ڪوهستان جا تاريخي مهاڳ ،،،، جميل الزمان لوهاراڻي برفت / ٿاڻو بولا خان ڌرتي قدرت واري سهڻي ۽ خوبصورت بنائي آهي قدرتي تخليق ۽ حسناڪين کي ڏسندي انساني عقل بلڪل دنگ رهجي وڃي ، اهڙي طرح پڻ سنڌ ڌرتي تخليق ۽ حسناڪين جو عڪس آهي ، هونهن تہ سڄي سنڌ سهڻي آهي پر خاص ڪري ضلعي ڄامشوري جي تعلقي ٿاڻي بولاخان جا ڪوهستاني علائقا جيڪي فطرتي حسن ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن ، ڪوهستان جي ايراضي 45 هزار چورس ميلن کان به مٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق هڪ ميل جي علائقي ۾ ست ماڻهو رهن ٿا.ڪوهستان قديم آثارن جي لحاظ کان گهڻو مشهور آهي، بزرگن اوليائن ۽ اصحابن جا مقبرا قدرتي پاڻي جا چشما وڏا وڏا جبل مهمان نوازي پڻ ڪوهستان جي حسن جو حصو آهن ، ٿاڻي بولاخان کان اُتر طرف ستر ڪلوميٽرن تي تونگ درگاه ڄام لوهار واري چوڪنڊي قبرستان بابت ليکڪن لکيو آهي ته قبرستان 16هين صدي عيسوي کان 18هين صدي عيسوي جو لڳي ٿو ، هن قبرستان ۾ 399ٽي سو نوانوي چوڪنڊي نموني مختلف پٿرن ۽ مختلف نموني جي اکر ۽ لکتون پڻ قبرن تي موجود آهن ، قبرون ڪي ساديون ته ڪن تي اڪر ٿيل آھي. ٻن کان وٺي سورنھن پٿرن جي سليبن تائين قبرون ملن ٿيون، جيڪي مٿاڇري کان 12 فوٽ مٿي آھن. ھتي پورڻ جو نمونو -ٽن- طريقن جو ملي ٿو. ھتي ڪن قبرن ۾ ھڪ کان مٿي مردن پورڻ جو -پتو- پوي ٿو، جو ھڪ کان مٿي ھڏاوان، پڃرا مليا آھن. ڪن قبرن ۾ ٺڪراٺو ۽ -اناج- جا داڻا به مليا آھن. ھڪ کان وڌيڪ پوريل مردن واريون 31 قبرون آھن. ھي قبرستان ڪيترن ئي ايڪڙن تي ڦھليل آھي. 1991ع ۾ ھن قبرستان تي 5 لک روپيا خرچ ڪري، ڪريل قبرستان جي سليبن کي ٻيھر جوڙي قبرون ٺاھيون ويون ۽ پڻ جھنگ وغيره صاف ڪيو ويو تاريخ جا ڪتاب لکن ٿا تہ ڄام آري بدو جي بادشاهي ۾ مغلن جي دور ۾ سيوهڻ کان وٺي نديء جي ساڄي ڪپ تائين گادي جو هنڌ تونگ هو ، ڄام آري بدو ڄام لوهار جو والد هو ، ڄام آري بدو کان پوء برفت قبيلي جو پڳدار ڄام لوهار ٿيو هو ، ڄام لوهار انتهائي دل جو سخي ۽ فقيراڻي طبيعت جو انسان هو ، راڄ ڀاڳ ۽ برفت قبيلي جي پڳ پنهنجي ڀائرن حوالي ڪري پاڻ گوشي نشيني اختيار ڪئي ، پوء پڳ حمل خان تي آهي جيڪو ڄام لوهار جو ننڍو ڀاء هو جنهن جي خاندان ۾ ، حملاڻي ، آهن ، حمل خان جي خاندان مان مختلف ور وڪوڙ ۽ وقت کائيندي جڏهن پڳ سندس ئي خاندان مان ڪانڀو خان تي آهي هي شخصيت انتهائي طاقتور ۽ سگهاري شخصيت هئي جنهن مغل بادشاهن کي سيوهڻ ۽ ٺٽي وارن هنڌن تي وڏا نقصان رسايا جنهن بعد مغل بادشاه ڪانڀو خان کي گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ ڪانڀو خان کي جاگيرون ۽ ۔ ملڪ ۔ جو خطاب ڏنو، جنهن بعد نومڙئي قبيلي جي سردار کي ، ملڪ ، سڏيو ويندو آهي ، جيڪو سلسلو اڄ تائين هلندو اچي ٿو ، ملڪ سردار خان کان ٿيندو ساڳئين ئي حمل خان جي خاندان مان ملڪ سڪندر خان ۽ پوء سندس فرزند ملڪ اسد سڪندر خان جيڪو هن وقت هن قبيلي سان گڏ ڪيترن ئي ذاتن جو سرواڻ آهي ، ڳالهه هلي پئي ڪوهستان جي قديم آثارن ۽ خوبصورتي بخشيندڙ مهاڳن جي ، ساڳئين ئي چوڪنڊي تونگ واري قبرستان کان اولهہ طرف ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قدرتي پاڻي جو چشمو پڻ آهي جيڪو مقامي ماڻهن مطابق پنج سو سال کان به پراڻو آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين وهندو اچي پيو ، هتان جي مقامي ماڻهن جو گذر سفر پڻ هن مان ٿئي ٿو ، قدرتي چشمي جي ڀرسان هندو مذهب جو پوڄا گهر پڻ آهي جيڪو ، رتن ناٿ ، جي نالي سان سنڌ توڙي هند ۾ مشهور آهي ، جتي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت هندستان مان به سندس عقيدت مند حاضري ڀريندا آهن ، ساڳئين ئي تونگ ۾ اوڀر طرف ڪجهہ مفاصلي تي کيرٿر نيشنل پارڪ پڻ آهي جيڪو ڪوهستاني علائقي ڪرچات سان لڳندڙ ۽ سندس نالي پويان مشهور آهي پر جيڪا خوبصورتي تونگ واري علائقي مان نظر اچي ٿي ، شايد ٻئي ڪنهن هنڌان نه اچي ، اوڀر طرف آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هي جبل خاص ڪري برساتن ۾ سياحن جي نظرن جو مرڪز بڻيل هوندو ،. کير ٿر جبل ۾ ڪيتريون ئي سهڻيون ماٿريون آهن، جيڪي وسڪاري کانپوءِ سرسبز ۽ وڻندڙ ٿيو پون. برسات جي وسڪاري کانپوء کيرٿر ۽ ِ پورو ڪوهستان سائو رئو ڍڪيندو آهي. ڪيترائي اڻ پوکيل قدرتي خودرو گاهه، ٻوٽا، وليون، اڀري پوندا آهن. وڻن ٽڻن ۾ ساهه پئجي ويندو آهي. پيرون، سڱريون، ڏونرا، کٽاليون، ڪوڊير، منڊيري، ڱانڱيون، منگها، چٻڙ، سنگهراٽيون، ليار، مليرو، گولاڙا، کنڀيون، ڊامڻ، ڇهيو، جل، ڊڀ، کنب، للر، مانڌاڻو، ٽوهه، لاڻي،ڳاڱا، کٽالي مُنگھا ليار ، کٽالي ، گوهنار ، وغيره جام ٿيندا آهن ، جبل ۾ موجود جانور سرهہ ، گڊه ، هرڻ ، ۽ ناياب نسل جا پکي پڻ آهن ، جنهن کي جنگلي جيوت کاتي پاران محفوظ ڪرڻ لاء زبردست انتظام ٿيل آهن ، ڪوهستاني علائقي جي مشهور نئين بارڻ آهي جيڪا پڻ کيرٿر جبل مان نڪري ٿي ، ڪوهستاني ماڻهن جي زندگي شهري زندگي کان بلڪل الڳ آهي ، مهمان نوازي هتي جي ماڻهن جي تاريخي ۽ قديم روايت آهي ، هي سندن ايمان آهي ته ماني موليٰ جي آهي. داڻي داڻي تي مهر لڳل آهي. ، ڪوڏر ، ڪهاڙي ، اجرڪ ۽ پٽڪو پهريل هي ڪوهستاني باشنده سنڌ جي ثقافت کي ڪيترين ئي سالن کان