حبيب آ هلي تون هاڻي جو هاڻي، سگھو طرف سانگيءَ جي لالڻ لاڙڪاڻي، احسان علي گل تي جواني شل ماڻي، توکي الھ شل آڻي، ته دودائيءَ ۾ ديدار ٿئي. ** ملي وڃ يار تون مونسان، اچانڪ موت ايندو آ، حياتيءَ تي ناهي بانور، وڇوڙو ٿي ته ويندو آ. زماني کي ڀلا ڇاهي، زمانو ئي ته ظالم آ، حقيقت حال منهنجي جِي مٺا توکي ته معلوم آ، دشمن دوست مان پيدا اڪثر يار ٿيندو آ. حياتيءَ تي ناهي بانور، وڇوڙو ٿي ته ويندو آ. ڀُلائي تون ڀَلا وئين ڇا ڪري ڪيڏيون مونسان باتيون، مونکي بس ياد ئي آهن گذاريون تو مونسان راتيون، وساريندو ته مان ناهيان جيڪو يار قرب ڏيندو آ، حياتيءَ تي ناهي بانور، وڇوڙو ٿي ته ويندو آ. وڇوڙي جِي هوا ”سانگي“ خدا ڪنهن لئه گھُلائي نا، نصيبن ۾ ٿيندو ميلو لکيل آهي الائي نا، الائي ڇو ”علي گل“ هِي وهم دل کي ته هوندو آ، حياتيءَ تي ناهي بانور، وڇوڙو ٿي ته ويندو آ. ٻول : علي گل سانگي آواز : منظور سخيراڻي