درد سونهن جو شاعر آثم ناٿن شاهي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏7 آڪٽوبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    درد ۽ سونهن جو شاعرآثم ناٿن شاهي

    جي 11 ورسي جي ياد ۾
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سونهن ڀري مهراڻ جا سڀئي شهر ڪنهن نه ڪنهن ادبي ذوق واري صفت واري شخصيتن سان ثم ثار لڳا پيا آهن هن وادي مهراڻ جي خوشبو ۽ چيڪي مٽي جي هڳاءَ سان لفظن جي مالها پوئڻ ۾ خيرپور ناٿن شاهه شهر کي اهيو اعزاز حاصل آهي جو هن شهر جي شاعرن ،اديبن ، پاڻ ملهائي پنهنجي شهر ۽ پنهنجو ادبي لڏي منجهه نالو نروار ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي اهڙي ريت الله بخش سولنگي جي گهر انهن وقت خوشي جو سماع پرهه ڦٽي مهل 2 جنوري ڇنڇر ڏينهن سال 1937ع ڌاري غلام رسول سو لنگي ڳوٺ کاٿڙي ۾ اکيون کوليون . اڳتي هلي سندس ادبي سڃاڻپ (آثم ناٿن شاهي ) سان ٿي آثم ناٿن شاهي پڙهڻ جي عمر کي پهتو ته والد سندس ڦرهي هٿ ۾ ڏئي اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان هن محنت سان سنڌي جا پنج درجا تعليم وٺي امتحان ڏئي پاس ڪيا ، بعد ۾ سندس والد صاحب سندس کي مدرسي ۾ ديني تعليم سان آرا ستا ڪرڻ جي ڀر پور ڪوشش ڪئي ان زماني منجهه آثم ناٿن شاهي جو نانو مولانا (فيض محمد پريشان ( سولنگي ) جيڪو پڻ هڪ وڏو عالم هو جنهن جو مدرسو اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي وارهه تعلقي جي ڳوٺ الهرکيو جلباڻي ۾ قائم هو جتان هن عربي ۽ فارسي جي تعليم پرائي . مڱر ننڍي وهي کان وٺي شعرو شاعري ڪرڻ سان دلي لڳاءَ هيس پس پوءِ شاعرانه انداز ۾ من جو آواز ڪڏهن غزل جي صورت ۾ ته ڪڏهن وري آزاد نظمن ۾ پنهنجي من جو آواز عام خلق کان علاوه دوستن احبابن جي ڪچهري ۾ پيو اظهار ڪندو وتندو هيو ، روزگار جي ته پرواهه ئي نه رهيس ڪڏهن ڪڙمت جو ڪم آسان لڳندو هيس ته ڪڏهن وري عام مزدورن سان گڏجي مزدوري ڪندي نظر آيو بس پوءِ زندگي جي گاڏي کي خانگي ملازمت ڪري پيو پيٽ گذر ڪندو رهيو آثم ناٿن شاهي شاعري جا سڀ گر وري پنهنجي ڳوٺائي خيرپور ناٿن شاهه جي رهواسي مشق غزل گو شاعر (سيد نياز علي شاهه ) ادبي لڏي ۾ وري سندس سڃاڻپ (محسن ڪڪڙائي ) طور ٿئيندڙ کان شاعري جي اصلاح ڪرائيندو ڪرائيندو پنهنجو نالو ادبي لڏي ۾ (آثم تخلص) استعمال ڪري آثم ناٿن شاهي سان سڃاڻپ ظاهر ڪرائي ڇڏي پاڻ جديد سنڌي شاعري جو هڪ منفرد ڪوڏيو شاعر ٿي گذريو آهي شاعري جي مڙني صنفن منجهه پنهنجي من جو آواز پوءِ اهو نظم جي صورت ۾ هجي يا غزل تنهن کانسواءِ آزاد نظم به جهجي انداز ۾ چيل اٿس آثم ناٿن شاهي صاحب جو فن ۽ انداز بيان نهايت رس ڀريو ۽ زرخير نظر اچي ٿو سندس شاعري جا هزارين شعر سنڌ جي مختلف اخبارن ، رسالن ، ميگزين ۾ ڇپئجي عام خلق تائين پهتا آهن پاڻ سال 1962ع کان وٺي پنهنجي استاد محسن ڪڪڙائي کان تربيت وٺي خيرپور ناٿن شاهه جي شهر منجهه (بزم طالب المولي) شاخ قائم ڪري ادبي ڪوسشن سان نيهن لاتائين جلدي ئي بزم پاران (درس ادب ) جو شعبي جو پايو وجهي شاعري سان دلي لڳاءَ رکندڙ هر ماڻهون ۽ خاص ڪري نوجوان کيتر کي شاعري جا گر سيکارڻ جو هڪ نهايت بهترين بندوبست ڪري انهن جي اصلاح ڪندو رهيو ، آثم ناٿن شاهي پنهنجي استاد جي بهترين صلاحيتن منجهان مصفيد ٿيندي خيرپور ناٿن شاهه ۾ (اداره فلاح و بهبود )جو بنياد وجهي هڪ بهترين ( لائبريري ) پڻ قائم ڪري علمي ۽ ادبي ڄاڻ سان شهر واسين کي نوازي ڇڏيو آثم ناٿن شاهي نثر توڙي نظم سان گڏ سنڌي ادب جي سونهن ۾ اضافو ڪندي 25 ڪتاب سان پنهنجو ادبي نالو ڪڍرائي نروار ڪرايو ان کان علاوه ڪيترائي مضمون مقالا ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيا اٿس ، سندس شاعري جو مجموعو (جڏهن الا اڀ ۾ ) ۽ لهرون لهرون لاٽ پڻ ڇپجي مارڪيٽ جي سونهن بڻيا آهن. جڏهن ته ٻين ڪتابن ۾ ( ڪتين ڪر موڙيا ، تاريخ جو مطالعو ، مظلوم ڪربلا ، پڙتال ، ٻه روپ ، پڻ اڻڇپيل ڪتابن ۾ شمار ٿين ٿا ،آثم ناٿن شاهي سنڌي جي ڀلوڙ شاعرن جي سمورين جوور مالڪ شاعر هو سندس شاعري ۾ استادانه حيثيت جو حامل رهيو آهي پنهنجي دور ۾ هن شاعري ڪندڙ ڪيترن ئي نوجوانن کي سکيا ڏئي پنهنجو شاگرد بڻايو ، سندس شاگردن جو هڪ بهترين تعداد نظر اچي ٿو آثم ناٿن شاهي کي ادبي خدمتن عيوض مڃتا طور ايواردن سان پڻ نوازيو ويو سال 1994ع ڌاري (ڪينجهرادبي ايوارڊ ) سان نوازيو ويو سال 1999ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران سندس شعري مجموعي واري ڪتاب (لهرون لهرون لاٽ ) ٻه ٽي نقد انعامن سان پڻ نوازيو ويو آثم ناٿن شاهي پنهنجي من جو آواز شاعري جي روپ ۾ ڪهڙي نه بهترين انداز ۾ بيان ڪري ٻڌائي ٿو ته