اوجاگر ڪندا اچن ، گهرن ۾ عورتون گج يا ڪنجري پائينديون آهن ، ڪوهستاني مردن سان گڏ هتان جون عورتو به محنتي ۽ هنر ڪش آهن ، ڦڙن مان ، تڏا ،ڇتر ، ٻوهارا، هٿ جو ڀرت ڀريل رليون، موتين جي پوچ جو ڪم وهاڻا، سڳيون ،ڪنڊلا ۽ گهگهو خوبصورتي جي ڪري گهڻو مشهور آهي ، ڪوهستاني مالوند ماڻهو پنهنجي ٻني ، وني لڄ ، ۽ مال کي جان کان به مٿي ڀانئيندا آهن ، برسات پوڻ کان پوء هتان جي باراني زمين پوکڻ جي لائق ٿيو پوي ، جنهن ۾ اڪثر ڪري مکيه پوکون تر، مڱ، جوئر، ۽ گوار پوکيندا آهن . برساتن کا پوء اڪ، ٿوهر، گگر، ٻير، ڪنڊي، ٻٻر، کور، نانگ ڦڻ، پٽ ڪنوار ۽ ٻين وڻڻ ۽ ٻوٽن ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويندو آهي. نانگ ڦڻ جنهن جو گل خوبصورت ٿئي ٿو ۽ پچڻ کانپوءِ ان جو ميوو به سوادي ٿئي ٿو ٽوهٽينگ جي ٻوٽي ريتيلي جاءِ تي جام ٿئي ٿي جنهن جي پاڙ کي سڪائي، پسائي اڇو سوهيرو ٺاهيو ويندو آهي. گهڻا ماڻهو پاڙ مٿان کل لاهي سرمي داني وانگر اکين ۾ ڦيرائيندا آهن. پهرئين ان جو ڄر ستين آسمان تائين پهچايو ڇڏي ۽ ڳوڙهن نڪرڻ کانپوءِ اکين ۾ ٿڌاڻ لهي ايندي آهي. جهُور هتي گهڻو ٿئي ٿو جنهن جو گل ته خوبصورت آهي پر پاڻ ته اهڙو قاتل زهر آهي جو اٺ جهڙو جانور به ان کان پاسو ڪري. اٺ کي ”جهُور“ کان پري رکڻ لاءِ ننڍي هوندي ئي هن جي پنن جو واس ڏيندا آهن. جيئن ننڍائي کان ئي هن جي زهر جو ڌپ سندس دماغ تي ڇانئجي وڃي ته وڏو ٿي هن کي ويجهو نه وڃي. ڪوهستاني ماڻهن جو چوپايو مال سان وڏو چاه هوندو آهي ، گهڻو ڪري ، ٻڪريون ، رڌون ، گئون ، وڏي تعداد ۾ پاليندا آهن ، برسات نه پوڻ سان چوپايو مال کي وڏو نقصان رسندو آهي ، برسات جي وسڻ کانپوء مالوند ماڻهن جي چهرن تي گم ٿي ويل مرڪ واپس موٽندي آهي جيڪا ڪنهن عيد جي خوشي کان گهٽ ناهي هوندي ، ڪوهستاني سگهڙ لوڪ ادب جا پارکو فن جي حوالي سان جڳ مشهور آهن ، خاص ڪري سياري جي موسم ۾ جڏهن سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار کان پوء ٿڪ لاهڻ لاء شام داري اوطاقن تي وڏا مچ ٻاري ڪچهريون ڪندا آهن ته آس پاس جي علائقن مان ننڍا ، وڏا ، ٻار پوڙها ، پڪا اچيو ڪچهري جا مور بنجدا آهن، ڪچهري ۾ مقامي فنڪار ، ڏور ، بيت ، ڳجهارتون ، ڪاڻهيون ، قصا ، راڳ ، بانسري ، ڌنبورو ، چڻگ ، ۽ مورا ٻدائي محفل ۾ ايندڙ ماڻهن کان ڌاد وصول ڪندا آهن ، جيتوڻيڪ هاڻوڪيون برساتون ڪوهستان ۾ گهٽ وسيون آهن پر دل ۾ آس ۽ اميدون پالڻهار ۾ رکيو ويٺا آهن ، بارگاهه الهاهي ۾ دعا آهي ، اسان جو ملڪ پاڪستان سنڌ اسان جي جند سدا سرسبز ۽ آباد رهي ، ڪوهستان ۽ ڪوهستاني مسڪرائيندا رهن ، آمين