾ ان جا خدو خال ڪافي خوبصورت انداز سان پيش ڪيا. ”عالمي ادب ۾ انسانن جي زندگيءَ کي جيئن چاسر (Chaucer) بيان ڪيو آهي، ان جھڙو مثال ٻئي هنڌ نه ٿو ملي.“ ڪنٽربري جي ڪھاڻين ۾ جھڙي طرح خارجي ۽ باطني نقشا ڪڍيا ويا آهن ان مان مٿي ڳالهه واضع ٿئي ٿي. دي ڪنٽربري ٽيلز (The Canter Bury Tales) چاسر جو عظيم شعري ڪارنامو آهي. ڪنٽربري هڪ مقدس جاءِ آهي، جت زائرين (زيارت ڪرڻ وارا) پري پري کان خانقاهن ۽ مزارن جي زيارت لاءِ اچن ٿا. چوڏهين صدي ۾ ماڻهو قافلن جي شڪل ۾ هن مقدس جاءِ تي ايندا هئا. قافلي ۾ زندگي جي هر شعبي جا نمائنده ماڻهو شامل هوندا هئا، جن ۾ واپاري، نواب، شاگرد، ڪلارڪ، عورتون، نيڪ ۽ بد انسان ۽ طوائفون، هر ماڻهو پنھنجي حيثيت آهر سواري تي ايندو هو. ڪجهه ماڻهو پيادل ته ڪي گهوڙن تي، ته ڪي وري چڪڙن تي. سڀئي پورو ڏينھن پئي هلندا رهندا هئا ۽ رات جي وقت ڪنھن سراءِ ۾ قيام ڪندا هئا. وقت گذارڻ لاءِ هو پاڻ ۾ گفتگو ڪندا هئا. پنھنجو تعارف ڪرائيندي ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. ضروري نه آهي ته اها ڪھاڻي آپ بيتي هجي. هي جڳ بيتي ٿي سگهي ٿي. چاسر جون هي ڪھاڻيون اهڙيون ئي آهن. ٿي سگهي ٿو ته چاسر ڪڏهن هنن قافلن ۾ شموليت اختيار ڪئي هجي ۽ هي ڳالهيون ٻڌيون هجن ۽ انهن کي ذهن نشين ڪيو هجي ۽ پوءِ کين شعري صورت ۾ محفوظ ڪيو هجي. بھرحال چاسر جي قلم انهن ڪھاڻين کي يادگار بنائي ڇڏيو آهي. ڇهه سئو سال گذري چڪا، چاسر جي زبان به متروڪ ٿي چڪي آهي، پر هي ڪھاڻيون هاڻ به شوق سان پڙهيون وڃن ٿيون. جيڪڏهن قارئين حضرات پراڻي انگريزي زبان جي لھجي سان واقف آهن ته پوءِ انهن ڪھاڻين ۽ چاسر جي انداز بيان مان لطف حاصل ڪري سگهندا ۽ قارئين هي لطف صدين کان حاصل ڪري رهيا آهن. زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جو پاڻ ۾ گڏجي ويهڻ، ڳالهيون ٻڌائڻ، سرائين ۽ مزارن تي راتيون بسر ڪرڻ وارن جو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان تعارف ڪرائڻ. آپ بيتي ۽ جڳ بيتي ٻڌڻ ۽ سڻڻ جي روايت ڪافي پراڻي آهي. انهن قصن ڪھاڻين مان دنيا جي مختلف زبانن ۾ تمام جاندار ادب تخليق ٿيو اهي. هي سلسلو تمام پراڻو آهي. (اسان جي سنڌي ادب ۾ چار درويش جو قصو بھترين مثال آهي.) چاسر پنھنجون ڪھاڻيون لکڻ لاءِ ٽيهه هزار زائرين جو انتخاب ڪيو آهي جيڪي صبح جو ٽابارڊ جي سراءِ کان ڪنٽربري جي طرف روانا ٿين ٿا. انهن زيارتن ۾ تيرهن سال کان وٺي اسي سال جي عمر جا زيارتي هئا. ان ۾ غريب، پادري، پروقار نواب، مداح، طالب علم چرچ جون با عزت خواتين، آڪسفورڊ يونيورسٽي جا ڪلارڪ، قانوندان، طبيب، هاري، چڪي وارا ۽ ٻيا عام زندگيءَ سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو. بقول (L.A.G: Strong). “It is the first time in English Literature that weave brought face to face with thirty and breathing people.” ٽابارڊ جي سراءِ کان هلڻ کان اڳ هي ڳالهه طئي ٿي چڪي هئي، هر ماڻهو ٻه ڳالهيون ٻڌائيندو ۽ ان وعدي کي نڀايو ويو. جا ڪھاڻي جنھن جنھن ماڻهوءَ ٻڌائي ؛ سارن جي ڪردار، ان جي تجربي جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ پوءِ جڏهن، چاسر انهن ڪهاڻين کي پنھنجي انداز ۾ لکيو ته هن جي بيانيه قوت انهن کي يادگار بنائي ڇڏيو. نقادن جو خيال آهي ته هي ڳالهه درست به آهي، ته چاسر جي اسلوب ۽ ڪھاڻي چوڻ جي فن تي ٻن ماڻهن جو گھرو اثر آهي ۽ اهي ٻه ماڻهو آهن، دانتي (Dante)، بوڪيچيو (Boccaccio). چاسر جڏهن سفارتي ذميواريون نڀائڻ لاءِ اٽلي جا سفر ڪيا ته نه کيس دانتي ۽ بويڪچيو کي پڙهڻ جو موقعو مليو، پر مٿس بوڪيچو جو گهڻو اثر پيو. بوڪيچو جي تصنيف ”ڊيڪمبرون“ جو انداز بلڪل ڪنٽربري ٽيلر جھڙو هو. هن ڪتاب جو تحريري پسمنظر هي آهي، ته شھر فلورنس ۾ طاعون جي بيماري پکڙجي وئي ته شھر جو ست امير عورتون شھر کان نڪري ڳوٺ جي ڪنھن حويلي ۾ رهيون. انهن سان گڏ ٽي مرد به هئا. ان حويلي ۾ ڏهه ڏينھن تائين رهيا ۽ هر ماڻهو روز ڏهه ڪھاڻيون ٻڌائيندو هو، اهڙي طرح ”ڊيڪمبرون“ لکي وئي. ”ڊيڪمبرون“ يوناني لفظ آهي، جنھن جو مطلب آهي ”ڏهه ڏينھن“ بوڪيچو جي هن ڪھاڻين تي هندستاني داستانن جو ڪافي اٿر آهي. بلڪه هن جي تصنيف ”ناٿن جي ڪھاڻي“ هندستان مان کنيل ڪھاڻيءَ تي ٻڌل آهي. چاسر، بوڪيچو کان متاثر ٿي ڪري پنھنجي ڪھاڻين جو پلاٽ بنايو ۽ ٻاويهه دلچسپ ڪھاڻيون تيار ڪيون. جنھن جو پسمنظر، لب و لھجو، ماحول ۽ ڪردارن جي نفسيات ۽ زندگي جي پوري جهلڪ انگلستان جي ماڻهن جي آهي. ڪنٽربري ٽيلز کي انگريزي زبان ۾ ڪافي اهميت ۽ وڏي حيثيت حاصل آهي، جنھن جا ٻه سبب آهن. چاسر پھريون دفعو انگريزي ادب ۾ بيانيه انداز کي شامل ڪري حقيقت نگاري جو بنياد رکيو ۽ ٻي اهميت چاسر انگريزي زبان ۾ ڪافي نوان تجربا ڪيا. چاسر پھريون دفعو انگريزن کي فرانسيسي ۽ لاطيني زبانن جي اثر کان آزاد ڪرايو ۽ خالص لنڊن جي زبان شاعريءَ ۾ شامل ڪئي جنھن کي (Kings English) چيو وڃي ٿو. جنھن کي گهٽ اهميت واري زبان چيو وڃي ٿو. چاسر هن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ۽ پوين شاعرن لاءِ آساني پيدا ڪئي. چاسر ستن مصرعن وارو اسٽينزا (Stanza) لکي کيس بيانيه اسلوب جي قابل بڻايو. (King’s Enlisgh) جنھن کي مفلس زبان چيو وڃي ٿو، تنھن کي مالا مال ڪري ڇڏيو، بقول ڪينرا ميئن: ”he found it a thing of naught and left it so that English poetry had but to add blank verse to it in order to be fully equipped “ چاسر پنھنجي شاعري جي ابتدا عشق و