    تنهنجو چهرو گلاب جهڙو آ ،

    ڪنهن مقدس ڪتاب جهڙو آ

    هن جو مونسان ملڻ اڃا تائين

    ڪنوار پڻ جي حجاب جهڙو آ

    خوبصورت بتن جو پوڄائون ،

    ڏوهه آ پر ثواب جهڙو آ

    سنڌ جو هي بهترين شاعر اديب پنهنجي زندگي ۾ ڪراچي جي هوائن جو مزو وٺندي روزگار سانگي ڪافي سال هڪ ننڍڙو دوڪان کولي پنهنجي زندگي جو گاڏو گهليندو رهيو ۽ مسلسل چاليهارو سال هو سنڌي ادب جي سونهن ۾ پنهنجي ڏات سان لکندو قلم وسيلي اضافو ڪندي ڪڏهن به نه ٿڪاوٽ محسوس نه ڪيائين سنڌ جي هن ڀلوڙ در ۽ سونهن جي پوڄاري شاعر آخر ڪار زندگي جو 69سال 9 مهينا 4 ڏينهن زندگي جا گهاري جمعي جي ڀلاري ڏينهن 6 آڪٽوبر 2006 سڀني ادبي مصروفيات منجهان هٿ ڪڍي وڃي ابدي آرامي ٿيو سندس اڄ 11 ورسي خيرپور ناٿن شاهه ۾ ملهائي ويندي نموني طور سندس جو شعر پيش ڪجي ٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو