ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته عُمر جو دارومدار دماغ جِي سالميت تي آهي.. 19 ۽ ويهين صديءَ جا ڇوڪرا 20 سالن کانپوءِ بالغ ٿيندا هُئا ۽ ڇوڪريون پڻ 18 سالن جي عمر ۾ بالغ ٿينديون هيون پر اُنهن کي سيڪس ۽ پيار جِي ايتري خبر نه هوندي هُئي. ڪنهن وڏي عُمر جي شخص ٻُڌايو ته، اسان جڏهن ننڍا هُئاسين (يعني 15 سالن جا) ته ڇوڪرين سان گڏ رانديون رهندا هُئاسين، واٽرن تي گڏ وهجندا هُئاسين پر اسانکي سيڪس يا پيار جو خيال ئي نه ايندو هو، ڀلي کڻي ڇوڪري ڪيڏي به سُهڻي ڇونه هُجي اسانجي صحت تي ڪو اثر ئي نه پوندو هو.. ڇوڪريون ته اسانکان وڌيڪ ڪم عقل هونديون هيون، انهنجي جواني جڏهن جسم مان ظاهر ٿيڻ لڳندي هُئي ته هڪٻئي کي چونديون هيون، مونکي بيماري ٿي پئي آ، سيني تي ڳوڙهيون ظاهر پيون ٿين.. مطلب ته انهن کي 20 هين سال خبر پوندي هُئي ته بالغ ٿيا آهيون ۽ پوءِ انهنجون عمريون به ته وڏيون، ڪنهنجي عمر 80 سال ته ڪا مائي 100 ورهيه به ٽِپي ويندي هُئي.. هاڻ ڏِسجي ته 21هين صديءَ جو ٻار جلدي جوان (بالغ) ٿو ٿئي، ڇوڪريون 10 سالن جي عمر ۾ ئي سڀ ڪُجھ ڄاڻي وٺنديون آهن ۽ ڇوڪرا ته ڄمندي ئي ڄام .. ! پرائمريءَ ۾ ئي سڀ خبر پئجي ويندي اٿن ته زندگيءَ جي اصل حقيقت ڇا آهي.. تڏهن ته هاڻ پرائمريءَ ۾ به ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جا ڪلاس (بلڪه اسڪول ئي) جُدا ڪري ڇڏيا اٿن.. ته ان حساب سان منهنجي خيال ۾ عمر به 60 تائين دنگ ڪندي، ڇوته انهن جو دماغ ئي ايترو تيزيءَ سان ڪم پيو ڪري.. توهان ٻُڌو هوندو ته ذهين ترين ماڻهو جلدي زندگيءَ جي سرحد ٽِپي ويندا آهن، جيئن مثال عافيه ڪريم ڇوڪري اسانجي سامهون آهي.. ان حساب سان موجوده صدي ۽ اسانکان پوءِ ايندڙن صدين جي ماڻهن جون عمريون تمام ننڍيون ٿينديون.. ايستائين جو عمر جِي لمٽ وڃي 30 تائين پڄندي.. اهڙا ماڻهو ڏسڻ لاءِ اسان زنده نه هونداسين. ۽ انکان پوءِ دنيا ختم ٿي ويندي..