محبت سان ڀرپور جذبن سان ڪئي، انهن نظمن ۾ هو زبان تي پنھنجي ڀرپور صلاحيتن جو اظھار ڪرڻ چاهي پيو ۽ پوءِ ان جي صلاحيت ”بيانيه“ جي طرف مڙي وئي. ان جو پھريون شعري ڪارنامو ”Back of Blanche the Buchess“ هو. جو هن پنھنجي محسن ۽ سرپرست ڊيوآف لنڪاسٽر جي پھرين گهر واري جي وفات تي لکيو. ويلنٽائن ڊي تي قدرت هڪ پارليامينٽ (Parliament of Foules) جو اهتمام ڪري ٿي. ان ۾ شاهين، عقاب ۽ سڀ شڪاري جانور موجود آهن. گاهه تي هلڻ وارا جيت جڻيا به آهن، پارليامينٽ ان ڪري گهرائي وئي هئي ته ان ڏينھن جي موقعي تي جانور، پکي ۽ جيت جڻيا پنھنجي ساٿي جو انتخاب ڪري سگهن. (House of Fame) چاسر جي هڪ نامڪمل نظم آهي، جنھن ۾ هڪ سنھري عقاب چاسر کي ستارن جي طرف کڻي وڃي ٿو ته جيئن چاسر تارن جي ڪھڪشان جي شان ۾ شاعري ڪري سگهي، پر جلدي شاعر جي عمر ان جي آڏو اچي وڃي ٿي ۽ هو عقاب کي زمين تي لاهڻ جي التجا ڪري ٿو، ان ڪري ته ڪراڙپ جي ڪري هاڻي هن کان اهو ڪم ٿي نه سگهندو. ”Legend of Good Women“ چاسر جي ڪافي خوبصورت نظم آهي، جڏھن ڪيوپڊ ان کي سزا ڏئي ٿو، ان ڪري ته هن محبت ڪرڻ وارن جي خلاف پنھنجي هڪ نظم ۾ طنزيه لفظ استعمال ڪيا آهن. پل ايڊمٽيس جي گهر واري ملڪه ايلڪسٽ ان جي هي سزا معاف ڪرائي ٿي ۽ ان کي چوي ٿي ته هاڻ هو انهن عورتن جي باري م نظم لکي جن محبت ۾ ڪافي ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن. چاسر هن نظم ۾ اهڙين عورتن جي باري ۾ شاعري ڪئي آهي. ان يوناني ليجينڊز مان ڪجهه عورتن جون ڪھاڻيون لکيون، جن جو ذڪر ڪافي وقت اڳي اطالوي شاعر Ovlo ڪري چڪو آهي. چاسر جي مشھور رومانوي نظم (Troilus and Criseyde) بوڪيچيو جي مشھور نظم (Ilfilostrato) سان ڪافي مشابھت رکي ٿو. هن مشھور رومانوي قصي کي چاسر پنھنجي انداز م بيان ڪيو آهي. پر ان جو بوڪيچيو جي سڀني رومانوي ۽ جذباتي منظرن کي ترجمو ڪري ان ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. (Trojan War) ٻن محبت ڪرڻ وارن جي ڪھاڻي آهي. چاسر کي عالمي ادب يافته ڪرڻ ۾ هن جي شاهڪار ڪنٽربري ٽيلز (Canterbury Tales) جو وڏو هٿ آهي جيڪا ٽيهه هزار زائرين جي ڪھاڻي ٻڌائڻ جو هڪ مجموعو آهي. هنن ڪھاڻين کان پھريان چاسر پرولوگ لکيو آهي جنھن کي انگريزي شاعري ۾ هڪ شاهڪار تصور ڪيو وڃي ٿو. هن ۾ چاسر اڻٽيھه زائرين جو تفصيل بيان ڪيو آهي (ٽيهون زائر هو پاڻ هو) ان زائرين ۾ مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخص هئا. 1.The Knight, 2. The Monk, 3. The Clerk, 4. The Merchant, 5. The Cook, 6.The Shipman, 7. The Doctor, 8. The Ploughman, 9. the Miller, 10. The Reeve. ۽ ان کان علاوه ڪافي ڪردار شامل آهن جن مان سڀ کان اهم ”The Wife of Bath“ لکيو