• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سر ڪلياڻ

محراب علي سنڌي

سينيئر رڪن
)
ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺭﺳﺎﻟﻲ ﺟﻲ ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ ﺳﺮ ’ ڪﻠﻴﺎﮠ ‘ ﺳﺎﻥ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ . ڪﻠﻴﺎﮠ ﺳﻨﺴڪﺮﺕ ﻟﻔﻆ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲٰ ﺁﻫﻲ ” ﺳﮏ، ﺷﺎﻧﺘﻲ، ﺁﻧﻨﺪ .“ ﻫﻲ ﺳﺮ، ﺩﻝ ﮐﻲ ﺳڪﻮﻥ ﺑﺨﺸﻲ ﭤﻮ، ﮔﺎﺋڪﻲﺀَ ﻣﻮﺟﺐ ﻫﻲ ﺳﺮ ﺩﻳﭙڪ ﺭﺍﮖ ﺟﻲ ﺍﭠﻦ ﭘٽﻦ ﻣﺎﻥ ﻫڪ ﺁﻫﻲ ۽ ﺳﻨﺠﻬﺎ ﺟﻮ ﮘﺎﺋﺒﻮ ﺁﻫﻲ . ڪﻠﻴﺎﮠ ﺁڏﻭﺍﮢﻲ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ : ” ﻫﻦ ﺳﺮ ۾ ﺷﺎﻫﻪ ﺻﺎﺣﺐ ﺳﭛ ﮐﺎﻥ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻭﺣﺪﺕ ﻣﺎﻥ ڪﺜﺮﺕ ﻭﺍﺭﻭ ﺻﻮﻓﻴﺎﮢﻮ ﺭﺍﺯ ﺳﻤﺠﻬﺎﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺭﺏ ﻫڪ ﺁﻫﻲ ۽ ﺳﻨﺪﺱ ڪﻮ ﺛﺎﻧﻲ ﻧﺎﻫﻲ . ﻫﻲﺀُ ﺳﻤﻮﺭﻱ ﻇﺎﻫﺮﻱ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﻫﻴڪڙﺍﺋﻲﺀَ ﻣﺎﻥ ﻧڪﺘﻲ ﺁﻫﻲ ۽ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﺗﻲ ﻣﻴﺮﺍﻥ ﺁﻫﻲ . ﻫﻲ ﺳﭵﻮ ﻣﺎﻧڊﺍﮠ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﻨڊﻳﻞ ﺁﻫﻲ .
ﭘﺎﮢَﻬِﻴﻦ ﺟَﻞَّ ﺟَﻠَﺎﻟَﮧٗ، ﭘﺎﮢﻬِﻴﻦ ﺟﺎﻥِ ﺟﻤﺎﻝُ؛
ﭘﺎﮢﻬِﻴﻦ ﺻﻮﺭﺕ ﭘِﺮِﻳﻦﺀَ ﺟﻲ، ﭘﺎﮢﻬِﻴﻦ ﺣُﺴﻦ ڪَﻤﺎﻝُ؛
ﭘﺎﮢﻬِﻴﻦ ﭘِﺮ ﻣُﺮﻳﺪ ﭤﺌﻲ، ﭘﺎﮢﻬِﻴﻦ ﭘﺎﮠَ ﺧﻴﺎﻝُ؛
ﺳﭛ ﺳﭝﻮﺋﻲ ﺣﺎﻝُ، ﻣﻨﺠﮭﺎﻥ ﻫﻲ ﻣﻌﻠﻮﻡ ﭤﺌﻲ
 
Back
Top