اٿس. چاسر انهن سڀن جا مھانڊا ۽ ڪردار بيان ڪيا آهن. ايئن ڪندي ان دور جي سڀني شعبن جي نمائندگي ڪندڙ ڪردارن سان تعارف به ڪرايو آهي. جڏهن هو پنھنجون پنھنجون ڳالهيون ٻڌائن ٿا ته دراصل اهي انهن جون پنھنجون ڪھاڻيون آهن، جن ۾ انهن جي سُٺائي، برائي، ڪمزوري ۽ چالاڪي نمايان نظر اچي ٿي. چاسر پرولوگ ۾ جيڪا تفصيل ڏني آهي، سا انهن شخصيتن جو پورو احاطو ڪري ٿي. بس اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪھاڻي ٻڌائڻ وارا هي ڪردار هاڻ پنھنجي ڪھاڻي جا مرڪزي ڪردار آهن چاسر انهن جو پرولوگ ۾ هيئن تعارف ڪرائي ٿو. راهبه (Nun): هن جو نالو مادام الڪنٽائن هو. هو حمديه گيت ڪافي دلڪش انداز بيان ۾ ڳائيندي هئي. فرانسيسي زبان فر فر ڳالهائيندي هئي. کائڻ جا آداب ڄاڻندي هئي، کائڻ وقت ان جون آڱريون ٻوڙ ۾ آليون نه ٿينديون هيون. پنھنجي چپن کي اهڙي طرح صاف ڪندي هئي, جو پاڻي پيئڻ وقت گلاس تي ٻوڙ جو نشان نه ٿيندو هو. ڪنھن کي تڪليف ۾ ڏسي ڳوڙها ڳاڙڻ لڳندي هئي هن سان گڏ ڪجهه ڪتا به هئا، جن کي هوءَ گوشت کارائيندي هئي ۽ کير پياريندي هئي. نڪ خوبصورت ۽ اکيون شفاف هيون. ان جو ڌانه ننڍو ۽ سرخ هو. ** ڪلارڪ (Clerk): آڪسفورڊ جو ڪلارڪ منطق جو شوقين هن جو گهوڙو ڪمزور مويل ۽ ٽيڏو هو. هن جو لباس ڦاٽل هو هن وٽ هڪ سئو ويهه ارسطو جا ڪتاب هئا. جن کي هو مٿي هيٺان رکي سمھندو هو هو سڀڪجهه ڪتابن تي خرچ ڪندو هو. ضرورت وقت ڳالهائيندو هو هر ڳالهه موقعي مناسبت سان ڪندو هو، بلڪل واضع ۽ صاف صاف. ** طبيب (The Doctor): اهي شاد طبيب ۽ حڪيم ستارن جي علم سان مريضن جو علاج ڪندي هئي ستارن جي جاءِ ڏسي مريض کي ان موجب دوا ڏيندي هئي. نه بقراط کان واقف نه ابن راشد ۽ ابن سينا سان سڃاڻپ سٺو لباس زيب تن ڪافي ڪمايو، پر خرچ نه ڪيائين ڪنجوس ۽ بخيل سمهڻ سان خاص محبت ڇو ته ڪشتن ۾ سون استعمال ٿئي ٿو. ** هاري (The Ploughman): سچو محنت ڪش ايماندار، رب سان پيار ڪرڻ وارو غم هجي يا خوشي هر دم خدا جو ذڪر ڪرڻ وارو رب کان بعد پاڙي وارن سان پيار ڪرڻ وارو يسوع جي نالي تي سڀن جي مدد ڪرڻ وارو هر ڪنھن لاءِ هروقت بغير معاوضي جي خدمت لاءِ تيار. ** چڪي وارو (The Miller): مضبوط هڏين مان بڻيل ماڻهو سينو ويڪرو ڪنڌا ننڍا ڏاڙهي ڳاڙهي بلڪل لومڙيءَ جيان کليل منھن بٺي جيان باتوني، داستان گو اناج چورائڻ وارو. ** جنسي ڪھاڻيون ٻڌائڻ وارو (The Wife of Bath): باٿ (ڳوٺ) جي ڀرسان رهڻ واري هڪ گهريلو خاتون ڪپڙا ٺاهڻ جي ماهر خوبصورت رنگ گلابي پنجن مردن سان گرجي ۾ شادي ڪيائين گرجي جي ٻاهر به شاديون بي شمار مردن جي صحبت ۾ خوش ڏاڍيان ٻڌندي هئي ڇو ته هڪ دفعي پنجين مڙس ماريس ته، سماعت ويندي رهي. مقدس جاين تي وڃڻ جي شوقين گپ شپ جي عادي محبت جي قديم فن کان نا آشنا. نچڻ کان پوري ريت باخبر کلڻ جي شوقين. ** نواب (Landlord): عادتون نوابانه، گهوڙن جو شوقين مصر، اسپين ۽ افريقه ۾ ڪافي جنگيون لڙيون ان لاءِ نواب چورائي ٿو. ** نواب جو پٽ (Son of Landlord): عمر 30 سال شرميلا بھادر، بھادري کان متاثر هڪ ڇوڪري عاشق ٿي جنھن جو چھرو گلابي مـئي جي ڏينھن جيان روشن. ** سوداگر (The Merchant): ڏاڙهي گهاٽي، مٿي سان پيٽ لڳل (وڏو پيٽ) گهوڙو مضبوط ۽ خوبصورت. ** چاسر اهڙي طرح سڀني زائرين جا مُھانڊا بيان ڪيا آهن، پر سڀني کان وڌيڪ (دي وائيف آف باٿ) جو ڪردار سڀ کان مقبول آ، هي ڪردار عالمي شھرت رکي ٿو ۽ ان کي زنده ڪردارن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. انهن سڀني ڪردارن جون ٻڌايل ڪھاڻيون انهن ڪردارن جي خدو خال جي عين مطابق آهن. مثال طور چڪيءَ واري (دي ملر) جي جيڪا ڪھاڻي آهي ان ۾ اناج جي چوريءَ جو ذڪر اهي. پر ان جي گناهه جي سزا هن طرح ملي ٿي جو هن جي گهر واريءَ سان هڪ ڪردار جنسي فعل ڪري ٿو ...... چاسر جي انهن ڪھاڻين ۾ فحاشيءَ جي عنصرن جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي. جڏهن به ادب ۾ فحاشي جو ذڪر ڇِڙي ٿو ته چاسر جي ڪھاڻين جو ذڪر ضرور اچيٿو ۽ پوءِ چاسر جي هن خاميءَ کي حقيقت پسندي (Realism) جو نالو ڏئي سٺائي ۾ بدلايو وڃي ٿو. ”ڪنٽربري ٽيلز“ جي اهم ترين صفت ڪردارن جو اهو لب و لھجو آهي جو قرونِ وسطى جي ماڻهن جو لب و لھجو هو. اسان جي ڪھاڻين ۾ ڪاميڊي آف ايڪشن جي فضا طاري ٿئي ٿي. رستي ۾ سفر دوران جھڙيءَ طرح هو هڪٻئي سان مخاطب ٿين ٿا، جيڪا انهن جي ڳالهه ٻولهه آهي سا ئي انهن ڪھاڻي جي جان آهي. هر ڪردار جي لاءِ جيڪا ڪھاڻي چاسر منتخب ڪئي آهي سا ان جي ڪردارن جي زندگي، ماحول، رهڻي ڪھڻي کي ظاهر ڪري ٿي. زائرين جو سفر جاري رهي ٿو. گهوڙا هڻڪن ٿا. ڪاٽيز تي تلوارن جا رستا ٽھڪن ٿا. هاؤ هاؤ جا آوازَ گونجن ٿا. چاسر جا ڪردار ڪھاڻيون ٻڌائيندا رهن ٿا، چاسر جي انهن ڪھاڻين ۾ ڀانت ڀانت جون ڪھاڻيون موجود آهن. پر انهن سڀني ۾ چاسر جو اسلوب بيانيه ۽ شعري حُسن (متروڪ زبان جي باوجود) انتھائي عروج تي آهي. ان لاءِ اٺ سئو سال پھريان لکيل هي ڪھاڻيون اڄ به زنده آهن. بقول ڊاڪٽر LK.PEARCE ”چاسر جي فنڪارانه هنرمندي هن جو اسلوب بيان، ڪردارنگاري، شعري موسيقيت انساني نفسيات تي عبور، گرفت مذهبي اخلاقي ۽ فلسفيانه طرز احساس، انهن سڀني سببن گڏجي هن جي ڪھاڻين کي بي مثال ۽ منفرد بڻايو آهي. مزاح ۽ سنجيدگي جي ميلاپ ان ۾ هڪ حسن پيدا ڪري ڇڏيو آهي. زندگيءَ جا ڀرپور مشاهدا ۽ تجربات ان کي نھايت جاندار ۽ شاندار بڻائي ڇڏين ٿا. اهي ئي خصوصيتون آهن جن جي آڌار تي چاسر کي نه صرف انگلستان بلڪه عالمي سطح تي هڪ عظيم شاعر تصور ڪيو وڃي ٿو.